مواد ڏانھن هلو

جان محمد جوڻيجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بئريسٽر جان محمد جوڻيجو
رئيس المھاجرين
سياسي ڪارڪن
ريجنٽ برٽش انڊيا
پورو نالو
رئيس جان محمد جوڻيجو
پيءُ حاجي ڪريم بخش خان
جنم 1886 (1304ھ)
ڌامراھا،لاڙڪاڻو
لاڏاڻو 16 اپریل 1921
اجمير شريف
تدفين اجمير شريف
مذھب اسلام

جان محمّد خان جوڻيجو (انگريزي ٻولي: Jan Muhammad Khan Junejo، پيدائش: 1886ع)سنڌ جو ٻيون ۽ لاڙڪاڻي جو پھريون بئريسٽر[1] ، ۽ لا، جنهن کي رئيس المهاجرين پڻ چيو وڃي ٿو، سنڌي سياستدان هو، جنهن خلافت تحريڪ جي حق ۾ ۽ برطانوي حڪومت خلاف جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. پاڻ افغانستان جي انجمن مهاجرين هند جا پڻ سربراهه هئا.

ننڍپڻ ۽ تعليم

[سنواريو]

رئيس جان محمد ولد رئيس ڪريم بخش خان جوڻيجو تاريخ 2 جنوري سال 1888ع (1304ھ) تي پنهنجي اباڻي ننڍڙي ڳوٺ ڌامراهن تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.[1].سندس والد بزرگ، حاجي ڪريم بخش خان، شهر جو معزز زميندار ۽ دولتمند ماڻهو هو ان زماني ۾ خوشحال خاندان پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم پنهنجي گهر ۾ ڏيارڻ لازمي سمجهندا هئا ۽ جان محمد جوڻيجي به خانگي طرح عربي فارسي تعليم ڳوٺجي مدرسي ۾ جنوري 1893ع ۾ حاصل ڪرڻ بعد 1903ع ۾ چار درجا سنڌي سنڌ مدرسو اسڪول لاڙڪاڻو (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ پڙهڻ بعد 13 آگسٽ 1907ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ 1909ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.اتي مسٽر عبدالرحمان حسن علي بئريسٽر ۽مسٽر علي گوهر ڀُٽي سان صحبت هوندي هيس. مسٽر علي گوهر جي ولايت وڃڻ ڪري مٿس به ولايت وڃڻ جو شوق ٿيو. سال 1910ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. هو ان وقت تعليم جي گهٽ سهولتن سبب 21 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سگهيو. هو سنڌ مدرسي ڪراچي وارن ڏينهن ۾ تقريرن ۾ گهڻو حصو وٺندو هيو ۽ سنڌ مدرسو ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري به رهيو. سال 1913ع ۾ بار ايٽ لا پاس ڪري ٻه سال لنڊن ۾ بئريسٽري پريڪٽس ڪيائين پر سال 1915ع ۾ پنهنجي وطن واپسي وريو[1] ڪراچيءَ ۾ ميٽريڪيوليشن جي امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ هُو پنھنجي خيال سان ڪليڪٽر کان پاس وٺي في الحال خرچ راهه ٻه هزار رُوپيا هٿ ڪري ولايت ڏانھن قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو جو تقريباً هو سال 1910ع ۾ انگلينڊ ڏانھن بئرسٽري جي امتحان لاءِ سنڌ مان روانو ٿي ويو. اُن کانپوءِ ولايت جي سفر ۽ اتي رهڻ ۽ تعليم جي خرچن جو سمورو بار سندس والد بزرگ جي ذمه هيو[2]. بئرسٽري جي امتحان پاس ڪري پهريان ڪراچي ۾ پوءِ وري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.[1].سندس پوين جي چوڻ موجب پهريائين مرحوم کي في الحال وطن ڏانهن موٽڻ جو خيال ڪونه هو، ان ڪري سندس والدين سخت پريشان ٿي پيا. هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ لنڊن شهر جي هڪ بازار ۾ گهمي رهيو آهي، ته اوچتو هڪ فقير ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ چيائينس ته ’پٺيان عزيز روئي رهيا اٿيئي، ۽ تون هتي گهمي رهيو آهين!‘ هڪدم سجاڳ ٿي پيو، ۽ ڳوٺ ورڻ لاءِ نهايت پريشان ٿي پيو – پوءِ جلد ئي اچي ڳوٺ پهتو.

ھارين جي خدمت

[سنواريو]

سنڌي مسلمانن ۾ غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ کان هي ٻيو نمبر نوجوان هو، جنهن بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. سندس بلند اخلاقيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو انگلينڊ کان موٽڻ بعد سندس آزاد طبيعت ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه آيو. آزمودي وڌائڻ لاءِ، ڪجهه وقت پهريائين ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر پوءِ لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل طرح وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس والد بزرگوار وفات ڪئي، جنهنڪري زمينداري ڪاروبار به سندس سر تي اچي ويس[1]. انهيءَ زماني ۾ هارين نارين سان ڏاڍا سهنج ڪري، مقروض هارين کي قرض کان آجو ڪيائين. ان کان سواءِ، ٻيون به هر قسم جون سهوليتون ڏنائين انهيءَ ڪري ڪڙمي کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا[1].پيءُ جي وفات کان پوءِ هن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي رهڻ ۽ وڪالت جي آفيس لاءِ هڪ دُو منزله بنگله جو بنياد وجهرايو جو اهو بنگلو اڳتي هلي خلافت ڪميٽي ۽ هجرت ڪميٽيءَ جي دفترن لاءِ وقف ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت وارن ڏينھن ۾ هن وٽ روزانه سوين ماڻهو سندس آفيس ۾ موجود رهندا هئا[2].هن انهيءَ زمانه ۾ 2 مسلمان وڪيل پگهار تي ڀائيوار رکيا هئا جي اُن جي غير حاضري يا ٻين حالتن ۾ سندس هدايت موجب ڪيس هلائيندا هئا[2].

هارين جي سرپرستي ڪئي ۽ هڪ هاري ميوي خان جي پٽ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر (جيڪو اڳتي هلي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو باني اڳواڻ بڻيو.) کي پنهنجي خرچ تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن جاگيرداري دور ۾ پنهنجن هارين مٿان تمام اڳوڻا قرض معاف ڪري کين آزاد ڪيو ۽ هر هڪ هاري جي اسڪول ۾ پڙهندڙ اولاد کي وظيفا ڏنا.[1] .

مسلم ليگ ۾ شموليت

[سنواريو]

برصغير هند ۾ جڏهن مسلم ليگ وجود ۾ آئي ته رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سال 1917ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي ۽ سنڌ جي پهرين چند باني مسلم ليگ ميمبرن ۾ جان محمد جوڻيجي جو نالو شامل آهي. هتان ئي سندس ذهن قومي لاڙي ڏانهن منتقل ٿيو.[1]. 1917ع ۾، جڏهن مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي شاخ کُلي، تڏهن پهريائين جيڪي چند ميمبر ٿيا، تن ۾ رئيس به هو. اتان کان سندس قومي زندگي شروع ٿي، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ’فنا في القوم‘ کي وڃي پهتي.

تعليمي جي واڌاري لاءِ خدمت

[سنواريو]

مارچ 1918ع ۾، شيخ عبدالعزيز صاحب سنڌ ۾ ”عربي – انگريزي اسڪول“ جي قيام لاءِ سکر ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس سڏائِي، ان ۾ جان محمد خان فراخدليءَ سان حصو ورتو ۽ رٿيل اسڪول ۾ ٻن شاگردن لاءِ اسڪالرشپون ڏيڻيون ڪيائين .[1]

خلافت تحريڪ ۾ ڪردار

[سنواريو]

ترڪي سلطنت جي ورهاڱي جي سوال تي پهريائين پهريائين لکنؤ ۾ هڪ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، جنهن ۾ هيءَ رٿ پاس ڪئي ويئي ته 17 آڪٽوبر 1919ع تي ننڍن وڏن شهرن ۾ ترڪي جي سلطنت جي بقا لاءِ دعا گهري وڃي: انهيءَ ڏينهن کي ’پهريون يوم خلافت‘ سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ وقت اهڙو ڏينهن ملهائڻ سٿرو نه هو؛ پر اسان جي رئيس، حضرت پير تراب علي شاهه جي مدد سان، سر ٽوڙ ڪوشش وٺي، پنهنجي بنگلي جي سامهون عيدگاهه ۾ ڌام ڌوم سان هڪ عام جلسو ملهايو. نومبر 1919ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس دهليءَ ۾ سڏائي ويئي،جتي اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ’ايندڙ صلح – جشن، جو نومبر جي 13 کان 16 تاريخ تائين ٿيڻو آهي، ان جي خلاف بائيڪاٽ ڪيو وڃي‘- جنهن جي تصديق ’جميعت العلماء هند‘ به ڏني.17 آڪٽومبر 1919ع تي هن مسئلي بابت دهلي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، سيٺ عبداللہ هارون، پير تراب علي شاهه راشدي، شيخ عبدالعزيز ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي شرڪت ڪئي. هن موقعي تي سڄي هند ۽ سنڌ ۾ ترڪي جي بقا لاءِ ”يوم خلافت“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آل انڊيا مسلم ڪانفرنس پڻ لکنو اجلاس ۾ تائيد ڪئي.[1]. ڪانفرنس ۾ سنڌي ليڊرن جي وفد مان لاڙڪاڻي ضلعي جي هلچل سندس ذمي ڪئي ويئي. هن موٽي اچي پير تراب علي شاهه جي رفاقت سان زبردست هلچل هلائي. ”صلح-جشن-ڏينهن“ تي لاڙڪاڻي مان ڪارن جهنڊن سان سرگس ڪڍي ويئي، ۽ هڙتال پڻ ڪئي ويئي.[1]. تاريخ 4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهريون دفعو خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ رئيس مرحوم لاڙڪاڻي ضلعي جي ظلمن متعلق هڪ ولوله انگيز تقرير ڪئي. تاريخ 6-7-8 جون تي وري سندس سرٽوڙ ڪوشش سان لاڙڪاڻي ۾ ٻي خلافت ڪانفرنس، زير صدارت پير صاحب جهنڊي واري جي، منعقد ٿي، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري پاڻ هو. هن ڪانفرنس ۾ مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي، مولانا عبدالجبار لکنوي، مولانا آزاد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ عبدالله هارون، مولانا امروٽي،مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو، وغيره جن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي فيصلو ٿيو ته سنڌ جو هڪ وفد بمبئيءَ وڃي، سنڌ ۾ ڪامورن جي ٿيل ظلمن بابت گورنر جو ڌيان ڇڪائي. انهيءَ فيصلي مطابق، هڪ سفارت تيار ٿي بمبئيءَ ويئي، جنهن ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولوي دين محمد ”وفائي“ ۽ ٻيا ڪيترا معزز شريڪ هئا. ان سفارت جو لسان الوفد رئيس صاحب هو. بمبئيءَ ۾ ڇويهن ڏينهن جي رهڻ کان پوءِ به گورنر کين ملاقات جو موقعو نه ڏنو، ليڪن سندن وڃڻ مان هڪ ٻيو فائدو ٿيو جو کين آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي اجلاس (جو غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي رهيو هو) ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. اپريل 1920ع ۾، سيوهڻ ۾، مولانا عبدالڪريم ”درس“ جي زير صدارت، خلافت جلسو ملهايو ويو هو، جنهن ۾ رئيس مرحوم ۽ ٻين زوردار تقريرون ڪيون. هجرت بابت ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن جيڪب آباد واريءَ ڪانفرنس ۾ عملي صورت اختيار ڪئي. جيڪب آباد واريءَ ڪانرنس ۾ رئيس مرحوم پهريائين پهريائين قطع تعلقات جو سوال اٿاريو. جيڪب آباد۾، ساڳئي ئي سال، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي زير صدارت، خلافت جلسو منعقد ٿيو. جلسي ۾ تقرير ڪندي رئيس صاحب اعلان ڪيو ته ”مان سرداريءَ جي ٻيو نمبر ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري، بئريسٽريءَ جي ڊگري – سڀ ترڪ ڪريان ٿيو ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪار ڪريان ٿو!“ سندن تقرير جو اهو اثر ٿيو، جو ”ترڪ موالات“ جو جوش اهڙو ته ڦهلجي ويو جو ڪيترن ماڻهن حيثيت سارو انگريزن سان قطع تعلقات جا اعلان ڪيا.

افغانستان ڏانهن هجرت

[سنواريو]

انهيءَ کان پوءِ، هجرت جي سانباهي لاءِ باقاعدي هجرت – ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه، ۽ سيڪريٽري رئيس مرحوم چونڊيا ويا. ڪيترن ماڻهن ڪابل ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ دفتر ۾ نالا داخل ڪرايا. سندن بنگو هجرت – ڪاميٽيءَ جو دفتر ڪيو ويو. مئي مهيني جي 24 تاريخ، حيدرآباد ۾ پير تراب علي شاهه جي زير صدارت جلسو منعقد ٿيو، جنهن ۾ رئيس مرحوم جي صحيح سان بمبئيءَ جي گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ ڏانهن تار به ڪئي ويئي. ان کان پوءِ حڪومت سندن ٻنين کي پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو، پر رئيس صبر ڪري هجرت جي تياريءَ ۾ لڳو رهيو. ساري هندستان ۾ هي پهريون سنڌي مجاهد هو، جنهن هجرت ڪئي. مٿس سنڌ ۽ سنڌي جيترو به ناز ڪن، اوترو ٿورو آهي. جولاءِ 1920ع تي پهريائين پهريائين لاڙڪاڻي شهر مان، اسپيشل ٽرين ڀاڙي ڪري، ساڍن ستن سون مهاجرن جو ساٿ ساڻ ڪري، افغانستان روانو ٿيو. ضلعي خلافت ڪانفرنس جو اٺون اجلاس، جو زير صدارت رئيس الاحرار مولانا شوڪت علي صاحب جي 2، مارچ 1924ع سکر ۾ منعقد ٿيو، ان ۾ ضلعي سيڪريٽريءَعبدالستار آدم جيڪا رپورٽ پيش ڪئي (جا پوءِ ڇپائي ويئي)، ان جي صفحي 9 تي سيڪريٽريءَ رئيس جي هجرت کي هن طرح ساراهيو آهي: ”هجرت جو معاملو؛ جنهن گورنمينٽ کي هڪدم پريشان ڪري ڇڏيو، انهيءَ جي ڪاميابيءَ جا سهرا سڄي هندستان ۾ جنهن هستيءَ جي سر تي سونهن ٿا، سو رئيس المهاجرين نواب مرحوم جان محمد خان جوڻيجو هو، جو سنڌ مان پهرين مهاجرن جي اسپيشل ٽرين وٺي ويو“. مهاجرن کي لاڙڪاڻي کان روهڙيءَ تائين سڀني اسٽيشنن تائين هزارن ماڻهن الوداع ڪئي. سنڌ کان ٻاهر پڻ هنن مهاجرن جي بلڪل چڱيءَ طرح مرحبا ٿي. هي قافلو 19 جولاءِ جلال آباد ۾ پهتو. افغان سرڪار کين سهوليتون ڏنيون، مگر پوءِ گهڻن مهاجرن وڃڻ ڪري بي بندوبستگي ٿي پئي. آڪٽوبر مهيني ۾ رئيس المهاجرين هڪ وفد ساڻ ڪري اول مقصد سرانجام ڪرڻ لاءِ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ملاقات لاءِ روانو ٿيو. مولانا انهن ڏينهن ۾ ”ترڪ موالات“ جِي ڪاليج جي شاگردن ۾ تبليغ ڪري رهيو هو، ته رئيس صاحب به وڃي ساڻن شريڪ ٿيو؛ ۽ ان بعد مولانا صاحب سان گڏجي هندوستان جي گهڻن شهرن جو گشت ڪيائين. نومبر جي پوين تاريخن ۾ الله آباد واري ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪري، لاڙڪاڻي موٽي آيو ته کيس سنڌ جي جڊيشنل ڪمشنر جو نوٽيس پهتو، جنهن ۾ حڪم مليو هو ته ڪراچي اچي ۽ جيڪب آباد وارين تقريرن بنسبت جواب ڏي؛ پر رئيس صاحب وڃڻ جي بجاءِ کين هي جواب موڪليو ته ”جيئن ته مان افغانستان جي بادشاهه جي رعيت آهيان ۽ انجمن مهاجرين هند جي طرفان موڪليل آهيان، تنهنڪري جيڪڏهن انهن جو حڪم ايندو ته ايندس، نه ته نه“. نيٺ بمبئيءَ ويو، جتي کيس ”بمبئي خلافت ڪاميٽيءَ“ طرفان پنجاهه لک روپيا بروقت امداد ڏني ويئي، جا هڪدم ڪابل رواني ڪيائين، ۽ پنجن لکن رپين ڏيڻ جو واعدو ٿيو. ڪابل ويندي کيس سرحد تي روڪيو ويو، جتي کيس ويهه ڏينهن لڳا. پشاور ۾ فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين، جنهن ۾ پاڻ کي افغان رعيت ڄاڻايائين، ۽ وڃڻ کان روڪڻ جو اظهار ڪندي انگريز حڪومت کي خوب ننديائين. پشاور مان به کيس نڪري وڃڻ جو نوٽيس مليو، جنهنڪري لاهور آيو ۽ اتان لکنو ۽ ائوڌ خلاف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين.

شروع ۾ افغانستان جي حاڪم امير امان الله خان سنڌ مان آيل مهاجرن کي زمينون ۽ روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ کان علاوه انهن لاءِ رهڻ جو پڻ بهتر بندوبست ڪيو ۽ جلال آباد ۾ هڪ شاندار قلعو ”وڏو ڪوٽ“ ڏنو جنهن ۾ هڪ لک ماڻهن جي ماپڻ جي گنجائش هئي. مهاجرن کي سٺو کاڌو خوراڪ به ڏني پر پوءِ مهاجرن جو تعداد وڌندو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا ويا ۽ بئريسٽر ”انجمن مهاجرنين هند“ قائم ڪري مهاجرن جي مسئلن لاءِ چندو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کي بمبئي خلافت ڪميٽي 50 لک رپيا چندو ڏنو ته جيئن مهاجر پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهن پر تاريخ پنهنجي باب ۾ هن ايشيا ۽ يورپ جي وڏي تحريڪ جي تباهي جا ڪارڻ ڄاڻائي ٿي. جڏهن سنڌي مسلمان اڳواڻن پاران شاندار جدوجهد جي نتيجي ۾ ترڪي ۽ افغانستان جي باري ۾ انگريزن هٿان آزادي وارو مطالبو منظور ٿيندي نظر اچي رهيو هو پوءِ ٻيو قدم هن هجرت کي برصغير هندستان مان قافلي جي صورت ۾ ترڪي پهچائڻ هيو. انگريزن محسوس ڪيو ته ايشيا جي مسلمانن جي قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي ماحول انگريزن خلاف ٺاهي ورتو آهي ۽ جلد اهو مسلمانن جو اڀرندڙ تيز طوفان يورپ خلاف سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري عالمگير مسلم تحريڪ جي شڪل نه اختيار ڪري ان لاءِ انگريزن افغانستان جي امير امان ا﷢ خان (جيڪو 1919ع جي انقلاب بعد تخت تي ويٺو) جي وزير ڪابل محمود طرزي وسيلي سازش ڪندي غداري جو ٻج وڌو ۽ افغانستان جي حاڪم ساڻ معاهدو ڪيو. جنهن ۾ انگريز افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر انگريز هن معاهدي ۾ امير افغانستان ۾ موجود مهاجرن کي ٻاهر نه وڃڻ ڏيندو ۽ اهڙا اپاءَ وٺندو جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پريشان ٿي واپس سنڌ ۽ ٻين علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽ کين ڪو به تحفظ نه ڏنو ويندو..[1] پنهنجي مطالبي منظور ٿيڻ بعد افغانستان عالم اسلام جو ساٿ ڇڏي ڏنو نتيجي ۾ خلافت تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. تحريڪ کي جدوجهد ۾ پيش قدمي ڪرڻ بدران پنهنجو دفاع ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. سنڌي مهاجرن ۽ ٻين کي وڏي ڪوٽ قلعي مان ڌڪيو ويو. سرڪار تمام ڏنل سهولتون واپس ورتيون جنهن ۾ پهريان قلعي جو پاڻي بند ڪيو ويو پوءِ کاڌي پيتي جون شيون نه ڏيڻ، بيماري ۾ علاج نه ڪرائڻ. مطلب ته ڪابل جي مسلمانن پنهنجي سر زمين تي هنن سان انسانيت سوز ۽ حقارت وارو سلوڪ ڪيو. قلعي کي مجاهدن جي قافلي بدران جيل خانو بڻايو ويو. نيٺ مجبور ٿي مهاجر ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا. ڪيترا گرمي سبب مري ويا. ڪيترا بيمارين ۾ مئا. ڪيترا خاندان بک ۾ ڪابل يا ٻين شهرن مان خيرات وٺي هندستان پنجاب ۽ سرحد جا مهاجر پنهنجي وطن واپس وريا پر 18 هزار مهاجرن ۾ 760 سنڌي مهاجرن کي گهڻيو اذيتون ۽ ٻچڙن کي مصيبتون ڏسڻيون پيون. ڪيترن مهاجرن جون زالون گم ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.[1].جڏهن اها حالت ٿي ته بئريسٽر جوڻيجي وري سنڌ ڏانهن قدم رکيو. تاريخ 30 سيپٽمبر 1920ع تي لاڙڪاڻي پهتو ۽ تاريخ 4 آڪٽوبر 1920ع تي هڪ وڏو جلسو ڪيائين. هتي اچڻ شرط جڊيشل ڪمشنر پاران کيس جيڪب آباد ۾ اڳ قابل اعتراض تقرير جي حوالي ساڻ ڪراچي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. جنهن جو هن جواب ڏنو ته مان هاڻي افغانستان جو باشندو آهيان.[1]. سنڌ مان مهاجرن جي واپسي لاءِ پئسا گڏ ڪري علي ڳڙهه مولانا محمد علي جوهر وٽ پهتو ۽ هندستان جي ڪيترن ئي شهرن جو دورو ڪيو. نومبر ۾ هن احمد آباد خلافت ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڊسمبر ۾ ناگپور آل انڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد بمبئي خلافت ڪميٽي مهاجرن جي مدد لاءِ ان وقت هڪ لک رپيا منظور ڪيا ۽ پهرين مليل قسط جا پنجاهه هزار رپيا هڪدم افغانستان ڏياري موڪليا. هڪ دفعو هو وري لاڙڪاڻي پهتو ۽ آخر 15 جنوري 1921ع تي ڪابل وڃڻ لاءِ پشاور پهتو جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس روڪيو، لڳاتار 20 ڏينهن هن کي اجازت نه ملي پوءِ هن 5 فيبروري 1921ع تي پشاور ۾ هڪ احتجاجي جلسو ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هن فارسي ۾ تقرير ڪندي پاڻ کي افغانستان جو شهري ثابت ڪيو ۽ پشاور ۾ هڪ وڏو سياسي طوفان کڙو ڪيو. نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر کيس سرحد مان نيڪالي ڏني پوءِ لاهور آيو ۽ مارچ 1921ع ۾ لاهور ۾ هڪ وڏو جلسو ڪري پنهنجي حوصلي ۽ جدوجهد ايمان جو ڀرپور اعلان ڪيو. لاهور کان لکنو پهتو.[1]. تاريخ ۾ مسلمانن جي مسلمانن مٿان ظلم ۽ ستم جي هن دل ڏکوئيندڙ مثال رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي سوچ مقصد ۽ سياسي زندگي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. هو هارائجي پيو.[1].هن باقي زندگي جا ڏينهڙا مايوسي ۽ نااميدي ۾ هندستان جي اڳواڻن سان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس واسين 760 سنڌي مهاجرن جي خاندانن جي تباهي بعد هن پاڻ واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي گهر کي ٻيهر آباد ڪرڻ، زندگي گذارڻ کي ضمير خلاف تصور ڪيو.[1].

وفات

[سنواريو]

مولانا محمد علي ”جوهر“ جي سنگت ۾ اجمير جي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو. اتي کيس ٿورو بخار ٿي پيو ۽ جلسي ۾ اچي نه سگهيو، پر پنهنجي فارسيءَ ۾ لکيل تقرير پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سندس بخار وڌي وڃي خوفناڪ بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي – تان جو 27 رجب المرجب 1339ھ، برابر 16 اپريل 1921ع تي، مسافر ۽ مهاجر جي حالت ۾، حضرت ولي الهند خواجه معين الدين چشتي، غريب النواز، جي درگاهه اجمير شريف ۾، صبح جي وقت وفات ڪري ويو.</ref>33 سالن جي ڄمار ۾ 16 اپريل 1921ع تي اجمير هندستان ۾ وفات ڪئي ۽ کيس وصيت مطابق اجمير شريف جي درگاهه ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات بابت پڻ مختلف رايا آهن. ڪي خبرون آهن ته خلافت تحريڪ جي ناڪامي سبب دلبرداشته ٿي بيمار ٿي پيو ۽ ڪي خبرون آهن ته کيس زهر ڏنو ويو هو.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو : يادِ جانان ليکڪ: مولانا دين محمد وفائي موضوع : تاريخ ڇپائيءَ جو سال: اپريل 2018ع پھريون ڇاپو : 1340ھ ۾ حڪيم محمد عبدالحق ڪتب فروش سکر ڇاپو ٻيو : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو-
  • رسالو, مهراڻ (1960ع). رئيس المهاجرين مرحوم جان محمد جوڻيجو. سنڌ: سنڌي ادبي بورد. 
  • Qureshi, M. Naeem. Pan-Islam in British Indian Politics: A Study of the Khilafat Movement, 1918–1924. Brill Academic Publishers. pp. 224. ISBN 978-90-04-11371-8.