خيرپور ناٿن شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خيرپور ناٿن شاھ
شھر
ڪي.اين.شاھ
سنڌ جي نقشي ۾ دادو ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ دادو ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
خيرپور ناٿن شاھ is located in سنڌ
خيرپور ناٿن شاھ
خيرپور ناٿن شاھ
خيرپور ناٿن شاھ is located in Pakistan
خيرپور ناٿن شاھ
خيرپور ناٿن شاھ
جاگرافي بيهڪ: Khairpur Nathan Shah town 27°04′N 67°26′E / 27.06°N 67.44°E / 27.06; 67.44مڪانيت: Khairpur Nathan Shah town 27°04′N 67°26′E / 27.06°N 67.44°E / 27.06; 67.44
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ضلعو دادو
حڪومت
 • صوبائي اسيمبلي جو ميمبر عزيز جوڻيجو


خيرپور ناٿن شاھ (انگريزي: Khairpur Nathan Shah مخفف ڪي اين شاهه (انگريزي K. N. Shah)) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جي چئن تعلقن ميهڙ، جوهي ۽ دادو مان ھڪ آهي. شهر خيرپورناٿن شاہ پنهنجي تعلقي جو صدر مقام پڻ آهي.[1] ھن شھر جو جاگرافيائي مقام 27.1° اتر الٽيٽيوڊ , 67.73° اوڀر لانگيٽيوڊ آھي . ھي شھر سمنڊ جي سطح کان 29 ميٽر يعني 87 فوٽ اوچو آهي. 1998ع جي مردم شماري جي مطابق تعلقي جي ڪل آبادي 2,80,000 هئي ۽ هن وقت 2017 جي مردم شماري جي انگن اکرن مطابق 3،34،258 آھي. آبادي جو وڏو انگ اڄ به شھر جي برعڪس ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿو. ھن تعلقي جا مکيه ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ جن ۾ ڪڪڙ (هي شهر برطانوي هندستان جي دور ۾ تعلقي جي حيثيت ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هئو)، گوزو، سيتا اسٽيشن (ضياء آپيشاهي جي حڪومتي دور ۾ هن شهر کي شهر ۾ مدفون ٿيل بزرگ هستي ملا رحماني جي نالي سان جوڙيندي سيتا کي ميساري رحماني ننگر رکيو ويو پر عوامي سطح تي هي شهر اڄ به پنهنجي اصلي نالي پويان سڏجي ۽ پڪارجي ٿو)، خانپور، چوکنڊي، ميرحسن اچي وڃن ٿا هي سڀئي وستيون ۽ وسنديون اڄ به شهر سان سلهاڙيل آھن.

خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو جو ٻيون نمبر وڏو تعلقو به آهي.هن جي اولهه ۾ ڪاڇي وارو علائقو ۽ صوبو بلوچستان آهي، اتر-اوڀر ۾ تعلقي ميهڙ سان گڏ ضلعي قمبر-شهداد ڪوٽ جي تعلقي قمبر جو دنگ به لڳي ٿو. ڏکڻ-اولهه ۾ تعلقو جوهي ۽ اوڀر ۾ تقريبن 20 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي سنڌو درياءَ آهي.

تاريخ[سنواريو]

ايم ايڇ پنهور مطابق ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2] “ اول هيءُ ننڍو ڳوٺ هو جنهن ۾ بزرگ ناٿن شاھ جي مزار هئي جنهن جي نسبت سان خيرپور ناٿن شاھ سڏبو هو. برٽش انڊيا واري دؤر ۾ وري ڪڪڙ شھر تعلقو ھيو ۽ ھي شھر ان تعلقي جو حصو ھيو پر دادو ضلعي جي قيام وقت ھن شھر کي تعلقو بڻائي ڪڪڙ کي ان جو حصو بڻايو ويو. هيءُ دادو ضلعي جو تمام پراڻو شهر آهي.[3] جڏهن تہ عزيز ڪنگراڻي جي تحقيق موجب خيرپور ناٿن شاھ تمام قديم شهر آهي. ان تي خيرپور ناٿن شاھ نالو بعد ۾ پيل آهي. خيرپور ناٿن شاھ جي وستيءَ جو اول نالو صرف "ناٿن" هو جيئن خيرپور ناٿن شاھ شهر ويجهو ويرناٿ جي وستي اڄ بہ موجود آهي جنهن کي پوءِ ويرل شاھ سڏيو ويو. ناٿن وستي ناٿن واھ ڪناري قائم هئي. ناٿن سان شاھ جو لقب پوءِ ڳنڍيو ويو جنهن جو اصل تعلق گرو گورک ناٿ جي ناٿ پنٿ سان هئو ۽ هيءَ علائقو ناٿ پنٿ جو ڳڙھ هو. گهڻو پوءِ ناٿن مان ناٿن شاھ ۽ خيرپور ناٿن شاھ سڏيو ويو.[4][5]

شھر جو نالو[سنواريو]

هڪ روايت مطابق انگريز سرڪار جڏهن ٽپال جي نظام کي آندو ۽ سرڪار کي جڏهن هي ڄاڻ پئي ته سنڌ پرڳڻي ۾ خيرپور جي نالي پويان ٽي چار شهر وجود رکن ٿا. خط و ڪتابت جي لاءِ ساڳي نالي سان ٻن ٽن شهرن جي هجڻ واري مونجهاري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھن شھر جي نالي کي ھڪ صوفي بزرگ سيد ناٿن شاھ لڪياري جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو ته جيئن ٽپال کي لاڳاپيل شهر ڏانهن صحيح سلامت اماڻي ۽ آڻي سگهجي. سيد ناٿن شاهه لڪياري جي مزار ھن شھر جي مشهور نهر نالي ڪڏڻ واهه (هاڻي پراڻي ڪڏڻ واهه) جي ڀر ۾ واقع آهي. سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي کي شهر ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪڏڻ واهه اها واحد نهر هئي جنهن جي ذريعي خيرپورناٿن شاهه جي اوسي پاسي وارين ٻنين کي چئن پنجن ننڍن وڏن واهن جي مدد سان نه صرف پاڻي مهيا ڪيو ويندو هئو پر هي نهر شهر ۾ هنڌين هنڌين موجود پئيڻ جي مٺي پاڻي وارن کوهين ۽ کوهن کي زيرِ زمين پاڻي پهچائڻ جو ڄڻ قدرتي وسيلو پڻ هئي. انهن ننڍن وڏن واهن ۾ هڪ واهه شهر جي مشهور قبرستان يقين شاهه جي قبرستان سان لڳو لڳ اتر واري طرف کان موجود هئو، ٻيو شهر جي ٿاڻي سان لڳو لڳ ان جي ڏکڻ طرف تي هئو، ٽيون شهر جي وچون وچ ميرحسن ڳوٺ ويندڙ رستي سان گڏ و گڏ موجود هئو. هي ۽ ٿاڻي وارو واهه شهر جي اندر موجود هڪ وڏي تلاءَ المعروف ميرن واري کڏ ۽ ٻالن واري کڏ ۾ ڇڙيي پاڻي داخل ڪرڻ جا مک وهڪرا هئا. هڪ ٻيو واهه جيڪو سيتا واري بس اسٽاپ کان نڪرندي شهر جي بازار ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ مٿي مک بس اسٽاپ يعني ميهڙ ۽ دادو تعلقي واري بس اسٽاپ جي طرف کان گولي مار واري علائقي ڏانهن ويندو هئو جتي اڄڪلهه سرڪاري گدام قائم ٿيل آهن. ڪڏڻ سميت هي هڙئي واهه، سڀئي تلاءَ ۽ کڏو ۽ ماڳ مڪان هاڻي ماضي جو قصو ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ جو هڙئي واهه هاڻي گندن نالن ۽ بيمار نالين ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. آبادي جي وڌڻ ۽ قبضن جي سبب سڀئي تلاءَ لٽجي چڪا آهن. شهر جي زمينن ۽ عوام کي مٺي پاڻي پهچائڻ جا هي سڀ انساني ۽ قدرتي ذريعا هاڻي نه صرف زمينن کي بنجر بڻائي رهيا آهن پر بيمارين جو مک سبب پڻ بڻجي رهيا آهن.

قبيلا[سنواريو]

ھن شھر ۾ مختلف ذاتين يا قبيلن جا ماڻهو رھن ٿا جن ۾ کوسا، جتوئي ، لغاري، شيخ ، جمالي، سيد ، بروھي، چانڊيا، قاضي، جوکيا وغيره شامل آھن. ھي شھر انڊس ھاء وي تي واقع آھي. روڊن جي ڄار ذريعي ميھڙ، ڪڪڙ، سيتا، گوزو وغيره سان ڳنڍيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Taluka Municipal Administration KNSHAH
  2. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  3. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  4. "Veernath: A unique historical place of Sindh". Sindh Courier. حاصل ڪيل 2022-10-30. 
  5. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2022-10-30.