ابوذر غفاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
ابوذر غفاري
(عربي ۾: أبو ذر الغفاريخاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
تخطيط اسم أبو ذر الغفاري.png 

معلومات شخصيت
ڄم حجاز  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سنه 652  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Black flag.svg خلافت راشده  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
نمايان شاگرد انس بن مالڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شاگرد (P802) وڪي ڊيٽا تي
پيشو واپاري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
لڙائيون ۽ جنگيون بدر جي جنگ،احد جي جنگ،خندق جي جنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي

ابوذر غفاريءَ جو اصل نالو جندب هو ۽ اَبُوذر سندس ڪنيت آهي. مشهور اصحابي ٿي گذريو آهي، جيڪو پهريائين اسلام قبول ڪندڙن ۾ پنجون شخص هو. نهايت زاهد، عابد، عالم ۽ سچار هو. نبي سڳوري جي حڪم تي پنهنجي قبيلي ۾ وڃي اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ هجرت کان پوءِ مديني شريف ۾ آيو. نبي سڳوري کيس ٻه ڀيرا مديني جو امير مقرر ڪيو. خلافت راشديه جي دور ۾ فتويٰ به ڏيندو هو. نبي سڳوري جي عهد جي سادگيءَ جو شيدائي هو. وٽس جڏهن مال ۽ دولت جي فراواني ٿي ته نهايت بيزار ٿي پيو. هو دنيوي مال دولت جمع ڪرڻ جي سخت خلاف هو. نبي سڳوري جي وفات کان پوءِ شام ڏانهن ويو ۽ دمشق جي بااختيار صاحبن جي پُرتڪلف زندگيءَ تي تنقيد ۽ احتساب ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڪري امير معاويه جي شڪايت تي کيس مديني سڏايو ويو. اتي مصلحتاً کيس عام ماڻهن کان جدا ’زبده‘ ۾ رهايو ويو. جتي ئي 12 هه/634ع ۾ وفات ڪيائين.[1]


نالو ۽ نسبت[سنواريو]

جندب (ج تي پيش ن ساڪن د تي پيش) بن جُناده بن ڪعيب بن صعير بن وقعه بن حرام بن سفيان بن عبيد بن حرام بن غِفار. هن جو تعلق بنو غِفار (غ تي زير) قبيلي سان هو. هن جي پنهنجي ۽ سندس ابن ڏاڏن جي نالن ۾ راوين جو اختلاف آهي. هڪڙن هن جو نالو برير، بدير، بريا جناده لکيو آهي ته ٻين وري سندس والد جو نالو عبدالله، عشرقه يا سڪن ڄاڻايو آهي. ساڳيءَ طرح هن جي ڏاڏي جي نالن ۾ پڻ اختلاف آهي. سڀني کان مضبوط روايت اِها آهي ته هن جو نالو جندب هو. سڀني اِنهيءَ تي اتفاق ڪيو آهي ته هن جو تعلق حجاز جي قبيلي بنو غِفار سان هو. هن جي والده جو نالو رمله بنت رفيعه هو ۽ اها پڻ بنو غِفار قبيلي مان هئي. هن جي ڪنيت ابوذر (ذر جو پيءُ) هئي. هو پنهنجي ڪنيت سان ايترو مشهور ٿيو جو ماڻهن کي سندس نالو ئي وسري ويو.[2]


اسلام کان اڳ[سنواريو]

”بنو غِفار قبيلو چوري ۽ رهزنيءَ ۾ شهرت رکندو هو . خود ابوذر بابت راوي خفاف جو بيان آهي: ”هو رهزني ڪندو هو. دلير مڙس هو. يڪي سر قافلا ڦريندو هو. ڀنڀرڪي مهل بستين تي غارتون ڪندو هو ۽ وڳن جا وڳ هڻيو ويندو هو. ڪڏهن گهوڙي جي پشت تي سوار ٿي ماڻهن جا مال ڪاهيندو هو ۽ ڪڏهن خونخوار جانور وانگر پيدل حملا ڪندو هو... “ مختلف روايتن کي ملائڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اسلام جي ظهور وقت ابوذر جي عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. انهيءَ ڦوه جوانيءَ واري زماني ۾ جڏهن هو دليري ۽ غارتگريءَ ۾ پنهنجي قبيلي کان ٻاهر مشهور ٿي چڪو هو، تڏهن هن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آيو جو هو اسلام کان اڳ ئي بت پرستي، رهزني ۽ ٻين جاهلي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ اڻ ڏٺل خالق ۽ مالڪ جو پوڄاري بنجي ويو. عرب هڪ اُمي (الهامي تعليمات کان ناواقف ۽ اڻ پڙهيل) ۽ بدو قوم هئا. هنن جي معاشري ۾ بت پرستي، جنسي آزادي، شراب، قبائلي تعصب، ڦرمار، غارتگري ۽ قتل عام هو. اهڙي بگڙيل جاهلي معاشري ۾ ابوذر ۾ جيڪا تبديلي آئي سا حيرت انگيز هئي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ هو جو الله تعاليٰ هن جي طبيعت ۾ غور فڪر جي عادت پيدا ڪئي هئي. ازانسواءِ حق گوئي ۽ بيباڪي جون وصفون به هن جي فطرت ۾ داخل هيون. هڪ ڀيري هنن جي علائقي ۾ سخت قحط پيو. ابوذر جو قبيلو بنو غِفار ”منات“ جي بت جو پوڄاري هو. ان ڪري قبيلي جي سردار سڄي قبيلي کي حڪم ڏنو ته ڏاچين ۽ گڏهن تي سامان ٻڌو. سڀئي گڏجي ”منات“ جي مندر تي هلو. ”منات“ راضي ٿي ويو ته مينهن کي موڪل ملندي ۽ سڄو ملڪ ملير ٿي ويندو. رات جي وقت قبيلي سامان پئي سميٽِو ته هو ليٽيو پيو هو. هن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون. هو تارن، نکٽن ۽ بلند آسمانن بابت سوچي رهيو هو. يڪايڪ ڀاڻس کيس ٻانهن کان لوڏي، تياري لاءِ چيو. هو اُٿي کڙو ٿيو ۽ بنو غفار جي قافلي سان ”منات“ جي تيرٿ لاءِ روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن جي مسافت کانپوءِ بنو غفار پنهنجي ديوتا جي چرنن ۾ پهچي ويا ۽ جاهلي طريقي مطابق ان جو طواف ۽ سجدو بجا آندائون ۽ نذر نياز باسيائون. جڏهن رات ٿي ته سڀ سمهي پيا، پر ابوذر جاڳي رهيو هو هن کير جو پيالو کڻي وڃي منات جي بت مهندان رکيو. پاڻ اونهي سوچ ۾ هو ۽ آسمان زمين پهاڙن ۽ ڏينهن رات جي تخليق بابت فڪر جي دريا ۾ غوطا کائي رهيو هو. حجاز جي صاف ۽ آسمان، زمين هيٺان سناٽي واري رات، هڪ بدو واريءَ ليٽي، ڪائنات جي خلقت تي غور ڪري رهيو هو. ايتري ۾ هڪ لومڙي آئي ۽ ”منات“ اڳيان رکيل کير پي، مٿس پيشاب ڪري وري ريگستان ۾ غائب ٿي ويئي. ان منظر ابوذر تي ڏاڍو اثر ڪيو. روايت آهي ته هن اُتي جو اُتي هڪ شعر چيو: ”ارَبُّ يبول لثعلبان عقلي راَسِہِ لَقَد ذَلّ منَ بالت عَلَيہ الثعالب.“ ترجمو: ”ڇا اُهو خدا ٿي سگهي ٿو جنهن جي مٿي تي لومڙيون پيشاب ڪن؟ جنهن جو اِهو حال هجي سو ته پاڻ ئي زليل و خوار آهي.“ اُن کان پوءِ هن ڪجهه پٿر منات جي بت ڏانهن اُڇلايا ۽ پاڻ پاسا ورائيندي رات ڪاٽيائين. صبح جو قبيلي وارن سان گڏ پنهنجي بستيءَ ۾ موٽي آيو. آهستي آهستي هن جي قلب ۾ توحيد جو نور چمڪڻ لڳو. هن اعلان ڪيو: ”هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هنن جبلن، بيابانن، سج، چنڊ، تارن ۽ آسمان کان مٿانهون هوندو. اُهوئي عبادت جي لائق آهي ۽نه ڪه لات منات ۽ عزيٰ جا بُت.“ جاهليت ۾ عبادت ۽ ڪلمو: بنو غفار جي ڏاڍي مڙس ابوذر جي دل ۾ توحيد جي تجلي ٿي ته هن بتن ۽ مندرن ڏانهن وڃڻ ۽ پوڄڻ ڇڏي ڏنو. راوي ابومعشر چوي ٿو : ”کانَ ابوذَريتاله فِي الجاهِليَّةِ وَ يَقول لااِلہ اِلاّ الله.“ ترجمو: ”ابوذر جاهليت جي زماني ۾ هڪ خدا جو قائل هو ۽ لا اِلہ الا الله جو ڪملو پڙهندو هو.“ جيئن ئي هن کي خدا جي هستيءَ جو ادراڪ ٿيو، تنهن هن جاهليت جي بُرين رسمن کي تياڳ ڏنو ۽ پنهنجي پر ۾ هڪ خدا جي بندگي ڪرڻ لڳو. [3]

اسلام جي آمد[سنواريو]

جيتوڻيڪ ابوذر رضه کي سندس فطري صلاحيت توحيد جو قائل ڪيو هو، پر هن جو روح ڪامل هدايت لاءِ واجهائي رهيو هو. اسلام جي ظهور کان اڳ عرب ملڪ ۾ ٻيا به ڪي اهڙا صالح انسان هئا، جيڪي هڪ خدا کي مڃيندا هئا، جهڙوڪ قُس بن ساعده، زيد بن عمرو ۽ ورقه بن نوفل پر فاران جي پهاڙين ۾ اسلام جي روشني ڦهلجڻ وقت هو وفات ڪري چڪا هئا. ابوذر رضه جي تقدير ۾ اها سعادت لکيل هئي جو هو اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ هن جو توحيد سان روشن ٿيل سينو رسالت پناهه جي توجهه ۽ صحت الائي ۾ تجلين جو مرڪز ۽ هدايت جو مينار بنجي ويو. هن حق پرست انسان جي اسلام جو قصو به عجيب آهي. ٻين ماڻهن تائين دين جو پيغام رسائڻ لاءِ حضور جن پاڻ يا سندس قاصد ويا، پر ابوذر رضي الله عنه سلمان فارسي رضه وانگر حق جي تلاش ۽ هدايت جي جستجو ۾ سندن خدمت اقدس ۾ ازخود پهتو. مڪي جي بنجر ۽ بي آب واديءَ ۾ اسلام جي روشنيءَ جا پهريان ڪرڻا چمڪيا ته ابوذر رضه اُنهن مان فيضياب ٿيو. ٿيو ائين جو هن جي ڀاءُ انيس (الف تي پيش نون تي زبر) ڪنهن ڪن سانگي بنو غفار جي بستيءَ مان مڪي جو سفر اختيار ڪيو. ان وقت جاهليت جي ٻاٽ اونداهه ۾ اسلام جي باک ڦٽي رهي هئي. انيس مڪي کان موٽيو ته ابوذر رضه کي ٻڌايائين ته قريش ۾ هڪ اهڙو شخص پئدا ٿيو آهي، جيڪو تو وانگر بت پرستيءَ کان روڪي ٿو ۽ هڪ خدا جو مڃيندڙ آهي. هو چوي ٿو ته هو خدا جو رسول آهي. مڪي وارا هن کي نٿا مڃين. الٽو کيس شاعر، جادوگر يا ڀوپو ٿا ڪوٺين. ابوذر رضه اُهي خبرون ٻُڌيون ته سندس اشتياق وڌيو ۽ ڀاءُ کان وڌيڪ تفصيل پڇڻ لڳو. اُنيس وراڻيو : ”خدا جو قسم ته مون ڀوپن جون ڪٿائون ٻڌيون آهن. آءٌ پاڻ شاعر آهيان. مون شعر چيا آهن ۽ ٻڌا آهن، پر هن جي ڪلام جو رنگ ئي اور آهي. آءٌ سمهان ٿو ته هو سچو آهي ۽ مڪي وارا ڪوڙا آهن.“ انيس جي بيان ٻڌڻ سان ابوذر رضه جي اندر جي لوچ وڌي ويئي. ڀاڻس کي چيائين ته تون مال جي سنڀال ڪجانءِ آءٌ پاڻ مڪي وڃان ٿو.

ابن عباس جو بيان آهي ته ابوذر رضه کي رسول الله ﷺ جن جي بعثت جي خبر ملي ته پهريائين هن پنهنجي ڀاءُ کي حال احوال وٺڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو. هن موٽي اچڻ کيس خبرچار ٻڌائي ته هو مطمئن نه ٿيو ۽ سندس دل ۾ اهڙي آنڌ ماند پئدا ٿي جو فوراً اُٺ تي سفر جو سامان ۽ پاڻي جي سانداري ٻڌي مڪي جو رخ ڪيائين. منزلون پٽيندو مڪي ۾ وارد ٿيو ۽ ڪعبة الله جي حرم ۾ وڃي ويهي رهيو. هن کي خبر ملي چڪي هئي ته مڪي جا ماڻهو رسول الله ﷺ جن جا مخالف آهن. تنهنڪري هن ڪنهن کان پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي. ڳچ رات گذري ويئي ته هو حرم ۾ پٿرين مٿان ليٽي پيو. ايتري ۾ هن جي نظر هڪ ڇوڪر تي پيئي، جنهن سمجهيو ته هيءُ ڪو پرديسي مسافر آهي. ڇوڪر کيس وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو. پر هڪٻئي کي حال احوال ڪونه ڏنائون. اهڙيءَ طرح هن کي ٻيو ڏينهن به حرم ۾ انتظار ڪندي گذري ويو ۽ وري به ساڳئي ڇوڪري ٻيءَ رات به کيس پنهنجي گهر وٺي وڃي ٽڪايو. ٽئين ڏينهن به هن جو مقص (رسول الله ﷺ جي زيارت) حاصل نه ٿيو. وري به رات جي وقت ساڳيو جوان نمودار ٿيو ۽ کيس ٻانهن مان جهلي گهر وٺي ويو. اُهو ڇوڪر علي بن ابن طالب ڪرم الله وجه هو. اڄ رات ميزبان ۽ مهمان خاموشي ٽوڙي. علي ڪرم الله وجهه هن کان خبرون پڇيون. ابوذر رضه چيس: ”اهڙو وڙ ويساهه ڏي ته تون مون کي صحيح سڌ سماء ڏيندين ته آءٌ توکي پنهنجو احوال ڏيان.“ علي ڪرم الله وجهه ساڻس وعدو ڪيو. ان تي ابوذر رضه کيس خبرون ٻڌايو. علي ڪرم الله وجهه هن جون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائينس ته هو برابر سچو رسول آهي. آءٌ سڀاڻي توکي هن سان ملائيندس.

ٻئي ڏينهن علي ڪرم الله وجهه کيس هدايت ڪئي ته تون منهنجي پٺيان خاموشيءَ سان هليو هل. جيڪڏهن ڪو خوف خطرو هوندو ته آءٌ پيرن ڌوئڻ جو بهانو ڪري هڪ پاسي بيهي رهندس. ابوذر هدايتن تي عمل ڪيو ۽ علي ڪرم الله وجه کيس رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ وڃي رسايو . جيئن هن جي نگاهه رسول الله ﷺ جن جي رخ اقدس تي پيئي، تيئن کيس يقين ٿي ويو ته هيءُ شخص سچو آهي. هن وڏي واڪي سلام ورايو: ”السلام عَلّيڪَ يا رَسُولَ اللهِ“

ابوذر رضي الله عنه انهيءَ ڳالهه تي فڪر ڪندو هو ته تاريخ ۾ آءٌ پهريون انسان آهيان، جنهن رسول الله ﷺ تي اسلامي طرز وارو سلام ڪيو
— ابن عباس رضہ

.

ابن حجر عسقلاني پڻ انهيءَ جي تصديق ٿو ڪري، ته ابوذر رضه عنه پهريون ماڻهو هو، جنهن ”السلام عليڪ يا رسول الله“ چئي رسالت پناهه تي سلام ڪيو ۽ حضور جن سندس جواب ۾ ”وعليڪم السلام و رحمة الله“ جا لفظ ارشاد فرمايا. ان کان پوءِ هن پاڻ ڪريمن سان پنهنجي واقفيت ڪرائي. رسول الله ﷺ جن هن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. جيڪا هن فوراً قبول ڪئي. درحقيقت هو ٻنهي جهانن جي سردار جي نوري نگاهه پوڻ سان ئي مسلمان ٿي چڪو هو. تڏهن ”يا رسول الله“ چئي سلام ڪيائين. هو ”لا اِلــٰہ الاؑ الله“ ته اڳ ۾ چوندو هو. هاڻي هن ان ڪلمي سان محمد رسول الله ﷺ جا لفظ ادا ڪيا ۽ اسلام ۾ داخل ٿي ويو. مؤرخن ۽ سيرت نگارن جو هن ڳالهه تي اجماع آهي ته هو اسلام جي سابقين اولين مان هو. هو چوندو هو : ”انا رابع الاسلام“ ترجمو: ”آءٌ چوٿون نمبر مسلمان آهيان.“ ابن الاثير لکي ٿو ته اسلام ۾ هن جو چوٿون يا پنجون نمبر هو . علامه بن سعد به هن جو چوٿون يا پنجون نمبر ڄاڻايو آهي. هڪ روايت ۾ هن کي ٽيون نمبر مسلمان بيان ڪيو ويو آهي. اسان کي اهڙي ڪابه روايت نٿي ملي، جيڪا هن کي پنجين نمبر کان پوءِ بيان ڪندي هجي. ابن سعد جي نقل ڪيل هڪ روايت مطابق هن ابوبڪر رضه کان ٻه ڏينهن پوءِ اسلام قبول ڪيو . اسان هن جي پنجين نمبر واري روايت کي سڀني کان وڌيڪ معتبر سمجهون ٿا. چار ماڻهو هن کان اڳ اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ اُهي هئا: خديجة الڪبريٰ، ابوبڪر، علي ۽ زيد بن حارثه رضي الله عنهم. مڪي ۾ هن جي آمد بابت ٻي به هڪ روايت ملي ٿي، جنهن مطابق هڪ مهيني تائين هو مڪي ۾ رهيو. اُن دوران فقط زمزم جي پاڻيءَ تي گذارو ڪيائين. هڪ چانڊوڪي رات ۾ ٻن مشرڪ عورتن کي طواف ڪندي ڏٺائين. هو اساف ۽ نائله نالي ديوتائن کي پڪاري رهيون هيون. ابوذر رضه کين روڪيو ۽ اساف ۽ نائله لاءِ گٿا اکر ڳالهايائين . ان تي ٻنهي رنن وٺي هاءِ گهوڙا مچائي. اُن وقت حرم ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه هو. عين ان وقت رسول الله ﷺ ۽ ابوبڪر رضي الله عنه حرم ۾ داخل ٿيا. اتان کيس ابوبڪر صديق رضه پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي کيس طائف جا انگورکارايائين. علي حلبي هنن روايتن کي درست ڪوٺيو، ۽ انهن ۾ هن طرح تطبق پئدا ڪئي اٿس ته پهريائين ابوذر رضه علي ڪرم الله وجهه ذريعي پاڻ ڪريمن وٽ پهتو ۽ مسلمان ٿيو، ان کان پوءِ تعليم ۽ تربيت لاءِ مڪي ۾ رهيل هو. اتي هڪ رات ٻن مشرڪ عورتن سان تڪرار ڪيائين ۽ رسول الله ﷺ ابوبڪر رضي الله عنه سان مليو ۽ اسلام جي تجديد ڪيائين. ڇو ته اهو ممڪن ئي نه آهي ته حضور جن لاڳيتا ٽيهه ڏينهن حرم ۾ نه آيا هجن .[3]

پهرين آزمائش[سنواريو]

اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ هو ڪجهه وقت مڪي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي صحبت ۾ رهيو. قرآن مجيد جي تعليم ورتائين ۽ عبادت جو طريقو سکيو. ان کانپوءِ رسول الله ﷺ جن کيس تلقين ڪئي ته هاڻي تون پنهنجي قبيلي ۾ هليو وڃ ۽ انهن ۾ وڃي اسلام جي تبليغ ڪر. پاڻ ڪريمن هن کي ٻڌايو ته جلد اهڙو وقت اچڻو آهي، جڏهن اسان مڪو ڇڏي، هڪ تخلستان ڏانهن هجرت ڪنداسون. جڏهن اسان جي جنگين ۽ جهادن جي خبر ٻڌين، تڏهن اچي اسان سان شامل ٿج . حضور جن آخر ۾ کيس مشورو ڏنو ته مڪي وارن کان پنهنجو اسلام لڪائج. اسان کي انديشو آهي ته هنن کي تنهنجي مسلمانيءَ جي خبر پيئي ته توکي نقصان رسائيندا. ابوذر غِفاري رضه ان آخري هدايت بابت عرض ڪيو ته مون کي اِها اجازت ڏني وڃي ته آءٌ مڪي وارن جي اڳيان برملا اسلام جو اعلان ڪريان، چاهي ان اعلان جي نتيجي ۾ مون تان ڪرٽ وهايو وڃي. رسول ڪريم الله ﷺ جن غفاري جوان جو حق گوئي جو جذبو ۽ بيباڪي ڏسي خاموش ٿي ويا. هو ڪعبي جي حرم ۾ داخل ٿيو ۽ اتي بلند آواز سان توحيد جو ڪلمو پڙهڻ لڳو. مڪي وارا هن جي جرئت رندانه ڏسي آپي مان نڪري ويا. مشرڪن جو هڪ انبوهه هن کي وڪوڙي ويو ۽ کيس ايترو ماريائون جو هو بيهوش ٿي ويو. عين ان وقت عباس بن عبدالمطلب اتي اچي نڪتو. هو ڍڪريل ۽ زخمي ابوذر رضي الله عنه مٿان پئجي ويو ته جيئن کيس وڌيڪ ڪو ڌڪ نه لڳي. هن قريش کي چيو ته اوهين تاجر آهيو. اوهان جو شام وارو تجارتي گس بنو غِفار جي علائقي سان لنگهي ٿو. اڄ جيڪڏهن اوهان هن مسافر جو قتل ڪيو ته بنو غفار جيڪي اڳ ۾ ئي غارتگريءَ ۾ شهرت رکن ٿا، سي اوهان جي تجارتي ناڪه بندي ڪري ڇڏيندا. عباس جي نصيحت تي قريش هن جي قتل کان باز آيا. پر ابوذر رضي الله عنه باز نه آيو. هو راه حق ۾ درد ۽ ايذاء جي لذت جو آشنا ٿي چڪو هو. ان ڪري ڦٽ چيٺي چڱو ڀلو ٿيو ته هڪ دفعو وري ڪعبي جي حرم ۾ وڃي ساڳيو اعلان ڪيائين. قريش به ساڻس ساڳي پهروڪي ڪار ڪئي. وري به عباس حيلا هلائي سندس جان بچائي. علامه ابن سعد هن واقعي بيان ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو  : ”وکانَ ذاَلِک بَدءُ اسلام ابي ذر“ ترجمو: ”هيءُ ابوذر رضي الله عنه جي اسلام جو آغاز هو.“ مڪي ۾ جيڪو جوهري پيدا ٿيو هو، سو پنهنجي اصحابن مان هرهڪ جو جوهر، صلاحيت ۽ استعداد مطابق هن کان بيعت وٺندو هو. هن ابوذر عفاريءَ جي طبعي جوهر جو انادزو ڪري ورتو هو. ابن الاثير جو بيان آهي : ”هن نبي ڪريم صلي الله ﷺ جن جي هڪ ڳالهه تي بيعت ڪئي هئي ته هو خدا جي راهه ۾ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندو ۽ هميشه حق چوندو، چاهي اُهو ڪيترو به ڪڙو هجي.“ بنو غِفار جي بيباڪ موحد ۽ حق پرست بدوي پنهنجو عهد ڪيئن نڀايو، تنهن جي شروعاتي احوال مٿي اچي چڪو. موت تائين اُن عهد تي هو ڪيئن ڪاربند رهيو، تنهن جو تفصيل هيٺ ايندو.[3]


تبليغ[سنواريو]

صاحب وحي ﷺ جن جي حڪم مطابق ابوذر غفاري رضي الله عنه ڪجهه وقت مڪي ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي قبيلي ۾ موٽي آيو. اُتي هن سڀني کان پهرين پنهنجي ڀاءُ انيس کي اسلام جي دعوت ڏني. هو اڳ ۾ ئي پنهنجي بلند اقبال ڀاءُ کان گهڻو متاثر هو. هاڻي ته هن جي پيشانيءَ ۾ اسلام جو نور چمڪي رهيو هو. انيس هڪدم اسلام قبول ڪري ورتو. پوءِ ٻيئي ڀائر گڏجي پنهنجي ماءُ وٽ ويا، جنهن پنهنجن پٽن جي دعوت تي لبيڪ چئي ۽ توحيد جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويئي. ان کان پوءِ ابوذر رضي الله عنه پنهنجي ڀاءُ کي ساڻ وٺي بنو غفار قبيلي جي هر خيمي ۾ ويو ۽ اسلام جي دعوت ڏنائين. ڪن ٿورن ماڻهن هن جي دعوت قبول ڪئي. ٻين سندس مخالفت شروع ڪئي ۽ هن جي خلاف اها پروپئگنڊا شروع ڪيائون، جيڪا هر داعي حق خلاف ڪئي ويندي آهي. چوڻ لڳا: ”لَقُد سَحَرَهُ هذ اِلَّذي يَدّعِي النبُوَةُ ٻِمَڪَته“ ترجمو: ”هُن تي انهيءَ ماڻهو جادو ڪيو آهي، جيڪو مڪي ۾ نبوت جي دعويٰ ڪري رهيو آهي.“ پر ابوذر رضه حق جي راهه ۾ پوئتي قدم هٽائڻ وارو نه هو. آخرڪار هن جي تبليغ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ بنو غِفار قبيلي جو سردار خفاف مسلمان ٿيو. هن جي مسلمان ٿيڻ سان سڄي قبيلي ۾ ”اسم خفاف ـــ اسلم خفاف“ (خفاف مسلمان ٿي ويو) جي هاهاڪار مچي ويئي آهي. ان کانپوءِ بنو غفار جي اڪثريت اسلام ۾ داخل ٿي ويئي. هو جماعت جي نماز پڙهڻ لڳا. ايماء بن رخصه هنن جي امامت ڪندو هو . قبيلي جا باقي رهيل افراد به ابوذر رضه جي تبليغ کان متاثر ٿيا. پر هنن هجرت کانپوءِ مديني ۾ پاڻ ڪريمن جي روبرو اسلام قبول ڪيو . ابوذر رضي الله عنه جي تبليغ کان سندن ڀرسان رهندڙ قبيلو ابواسلام پڻ متاثر ٿيو ۽ هو جڏهن مديني ۾ دربار رسالت ۾ پهتا ته چيائون: ”اسان اهو اسلام قبول ڪريون ٿا، جيڪو اسنا جي بنو غفار وارن ڀائرن قبول ڪيو آهي.“[3]


عسفان ۾[سنواريو]

پنهنجي قبيلي کان مطمئن ٿيڻ کانپوءِ ابوذر رضي الله عنه ٻين آسپاس جي بستين ڏانهن متوجهه ٿيو. مڪي ۾ قريشن هن سان جيڪا عقوبت ڪئي هئي، تنهن کان ته هو واقف هو. هن رسول ڪريم ﷺ جن کان موڪلائڻ وقت کين چيو هو ته هنن مون سان جيڪا تعدي ڪئي آهي، تنهن جو آءٌ کانئن وير وٺندس . هن کي وقت به وقت اِهي خبرون پڻ ملي رهيون هيون ته قريش رسول ۽ سندن اصحابن تي ڪهڙيءَ طرح ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا. ان ڪري هن عسفان ۾ اچي ديرا دمايا، جيڪو قريشن جي تجارتي شاهراهه تي واقع هو. اُتي هن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. ازانسواءِ قريشن جي قافلن تي وقت بوقت حملا ڪري کين خوفزده ڪندو رهندو هو. رسول ڪريم ﷺ جن جي هجرت تائين هو اُتي ئي رهيو .[3]


هجرت ۽ جهاد[سنواريو]

رسول ڪريم ﷺ جن کان موڪلائڻ وقت ابوذر رضه عرض ڪيو هو . ”آءٌ پنهنجي اهل عيال ڏانهن موٽي وڃان ٿو. آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته اوهان جي قوم (قريش) اوهان جي خلاف متحد آهي. مون کي انهي ڏينهن جو انتظار رهندو، جڏهن هنن سان جنگ جو حڪم ملندو. ان وقت آءٌ اوهان سان وري اچي ملندس.“ نبوت جي تيرهين سال رسول ﷺ مديني ڏانهن هجرت فرمائي. پر ابوذر رضه پنهنجين تبليغي ۽ تحريڪي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. ان وچ ۾ بدر، اُحد ۽ خندق جون لڙايون گذري ويون. هاڻي جهاد جي شوق هن کي پنهنجي بستيءَ ۾ رهڻ نه ڏنو ۽ اتان هجرت ڪري مديني ۾ رسالت پناهه جي حضور ۾ وڃي پهتو. ان کان پوءِ هو هر جهاد ۾ رسول ﷺ جو هم رڪاب رهيو. ڇهين هجري سال ۾ غطفان جي ڌاڙيلن، عيينه بن حصن جي سرڪردگيءَ ۾ مديني جي ٻاهران رسول الله ﷺ جن جي چراگاه تي حملو ڪيو. ان وقت ابوذر رضه ۽ سندس عيال ان چراگاهه ۾ پاڻ ڪريمن جي ڏاچين جي وڳ ۾ رهيل هئا. حمله آور ابوذر رضه جي پٽ کي شهيد ڪيو ۽ سندس گهر واريءَ کي قيد ڪري کڻي ويا. هو پاڻي اُٺين جا ڏاوڻ کولي رهيو هو ۽ فجر جي منهن ــــ اونداه ۾ هنن جي نظر نه چڙهيو. جيئن ئي اها خبر مديني پهتي ته رسول الله ﷺ ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو. مديني جا انصار گهوڙن ۽ اُٺن تي نڪري پيا. جليل القدر اصحابي ۽ رسول الله ﷺ جو شهسوار مقداد بن اسود رضه چوندو هو ته ان واقعي واري رات منهنجو گهوڙو زمين ۾ سنب هڻندو ۽ هڻڪارون ڪندو پئي رهيو. مون باربار اُٿي ڏٺو ته هن کي داڻي پاڻي جي طلب نه هئي. مون دل ۾ سوچيو ته ڪو واقعو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري فجر مهل مٿس سنج رکي ڇڏيم. صبح جو جيئن ئي ڌاڙي جي خبر پيئي ۽ رسول خدا ﷺ جو مدد لاءِ آواز گونجيو، تيئن آءٌ گهوڙي کي سِراڙي ۾ کڻي وڃي، ڌاڙيلن کي پهتس . انصاري شهسوار ابوقتاده رضه جو گهڙو به هڻڪارون ٻُڌي ڇنائڻ لڳو. ابوقتاده رضي الله عنه جي ڪن تي پاڻ ڪريمن جو اهو آواز پهتو ته ”جنگ لاءِ نڪرو ــــ نڪرو“، ته هو ان وقت گهر ۾ مٿو ڌوئي رهيو هو. اهو اڌ ۾ ڇڏي گهوڙي جي پشت تي ويٺو ۽ مقداد رضه کي وڃي پهتو. ان طرح اصحابي ڪن ڌاڙيلن تائين پهچي ويا ۽ ابوذر رضه جي گهر واري ۽ ڏهه ڏاچيون هنن کان ڇڏائي ورتائون ۽ باقي ڏهه ڏاچيون ڪاهي هو پري نڪري ويا. فتح مڪي واري لشڪر ۾ بنو غفار جا ٽي سو مجاهد شامل هئا ۽ هنن جو علم ابوذر غفاري رضي الله عنه جي هٿ ۾ هو . ساڳيءَ طرح حنين واري معرڪي ۾ به بنو غفار جو جهنڊو ابوذر رضي الله عنه کي عطا ڪيو ويو . رسول الله ﷺ کي مديني عاليه ۾ اهڙا اطلاع پهتا ته رومين جو شهنشاهه مديني تي حملو ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر جرار تيار ڪري رهيو آهي. هو شام جي عرب قبيلن کي پڻ اُڀاري رهيو آهي. ٻنهي جهانن جي سردار رومين سان سندن ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ شام تي چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو. سخت گرميءَ جي موسم هئي ۽ هڪ هزار ميلن جو ڊگهو سفر هو. ابوذر غفاري رضي الله عنه سفر جو سامان ٻڌي پنهنجي اُٺ تي رکيو، پر اُٺ اهڙو ته ٿڪل ۽ ڏٻرو هو، جو هڪ پير به اڳتي نٿي کنيائي. ان ڪري هو پوئتي رهجي ويو. ابوذر رضه اُٺ جي خدمت ۾ جنبي ويو. ڪجهه کل سائي ڪيائين ته هو تبوڪ ڏانهن روانو ٿيو. چند منزلن ڪڍڻ کان پوءِ ڏاگهو وري ٿڪي پيو ۽ هڪ هنڌ گوڏا کوڙي ويهي رهيو. هاڻي ابوذر رضي الله عنه اُٺ تان آهو پلي پنهنجو سامان پُٺن تي ٻَڌو ۽ اڪيلي سر شديد گرميءَ ۾ سوين ميل ڊگهو سفر بار سميت طئه ڪري، سخت اُڃ، بک ۽ پريشان حالت ۾ اسلامي ڪئمپ کي وڃي ويجهو پيو. لشڪر وارن پري کان ريگستان ۾ ٻنپهرن جي نٽهڻ اُس ۾ هڪ ڪارو ٽٻڪو ڏٺو. رسول ڪريم ﷺ جن کي ٻڌايائون ته ڪو پيادو اڪيلي سر مديني جي طرف کان اچي رهيو آهي. پاڻ ڪريمن فرمايو: ”کن ابا ذر“ (اهو ابوذر رضي هوندو). جڏهن ويجهو آيو ته ماڻهن کيس سڃاتو ۽ رسالت مآب کي اطلاع ڏنائون ته اهو پيادل ابوذر رضه آهي، ان تي ٻنهي جهانن جي ڪارڻيءَ هيءُ عجيب ڪلام ارشاد فرمايو : ”رَحَم الله اَباذَر ـــ يمشي وَحَدَهَ وَ يَموٿُ وَحَده و يُبعَث وَحَده.“ (ترجمو: ”ابوذر تي خدا جي رحمت هجي، هو اڪيلو هلندو، اڪيلو مرندو ۽ قيامت جي ڏينهن سندس حشر اڪيلو ٿيندو.“) آئنده جي واقعات ثابت ڪيو ته پاڻ ڪريمن جون ٻه پيشنگويون حرف ۾ حرف سچ ثابت ٿيون، ٽين به يقيناً قيامت جي روز سچ ثابت ٿيندي.[3]

رسول ڪريم ﷺ جو قرب[سنواريو]

مديني ۾ گهڻو ڪري هر وقت ٻنهي جهانن جي سردار جي خدمت ۾ ڪمبرسته رهندو هو. رات جو پاڻ ڪريم آرام فرمائيندا هئا ته ابوذر رضه به مسجد ۾ ليٽي پوندو هو . هو رسول الله ﷺ جن کان دين جي مصلحتن ۽ معرفت الاهي بابت سوال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو ۽ حضور ﷺ جي هن کي ڪيترن ئي رازن کان واقف ڪيو. امام احمد بن حنبل خود ابوذر رضي الله عنه جي واتان بيان ڪيل روايت نقل ڪري ٿو : ”هڪ رات آءٌ مسجد نبوي ۾ ستل هوس. منهنجي خلي مون کي پنهنجي مبارڪ پير جي اشاري سان جاڳايو. آءٌ اٿي ويٺس ته مون کي چيائين: ”ٻڌاءِ ته جڏهن توکي هن مسجد مان لوڌيو ويندو تڏهن تون ڇا ڪندين؟“ مون (ابوذر رضه) جواب ڏنو، ”آءٌ وري به ان مسجد ۾ موٽي ايندس.“ فرمايائون: ”جي وري به توکي ڪڍيو ويو ته پوءِ؟“ مون جواب ڏنو: ”آقا! اوهان جي مسجد مان جيڪو به مون کي ڪڍندو، تنهن سان جنگ ڪندس.“ منهنجو اهو جواب ٻڌڻ تي ٻنهي جهانن جي وسيلي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ارشاد فرمايو: ”نه ابوذر! نه! بلڪ ائين ڪندڙن کي معاف ڪري ڇڏج. جيڏانهن به هو توکي ڪاهين تون اوڏانهن وڃج. جيڪڏهن ڪو ڪارو ٻانهو توتي امير بنجي ڪو حڪم ڏئي ته ان جي اطاعت ڪج.“ ابوذر غفاري رضي الله عنه هيءَ حديث بيان ڪري، پوءِ چوندو هو ته رسول الله ﷺ جي وصال کان ويهه سال پوءِ عثماني خلافت ۾ مون کي مديني مان ڪڍي ربذه ڏانهن روانو ڪيو ويو. اتي پهتس ته ڏٺم ته هڪ حبشي ٻانهو نماز جي امامت ڪري رهيو هو. هو بيت المال جي اٺن ۽ گهوڙن جي سنڀال لاءِ اتي مقرر ڪيل هو. مون کي ڏٺائين ته هڪدم پوئتي هٽيو ۽ چيائين: ”اوهان نماز پڙهايو“ مون کي منهنجي آقا جو حڪم ياد هو. ان ڪري کيس چيم ته ”آءٌ رسول الله ﷺ جي امر جي اطاعت ڪندي، تنهنجي پوئتان نماز پڙهندس.“ هڪ ڀيري هو پاڻ ڪريمن سان گڏ وڃي رهيو هو ته حضور ﷺ جن ٽي دفعا هيءَ جملو ارشاد فرمايو: ”دجال کان علاوه به هڪ گروه آهي جنهن بابت مون کي خوف آهي ته هو منهنجي اُمت کي هلاڪت ۾ وجهندا.“ ابوذر رضه خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. آخر سوال ڪيائين: ”يا رسول اللهﷺ اُهي ڪير آهن، جن کي اوهان دجال کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهو ٿا؟“ فرمايائون: ”گمراه امام .“ حافظ ابونعيم اصبهاني لکي ٿو  : هڪ ڀيري رسول الله ﷺ ابوذر رضه کي چيو: ”اسان کان پوءِ تو تي وڏيون تڪليفون اينديون.“ ابوذر رضه عرض ڪيو: ”ڇا راه خدا ۾؟“ فرمايون: ”فقط خدا ڪارڻ.“ ان تي عظيم اصحابي چيو: ”مرحبا بامِر الله“ يعني ”يا رسول الله ﷺ الاهي امر جي مرحبا ڪندس.“ (اصبهاني جي روايت ختم ٿي). ابوذر رضي الله عنه جي حالات پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته رسول الله ﷺ جن کي الله تعاليٰ مستقبل ۾ ٿيڻ وارن واقعن جو جيڪو علم عطا ڪيو هو اُن جي آڌار تي پنهنجي صاحب عزيمت عاشق ۽ بيباڪ اصحابيءَ کي اڳواٽ انهن حالتن لاءِ تيار ڪيو هئائون. هڪ ڀيري ٻنهي جهانن جي ڪارڻيءَ کيس چيو: ”ابوذر! جڏهن اهڙو وقت ايندو، جڏهن مسلمانن جا حاڪم سندن مال ۾ تصرف ڪندا، تڏهن تون ڇا ڪندين؟“ ابوذر: ”قسم آهي اُن ذات جو جنهن اوهان کي هادي برحق ڪري اماڻيو، آءٌ تلوار سان جهاد ڪندس تان جو اوهان سان اچي ملان.“ حڪم مليو: ”نه ابوذر! توکي ان کان بهتر راهه ٿو ڏسيان. جيسين تنهنجي مون سان ملاقات ٿئي، تيسين صبر ڪجانءِ .“ رسول ڪريم ﷺ کانپوءِ: رسول الله ﷺ جن جي وصال کانپوءِ ابوذر غفاري رضي الله عنه مديني ۾ ويڳاڻو ٿي ويو.هن جي طيعت منڍ کان ئي زهد ڏانهن مائل هئي. هاڻي هن دنيا جي ڌنڌن سان ڪو واجبي واسطو رکيو. هر وقت غور، فڪر، عبادت ۽ تبليغ ۾ رڌل هوندو هو. سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي خلافت ۾ ته وري به مديني ۾ وقت گهاري ويو. پر پوءِ اُتي رهي نه سگهيو ۽ شام جي ملڪ ڏانهن هليو ويو. هو پاڻ چوندو هو ته مون کي آقا چيو ته جڏهن مدينو جبل سلع تائين ڦهلجي وڃي، تڏهن تون اتان هليو وڃج. امير عمر رضي الله عنه جي زماني ۾ هر طرف فتوحات ٿيڻ لڳيون ۽ مديني جو شهر چڱو خاصو پکڙي ويو. ان ڪري ابوذر رضه شام ۾ غربت اختيار ڪئي. رسول الله ﷺ جن جي فراق هن جي سيني ۾ اونهو گهاءُ ڪيو هو. سيدنا بلاول حبشي رضي الله عنه پڻ حضور ﷺ جن کان پوءِ شام جا وڻ وڃي وسايا هئا. هو اذان ڏيڻ پڻ ڇڏي ڏني هئي. هڪ ڀيري شام ۾ جابيه جي مقام تي اصحاب ڪرام هن کي منٿ ڪري آذان ڏياري. اصحابن بلال رضه جي اذان ٻڌي ته کين رسول الله ﷺ جن جو زمانو ياد اچي ويو ۽ گريه ۽ بڪاءَ ڪرڻ لڳا. ان ڏينهن ابوذر غفاري رضه عنه جو اهو حال ٿيو جو هن هڪ دردناڪ رڙ ڪئي ۽ پوءِ گهڻي مدت تائين گريه ۽ زاري ڪندو رهيو. امام احمد بن حنبل لکي ٿو  : ”هڪ ڏينهن احنف بن قيس بيت المقدس جي مسجد ۾ داخل ٿيو. ڏٺائين ته هڪ شخص ڊگها سجدا ڪري رهيو آهي. هو ڏاڍو متاثر ٿيو. جڏهن عابد پنهنجن سجدن کان فارغ ٿيو، تڏهن هن کان نماز بابت هڪ سوال پڇيائين.“ عابد جواب ڏنو: ”منهنجي محبوب ابوالقاسم ﷺ مون کي ٻڌايو“... اِهي اکر چيائين ته ٻڍي عابد جو آواز نڙي ۾ اٽڪي پيو. وري چيائين ”منهنجي محبوب مون کي...“ ايتري ۾، سندس آواز گهٽجي ويو ۽ اکين مان ڳوڙهن جي برسات وسڻ شروع ٿي ويس.... ٻڍي عابد ٽيون ڀيرو پنهنجي پاڻ تي ضبط ڪري احنف کي ٻڌايو ته منهنجي حبيب مون کي ٻڌايو هو ته بندو جڏهن به سجدو ڪندو آهي ته الله تعاليٰ سندس خطائن کي ميساري ڇڏيندو آهي ۽ انهن جي جاءِ تي هن کي نيڪين جو ثواب عطا ڪندو آهي. ٻڍي زاهد اهو جملو ختم ڪيو ته احنف بن قيس پڇيس: ”خدا توتي رحم ڪري! ٻڌاءِ ته ڪير مڙس آهين؟“ زاهد جواب ڏنو: ”آءٌ رسول الله ﷺ جن جو خادم ابوذر آهيان.“ ابوذر رضه ۽ معاويه رضه: مورخ مسعودي جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته مير عثمان رضه جي دور ۾ ابوذر رضه مديني ۾ آيو هو. ان زماني ۾ مديني ۾ دولت جي فراواني هئي. ابوذر رضه جو موقف اهو هو ته مال جمع ڪرڻ جائز نه آهي. ضرورت کان وڌيڪ جيڪي ڪجهه هجي سو راه خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏجي. هڪ ڀيري امير عثمان رضه پنهنجي ڪچهريءَ ۾ سوال پڇيو: ”جيڪو ماڻهو زڪوات ادا ڪري تنهن تي ٻيو به ڪو حق اهي؟“ ڪعب احبار اُتي موجود هو.هن چيو: ”امير المؤمنين! نه....“ ان تي ابوذر رضه الله عنه تي جلال واري ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ ڪعب کي اُرد ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيائين. هن قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون پڙهيون، جن ۾ خدا جي راه ۾ مال خرچ ڪرڻ جون هدايتون ڏنل آهن. بهرحال امير المؤمنين هن تي ناراض ٿيو ۽ کيس مدينو ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. ابوذر رضه کي پاڻ ڪريمن امير جي اطاعت جي تعليم ڏني هئي ۽ ان ڪري حڪم جي تعميل ڪيائين ۽ مدينو ڇڏي شام پهتو. اُتي امير معاويه رضه وٽ شاهي دربار وارو رنگ ڏٺائين فتوحات جي ڪري هر هنڌ دولت جي ريل پيل هئي. سڀني اسلامي شهرن ۾ مختلف قومن، رنگن ۽ نسلن جا ٻانها ۽ ٻانهيون وڏي تعداد ۾ موجود هئا. دولت جي آمد ۽ رومي ۽ عجمي ثقافتن جي آميزش جي ڪري ماڻهن جي اٿڻي ۾ ويهڻي ۽ رهڻي ڪرڻي ۽ بودوباش جي طريقن ۾ تبديلي رونما ٿي رهي هئي. ڪن اصحابن پڻ وسيع جاگيرون، ڪشادا گهر ۽ اُٺن، گهوڙن ۽ غلامن جا ڪٽڪ پنهنجين ملڪيتن ۾ آندا هئا. امير ۽ حاڪم بيت المال مان پنهنجي مرضي مطابق خرچ ڪرڻ لڳا. ابوبڪر ۽ عمر رضي الله عنهما جي زماني ۾ بيت المال قرآن ۽ سنت جي احڪام مطابق خرچ ڪيو ويندو هو. هنن ٻنهي بزرگن پنهنجي ذات خاندان لاءِ ڪابه منفعت حاصل نه ڪئي ۽ نه وري پنهنجن عزيزن قريبن کي ڪي منصب عطا ڪيا. امير عثمان رضه جي زماني ۾ وڏا وڏا سياسي منصب سندس خاندان بنواميه جي ماڻهن کي ڏنا ويا. ازانسواءِ مالي معاملن بابت به حضرت عثمان رضه ۽ ابوذر رضي الله عنه جي اجتهادي راين ۾ اختلاف هو. هن سلسلي ۾ معاويه رضه ۽ سندس حامين جو چوڻ هو ته سرڪاري خزانو خدا جو مال آهي ۽ امير اُن مان پنهنجي مرضي سان خرچ ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ابوذر رضه اعلان ڪيو ته اهو ”خدا جو مال“ نه پر ”مسلمانن جو مال“ آهي. امير کي شرعي حدن کان ٻاهر اُن مان تصرف ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. ابوذر رضي الله عنه رسولڪريم ﷺ جن جي ڏسيل راهه ۽ سندس عمل تان هڪ تر جيتري ته روگرداني ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن مالدار طبقي کي وعظ نصيحت ۽ ملامت ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري سندس وقت جا امير امراء، جن مان اڪثر جو تعلق بنو اميه خاندان سان هو، سي هن کي هڪ خطرناڪ ماڻهو سمجهڻ لڳا. ان زماني ۾ اميرمعاويه رضه پنهنجي لاءِ دمشق ۾ هڪ عاليشان محل ٺهرائي رهيو هو. ابوذر رضه جي اُن تي نظر پيئي ته معاويه رضه کي چيائين: ”جيڪڏهن هي محل بيت المال جي خزاني مان ٿو ٺهرائين ته خيانت آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي ملڪيت مان ٿو ٺهرائين ته اسراف آهي.“ هڪ ڀيري معاويه رضه جي هڪ درٻاري ۽ شامي امير حبيب بن مسلم ٽن سون دينارن جي هڪ ٿيلهي هن ڏانهن ڏياري موڪلي. ابوذر رضي الله عنه اِها رقم قبول نه ڪئي ۽ چيائي : ”“اها رقم هن کي واپس ڪريو. ڇا هن کي مون کان سواءِ ڪو ٻيو ماڻهو نٿو ملي، جنهن سان ڌوڪو ڪري. مون وٽ اُس کان بچڻ لاءِ ڇانو آهي. ڪجهه ٻڪريون اٿم، جن جو کير مون لاءِ ڪافي آهي. هڪ خادم آهي، جيڪا ڪم ۾ مدد ڪري ٿي. ان کان وڌيڪ مال ملڪيت رکڻ کان ڊڄان ٿو.“ ابوذر غفاري رضي الله عنه شام جي دولتمندن تي جرح ڪرڻ وقت قرآن مجيد سوره ”التوبه“ جي آيت 34 مان دليل ڏيندو هو. اُن آيت ۾ حق تعاليٰ فرمايو: ”جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي جمع ڪن ٿا ۽ اهو خدا جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.“ معاويه رضه چوندو هو ته اها آيت اهل ڪتاب بابت نازل ٿي آهي، جڏهن ته ابوذر رضه جو چوڻ هو ته اها انهن سان توڙي اسان سان هڪ جهڙو لاڳو آهي . ابوذر رضه الله عنه جي وعظ ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ هن جي چوڌاري ماڻهن جا انبوهه جمع ٿي ويندا هئا. اِنهيءَ ڳالهه معاويه رضه کي پريشان ڪيو. آخر هن ٽن اصحابين هر هڪ ابو رداءِ رضه، عباده بن صامت رضه ۽ عمرو بن عاص رضه کي هن ڏانهن سمجهائڻ لاءِ اماڻيو. ابوذر رضه ٽنهي کي ڇنڊي ڇڏيو، هنن کي چيائين : ””اي ابو درداءَ! تون رسول ڪريم ﷺ جن جي وصال کان ٿورو اڳ اسلام ۾ داخل ٿئين. تاهم تون مرد صالح آهين. اي عباده!‘ توکي برابر اسلام ۾ سبقت ۽ فضيلت حاصل آهي. مون کي تو ۾ ڪڏهن به اهڙي اميد نه هئي، ته تون معاويه رضه جي پاران مون سان ڳالهائڻ ايندين. اي عمرو بن عاص! تنهنجو هنن معاملن ۾ ڇا وڃي؟ اسان اسلام آندو ۽ اسان جهاد ڪيو. تون ته پنهنجي اُٺ کان به وڌيڪ گهمراهه هئين!“ امام احمد بن حنبل رح پڻ مسند ٿوري ڦيرڦار سان هيءَ روايت نقل ڪئي آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ هي لفظ لکيا اٿس: ابوذر رضه آخر ۾ هن وفد کي چيو: وڃو ۽ معاويه رضه کي وڃي چئو ته هوش ڪري. جيڪي آءُ چوان ٿو اُن تي عمل ڪري ۽ دنيا ڪارڻ پنهنجي دين کي برباد نه ڪري.“ هنن صاحبن موٽي معاويه رضه کي وڃي رپورٽ ڏني. آخر ۾ عباده بن صامت رضه معاويه رضه کي چيو: ”بلاشڪ مون ڪڏهن به ههڙي بيباڪ ۽ واضح گفتگو ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪانه ٻڌي.“ امير معاويه پنهنجي لابي کي ناڪام ڏسندي، ٻيو وار ڪيو. حافظ ابن ڪثير لکي ٿو : ”معاويه رضه هڪ ماڻهوءَ جي هٿان هڪ هزار دينار ابوذر رضه ڏانهن ڏياري موڪليا، جنهن فوراً اها رقم وڍي، مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ساڳيو قاصد هن وٺي پهتو. جنهن چيس ته اها رقم ڀُل وچان اوهان کي ڏني هيم، مهرباني ڪري واپس ڪريو. ابوذر رضه جواب ڏنو: مون ته اها انهيءَ وقت خرچ ڪري ڇڏي. هاڻي انتظار ڪر. جڏهن مون کي بيت المال مان وظيفو ملندو، تڏهن رقم واپس ڪندس.“ معاويه رضه جي انهيءَ اٽڪل مان مقصد اِهو هو ته جيڪڏهن هو رقم واپس ڪندو ته هو اِهو مشهور ڪندو ته ابوذر رضه هڪ رات لاءِ رقم گهر ۾ محفوظ رکي. اُن مان دولت گهر ۾ رکڻ جو جواز پئدا ٿيندو، پر هن جي چالاڪي ناڪام ويئي. ابن الاثير معاويه رصه جي ان چال جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو : ”هاڻي معاويه محسوس ڪيو ته هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه فرق نه آهي. هن امير عثمان رضه ڏانهن خط لکيو ته ابوذر رضه مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. هو فلاڻيون فلاڻيون ڳالهيون (جيڪي هو مالدارن لاءِ چوندو هو) ڪري ٿو. اُن جو ڪو تدارڪ ڪريو.“


هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته معاويه رضه هڪ دورانديش سياستدان هو. هو وقت بوقت امير عثمان رضي الله عنه کان اجازت گهرندو رهيو ته کيس بحري جنگ جي اجازت ڏني وڃي. هن جي دُوررس نگاهن ڏسي ورتو هو ۽ ته اسلامي رياست جي دفاع ۽ اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ بحري قوت جو هئڻ ضروري آهي. هن باربار عمر رضه کي لکيو ته شام جي سرحدي شهر کان رومي علائقا ايترا ويجها آهن، جو اسان رات جي وقت هنن جي ڪڪڙن جون ٻانگون ۽ ڪتن جون ڀونڪون ٻڌي سگهون ٿا. پر وچان سمنڊ حائل آهي. امير عمر رضي الله عنه سندس دور جي حالتن کي مدنظر رکندي، معاويه رضه کي بحري مهمن جي اجازت نه ڏني. تاهم امير عثمان رضي جي زماني ۾ هو اهڙي اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن قبرص تي سامونڊي رستي سان چڙهائي ڪري ڏني. ان حملي ۾ ڪيترائي اصحابي شريڪ هئا، جن ۾ ابوذر غفاري رضي الله عنه پڻ هو. جڏهن معاويه رضه کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، تڏهن جواب ڏنائين: ”بلڪل شريڪ ٿيندس. خدا جي راهه ۾ هڪ ڏينهن جهاد ڪرڻ گهر ۾ رهڻ وارن هڪ هزار ڏينهن کان بهتر آهي.“ قبرص فتح ٿيو ته موٽي دمشق آيو ۽ معاويه رضه جي ڪمزورين ۽ حاڪمن ۽ اميرن جي زرپرستيءَ تي تنقيد جو سلسلو وري شروع ڪري ڏنائين. ابوذر رضي الله عنه جي انهي عمل مان ثابت ٿو ٿئي ته خارجي معاملن ۽ جهاد جي سلسلي ۾ هو خلافت عثماني جو حامي هو. البت مالي معاملن ۽ اندروني پاليسين جي اصلاح لاءِ تبليغ ۽ تنقيد ٿي ڪيائين. ڇو ته هو ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جن جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي هئي ته ”آءٌ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندس ۽ حق جو ڪلمو چوندو رهندس، چاهي اُهو ڪيترو به تلخ هجي.“ شام ۾ رهائش واري زماني ۾ هو امير عثمان رضه جي اجازت سان حج ۽ قبر رسول الله ﷺ جن جي زيارت لاءِ پڻ ويندو هو. هن ڪن حڪومتي پاليسين تي تنقيد جو حق استعمال ڪندي ”امير جي اطاعت“ واري نبوي حڪم تي پوريءَ ريت عمل ڪري ڏيکاريو ۽ ڪڏهن به امير جي حڪم عدولي نه ڪيائين. ابوذر رضي الله عنه جو وعظ ۽ تبليغ ٻڌي شام جا امير، امراءَ ۽ سرمايدار طبقا هن کان ڪترائڻ ۽ ٽهڻ لڳا. جڏهن ته عام ماڻهو ۽ صالح مسلمانن جون دليون هن ڏانهن مائل ٿينديون ويون. حافظ ابو نعيم اصبهاني لکي ٿو : ڪنهن ماڻهوءَ کانئس پڇيو: ”ابوذر! ڇا ڳالهه آهي، جو هي ماڻهو (زردار) تنهنجي مجلس مان اُٿيو وڃن؟ جواب ڏنائين ”آءٌ کين دولت جمع ڪرڻ کان روڪيان ٿو.“ حديث، سيرت ۽ تاريخ جي مختلف ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته معاويه رضه ماڻهن کي ابوذر رضه سان ميل جول رکڻ کان منع ڪئي هئي. بنو تميم جو سردار احنف بن قيس بيان ٿو ڪري : ”هڪ ڀيري شام ۾ هڪ مسجد ۾ آءٌ ابوذر رضه سان مليس ۽ ساڻس واقفيت ڪرايم. هن مون کي چيو ته مون وٽ نه ويهه متان توکي ڪا تڪليف ڏني وڃي.“ مون پڇيس ته ”مون کي ڇو تڪليف ڏني ويندي؟“ جواب ڏنائين: ”معاويه رضه ماڻهن کي مون وٽ اچڻ کان جهلي ڇڏيو آهي.“ اصبهانيءَ جي هڪ روايت مان معلوم ٿو ٿئي ته شام جي حاڪمن هن کي مختلف طريقن سان خوفزده ۽ هراسان ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي. هن جي راوي علي بن زيد ابوذر غفاري رضه الله عنه جو هيءُ قول نقل ڪيو آهي  : ”بنو اميه مون کي مفلسي ۽ موت جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته مون کي تونگريءَ جي مقابلي ۾ فقيري ۽ زندگيءَ جي مقابلي ۾ موت وڌيڪ محبوب آهي.“ هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ چيس ته تون قتل ڪيو ويندين. جواب ڏنائين: ”اڃا منهنجي موت جو وقت نه آيو آهي. منهنجي حبيب ﷺ مون کي ٻڌايو هو ته مرڻ وقت تون هڪ ويراني ۾ هوندين ۽ اڪيلو هوندين. اڃا اُهو وقت نه آيو آهي، ڇو ته آءٌ هڪ بستيءَ ۾ ۽ ماڻهن جي وچ ۾ آهيان.“ شام مان نيڪالي: معاويه رضه وقت بوقت امير عثمان رضي الله عنه کي اهڙا اطلاع موڪليندو رهندو هو ته ابوذر رضه شام ۾ ماڻهن کي برغلائي رهيو آهي. آخرڪار امير المؤمنين حڪم ڏنو ته هن کي مديني روانو ڪيو وڃي. ان سان گڏ هن معاويه رضه کي هدايت ڪئي. : ”آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته ڪو فتنو منهن ڪڍڻ وارو آهي. تون اُن جو تدارڪ نه ڪري سگهندين. ابوذر رضه کي مون ڏانهن روانو ڪر. هن سان گڏ هڪ سونهون به اُماڻج. هن کي راه جو خرچ ڏج ۽ ساڻس نرمي وارو برتاءُ ڪجانءِ.“ مؤرخ مسعودي هن جي شام مان مديني ڏانهن روانگيءَ جي سلسلي ۾ لکي ٿو : ”معاويه رضه امير عثمان رضه ڏانهن لکيو ته ابوذر رضه ڏانهن عوام جو رجوع وڌي رهيو آهي. مون کي خوف آهي ته هو اوهان لاءِ مشڪلاتون پئدا ڪندو. بهتر ٿيندو ته اوهان کيس پاڻ وٽ گهرائي وٺو. اُن تي امير عثمان رضه حڪم ڏنو ته هن کي اُٺ تي چاڙهي پنجن رومي غلامن سان گڏ مديني روانو ڪيو. معاويد رضه هن کي سخت پلاڻ واري اُٺ تي ڀاڙهي پنجن رومي غلامن سان گڏ مديني روانو ڪيو، جن اُٺ کي نهايت تيزيءَ سان ڊوڙايو. مديني پهچڻ تائين هن جي رانن جو گوشت ڦاٽي پيو ۽ مرڻ هارڪو ٿي ويو. ماڻهو سندس حال ڏسي چوڻ لڳا: ”توهان هنن زخمن وگهي وفات ڪري ويندا.“ همدردي ڪندڙن جي جواب ۾ ابوذر رضي الله عنه چيو : ”هَيهاتَ ـــ لنَ اموتَ حتى اَنفى...“ ترجمو: ”منهنجو موت پري آهي. آءٌ تيستائين نه مرندس جيستائين مون کي مديني مان جلاوطن نه ڪيو ويو آهي...“ مديني مان اخراج: مديني ۾ اچڻ کان پوءِ به هن حڪومت جي مالي ۽ انتظامي پاليسين تي تنقيد جاري رکي. بعضي قريش، جن کي صحابيت جو شرف به حاصل هو، تن وٽ گهڻو ڌن جمع ٿي ويو ۽ سندن خوراڪ، لباس ۽ نشست برخواست ۾ فرق اچي ويو. ابوذر رضي الله عنه هنن کي رسول الله ﷺ واري سادگيءَ طرف موٽڻ جي دعوت ڏيندو رهيو. هو پاڻ چوندو هو : ”مَا زالَ لِي الامَربالمعرُوف وَالَنهي عَنِ المنڪَرِ حَتيٰ مَاتَرڪ لِي الحقُ صَديِقا.“ ترجمو: ”آءٌ نيڪيءَ جو حڪم ۽ برائيءَ کان منع ڪندو رهيس. حق گوئيءَ جي ڪري منهنجو ڪو به دوست باقي نه رهيو آهي.“ امير عثمان رضي الله عنه هن کي سمجهايو ۽ خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو. پر هو جنهن ڳالهه کي حق سمجهندو هو تنهن جي اظهار کان باز نه آيو. حافظ ابو نعيم اصبهاني جو باين آهي  : ”هڪ ڀيري هن وٽ ڪو ماڻهو آيو ۽ چيائين: ”امير عثمان رضي الله عنه جا ٽئڪس وصول ڪندڙ اسان تي زيادتي ٿا ڪن. ڇا اهو صحيح ٿيندو ته اسان کان هو جيڪا زياده وصولي ڪن ٿا اوترو مال هنن کان لڪائي ڇڏيون؟“ ابوذر رضه جواب ڏنو: ”نه، پنهنجو سمورو مال هنن کي ڏيکاري کين ٻڌايو ته جيڪو به سرڪاري حق آهي سو وٺو ۽ ناحق نه ڪريو. ان هوندي به هو زيادتي ڪن ته برداشت ڪريو. قيامت جي ڏينهن اهڙي زيادتي ڪندڙن جون نيڪيون اوهان جي کاتي ۾ وڌيون وينديون“ جنهن وقت ابوذر رضه سائل جي سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو تنهن وقت هڪ قريشي جوان هن جي گفتگو ٻڌي رهيو هو. هن کيس چيو: ”امير المؤمنين توکي فتوائن ڏيڻ کان جهليو آهي، تڏهن به خاموش نٿو رهين.“ ابوذر رضي الله عنه جواب ڏنس: ”قسم آهي اُن ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنڌ تي تراڙ رکندؤ تڏهن به آءٌ رسول الله ﷺ جي تعليم ماڻهن تائين پهچائيندو رهندس، تان جو اوهان منهنجو سر جسم کان جدا ڪري ڇڏيو.“ انهيءَ زماني ۾ هڪ ڏينهن عبدالرحمٰن بن عوف رضي الله عنه جي وفات سبب سندس ترڪي جو فيصلو امير عثمان رضه وٽ آيو. عبدالرحمٰن رضه جو ڇڏيل سون ۽چانديڦهلايو ويو ۽ ڳچ پٽ ڀرجي ويو. ان موقعي تي امير عثمان رضه اهڙو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو زڪوات ۽ خيرات کان پوءِ به هيترو مال جمع ڪري ته اُن ۾ ڪوبه حرج نه آهي. حاضرين مان ڪعب الاحبار رضه امير عثمان رضه جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. ايتري ۾ ابوذر عفاري رضه ڪعب کي مٿي ۾ ڏنڊو وهائي ڪڍيو . هن واقعي ڪري امير عثمان رضي الله عنه ابوذر رضي الله عنه تي سخت ناراض ٿيو. مؤرخ مسعودي لکي ٿو : ”ڪعب کي لٺ وهائي ڪڍڻ کان پوءِ ابوذر رضه پڪاريو: ”مون پنهنجي حبيب ﷺ کان ائين ٻڌو هو ته آءٌ چاهيان ٿو ته وفات وقت هڪ ماسو سون يا چاندي پوئتي نه ڇڏيان.“ اُن تي امير عثمان رضه کيس حڪم ڏنو ”هتان نڪري وڃ“. ابوذر رضه چيو: ”مڪي وڃان؟“ چيائين ”نه“. ابوذر رضه وري چيو: ”مون کي الله جي گهر ۾ رهڻ کان نه روڪ، باقي حياتي اتي بندگي ڪرڻ گهران ٿو.“ جواب مليو: ”نه“، اُن کا پوءِ هن بصري ۽ مديني ۾ رهڻ لاءِ اجازت گهري، پر اميرالمؤمنين انڪار ڪيو. ان تي ابوذر رضه چيو: ”جيڏانهن حڪم ڪندين تيڏانهن هليو ويندس.“ آخرڪار عثمان رضي الله عنه چيس: ”آءٌ توکي ربذه ڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿو ڏيان.“ جيئن ئي ابوذر رضي ربذه جو نالو ٻڌو تن نعرو هنيائين: ”الله اڪبر! صدق رسول الله ﷺ.“ خدا جو رسول ﷺ سچو آهي. هن مون کي ٻڌايو هو ته توکي مڪي ۽ مديني کان روڪيو ويندو. تنهنجو ربذه ۾ موت ٿيندو. توکي غلاف کان حجاز ڏانهن ويندڙ مسافر دفن ڪندا.“ ابن جرير طبري لکي ٿو ته جڏهن ابوذر رضي الله عنه شام مان مديني آيو تڏهن مدينو اڳئين کان به وڌيڪ ڦهلجي چڪو هو. اتي امير عثمان رضي الله عنه سان مليو ته هن کانئس معاويه رضه سان اختلاف جا سبب پڇيا. ابوذر رضه چيو : ”منهنجو چوڻ آهي ته هڪ ته بيت المال خدا جو مال نه آهي، مسلمانن جو مال آهي ۽ ٻيو ته دولتمندن کي مال جمع ڪرڻ نه گهرجي.“ امير المومنين عثمان رضه فرمايو: ”اي ابوذر رضه! آءٌ پنهنجن فرضن ۽ ذميوارين کان واقف آهيان. آءٌ ماڻهن کي زهد لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهان. البته وچٿري راءِ جي تلقين ڪندو رهندس.“ امير عثمان رضه جي انهيءَ جواب ٻڌڻ کان پوءِ ابوذر رضه خود مدينو ڇڏي ربذه ڏانهن وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. امير عثمان رضه ان لاءِ کيس هر ڪا سهولت ڏني ۽ چيائينس ته ڪڏهن ڪڏهن مديني ايندو رهج. (طبري جي روايت ختم ٿي). ٻين به ڪن مؤرخن طبري واري روايت اختيار ڪئي آهي. پر ڪعبه احبار واري واقعي جي سڀني تصديق ڪئي آهي. ازانسواءِ سڀني مؤرخن ۽ سيرت نگارن امير عثمانه رضه جي خلاف برپا ٿيل شورشن جي سببن مان هڪ سبب ابوذر رضه جي مديني مان نڪرڻ وارو واقعو بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن هو رضا ۽ رغبت سان وڃي ها ته ايتريون متواتر روايتون مسعودي جي تائيد ۾ نه ملن ها. ابن سعد لکي ٿو. : ”ابوذر ۽ عثمان رضي الله عنهما پاڻ ۾ اڪيلائي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. سندن آواز قدري اوچا ٿي ويا. ابوذر رضه ٻاهر نڪتو ته مشڪي رهيو هو. ماڻهن پڇيس ته اميرالمومنين ۽ اوهان پاڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪئي؟ جواب ڏنائين ته مون هن جي ڳالهه ٻڌي ۽ سندس اطاعت ڪندس. جيڪڏهن مون کي عدن يا صنعاعه ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏيندو ته اُهو به مڃيندس. هن وقت مون کي ربذه ڏانهن وڃڻ جو امر ڪيو اٿائين.“ امير عثمان ۽ ابوذر رضي الله عنه جي اجتهادي اختلافن کي بنياد بنائي ڪن ماڻهن امير عثمان رضه تي بيجا طعن ۽ تشنيع ڪئي آهي. حالانڪه هن اعتدال جي راهه اختيار ڪئي. معاشي عوامل تمدني تبديلين جي ڪري اسلامي دنيا ۾ جيڪي معاشرتي تبديليون اچي رهيو هيون ته تن کي روڪڻ محال هو. امير عثمان رضه جو چوڻ هو ته آءٌ زور زبردستيءَ سان زهد تي عمل ڪرائي نٿو سگهان. ابوذر رضه هر حال ۾ رسول ﷺ جي حڪمن جي اطاعت ڪئي. هو امير جي حڪم جو احترام ڪندي خوشي سان ربذه هليو ويو. ڪن ماڻهن کيس اتان عراق وڃڻ جي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪيو ۽ سلي ۽ طاعت“ ڪندو رهيو. بعض مسلمانن واري انتها وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ۽ چوندا آهن ته ابوذر رضه هڪ مجذوب ۽ تارڪ هو. ابن سبا هن کي امير عثمان رضه ۽ بنو اميه خلاف اٿاريو. اسان هن راءِ کي به هڪ گستاخي ٿا سمجهون. جنهن شخص جاهليت ۾ پنهنجي فراست سان توحيد کي سمجهيو، جنهن چوٿين يا پنجين نمبر تي اسلام آندو ۽ جنهن جي صداقت، بيباڪي ۽ حق گوئيءَ متعلق رسول ڪريم ﷺ کان قطعي نص موجود آهي تنهن لاءِ اهڙي راءِ رکڻ بجاءِ خود هڪ مجذوبانه حرڪت آهي. ابوذر رضه عزيمت واري راهه اختيار ڪئي جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. اڄ به هن جي قدمن جا نشان حق جي طالبن ۽ عزيمت جو طريقو اختيار ڪندڙن جي راه روشن ڪري رهيا آهن. حافظ ابن عبدالبر قرطبي صاف لکي ٿو : ”تُمَ استَقَدَمَه عُثمان لِشکوي معاوَيه فَنَفاه وَاسکَنَه الربذَةَ ومَاتَ بِها“ ترجمو: ”معاويه رضه جي شڪايتن جي ڪري عثمان رضه کيس اتان گهرائي ورتو. پوءِ هن کي ربذه ڏانهن نيڪالي ڏنائين ۽ اتي هن وفات ڪئي.“ ابن الاثير لکي ٿو : ”زماني پنهنجو رنگ بدلايو ۽ ابوذر رضه کي ربذه ڏانهن ڪڍيو ويو.“ زيد بن وهب نالي راوي ربذه جي واديءَ ۾ ابوذر رضه سان مليو هو ۽ کانئس حال احوال ورتو هئائين. ابوذر رضه معاويه رضه سان اختلاف ۽ شام مان مديني ۾ آمد جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ کيس ٻڌايو : ”آءٌ مديني پهتس ته مون تي ماڻهن جا ميڙا ٿي ويا. ڄڻڪ هنن اڳ ۾ مون کي ڏٺو ئي ڪونه هو. جڏهن عثمان رضه کي اِهي خبرون مليون تڏهن هن مون کي چيو ته آءٌ توکي مديني کان ٻاهر ڪڍڻ گهران ٿو. ڇا توکي قبول آهي؟ پوءِ هن مون کي هِن جاءِ تي ڏياري اماڻيو آهي. جيڪڏهن ڪو حبشي ٻانهو امير هجي ۽ مون کي ڪو حڪم ڪري ته آءٌ اهو قبول ڪندس.“ هنن سڀني روايتن مان صاف ظاهر آهي ته بنو اميه ۽ قريش جا نوجوان ۽ ٻيا مالدار ماڻهو ابوذر رضه جي تنقيد کي ناپسند ڪندا هئا. هو حڪومت جي مالي پاليسين تي به نڪته چيني ڪندو هو. هن وقت جي خليفي جي دربار ۾ ڪعب احبار کي ٻه دفعا مجروح ڪيو هو. معاويه رضه اڳ ۾ ئي امير عثمان رضه کي هن جي خلاف ڀڙڪايو هو. ويتر جو وٽس عام مسلمانن جا هجوم اچي گڏ ٿيا، تنهن ڪري امير عثمان رضه هن کي دارالخلافه کان ٻاهر ڪنهن غير آباد گوشي ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن رسول الله ﷺ جي ڏنل تعليم ۽ تربيت تي عمل ڪندي امير جي حڪم جي رضا ۽ رغبت سان اطاعت ڪئي.[3]

ربذه ڏانهن ڪوچ[سنواريو]

ان کان پوءِ هو هن حال ۾ مديني مان نڪتو جو پنهنجي گهر واريءَ (ڪن روايتن مطابق پنهنجي ڌيءَ) کي پنهنجي اُٺ تي سوار ڪيائين. امير المومنين عثمان رضي الله عنه ماڻهن کي جهليو هو ته هن سان گڏ نه وڃن. تاهم رواني ٿيڻ وقت بنو هاشم مان علي بن ابي طالب، حسن، حسين، عقيل بن ابي طالب، عبدالله بن جعفر ۽ عمار بن ياسر رضي الله عنهم موڪلائڻ مهل هن وٽ آيا ۽ ڪجهه مفاصلي تائين ساڻس گڏيا هليا. جڏهن هو کيس الوداع چئي موٽڻ لڳا ته ابوذر رضه روئي ڏنو ۽ علي ڪرم الله وجهه کي مخاطب ٿي چيائين : ”رَحِمکَمُ الله اهل البَيت. اذا را يتڪ يا ابا الحَسَنِ. ووَّلَدڪ ذَڪَرتُ بِکُم خَلِيلي رسول الله ﷺ.“ ترجمو: ”اي اهل بيت اوهان تي خدا جون رحمتون هجن. حسن جا پيءُ! اوهان جي فرزندن کي ڏسڻ سان مون کي منهنجو محبوب رسول الله ﷺ ياد ايندو هو.“ ربذه ۾ رهائش ربذه مديني کان ڪجهه فاصلي تي هڪ غير آباد وادي هئي. ابوذر رضي الله عنه اتي خلوت ۽ عزلت ۾ ياد الاهي ۽ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. بنو ثعلبه قبيلي جو هڪ سردار پنهنجي زال سميت هن سان اُتي مليو هو. هو ٻڌائي ٿو : ”اسان ربذه ۾ منزل ڪئي. اُتي اسان هڪ ٻڍو ڏٺو جنهن جو مٿو ۽ سونهاري سفيد ٿي چڪي هئي. هن جا وار کنڊريل هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته هو رسول الله ﷺ جو اصحابي ابوذر رضي الله الله عنه آهي. اسان هن کان اجازت وٺي سندس مٿو ڌوئاريو. هو اسان سان مانوس ٿيو ۽ ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ عراق جا ڪجهه مسافر هن وٽ آيا. شايد هو ڪوفي جا رهاڪو هئا. هنن چيو: ”اي ابوذر رضه! ڏس ته هن شخص (عثمان رضه) توسان ڪهڙو برتاءُ ڪيو آهي. تون جهنڊو هٿ ۾ کڻ ته اسان تنهنجو ساٿ ڏيون. جيترا به چاهين اوترا جنگي جوڌا تنهنجو ساٿ ڏيندا.“ ابوذر رضي الله عنه هنن جي مقال ٻڌي ته کين چيائين: ”مسلمانو! مون سان اِن قسم جي گفتار نه ڪريو. پنهنجي حاڪم جي توهين نه ڪريو. جيڪو امير جي توهين ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ توبه قبول نه ڪندو. ياد رکو ته جيڪڏهن عثمان رضه مون کي سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيندو، تڏهن به آءٌ هن جي ڳالهه ٻڌندس ۽ سندس اطاعت ڪندو رهندس ۽ صبر ڪندس. مون کي خبر آهي ته انهيءَ ۾ ئي ڀلائي آهي. جيڪڏهن هو مون کي آسمان جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ڏانهن يا مشرق کان مغرب تائين جلاوطن ڪندو تڏهن به آءٌ هن جي اطاعت ڪندو رهندس. ڇو ته انهيءَ ۾ ئي خير آهي.“ امام احمد پنهنجي راوي مخارق کان نقل ٿو ڪري ته هن حج ڏانهن ويندي ربذه ۾ ابوذر غفاري رضي الله عنه جي زيارت ڪئي هئي. هن ڏٺو ته هو عبادت ۾ رڌل هو ۽ ڪثرت سان رڪوع ۽ ڊگها سجدا ڪري رهيو هو . عبدالله بن خراش نالي هڪ شخص هن سان ربذه ۾ مليو هو. ان وقت ابوذر رضه ڪاري رنگ جي هڪ تنبوءَ ۾ ويٺل هو. ابوذر رضه جي گهرواريءَ جي چمڙيءَ جو رنگ ڪارو هو. ابن خراش مشورو ڏنس ته ٻي شادي ڪريو. جواب ڏنائين: ”مون کي هيءَ عورت پسند آهي جو ان جي ڪري منهنجي طبيعت ۾ انڪسار آهي.“ هن چيس: ”ويهڻ ۽ سمهڻ لاءِ ڪونه نرم گاديلو ڇو نٿا ٺهرايو؟“ ان تي ابوذر رضه استغفار پڙهي ۽ هن کي چيائين ته تون پاڻ ڀلي وڃي ائين ڪر. آءٌ هتي خوش آهيان . ربذه واري زماني ۾ هڪ ٻئي ملاقاتيءَ سان شڪايت ڪيائي : ”هيءُ ڪاري (پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن اشارو) مون کي چوي ٿي ته عراق ڏانهن هل. مون کي خبر آهي ته آءٌ عراق ويندس ته ماڻهو سندن دنياداريءَ سان مون کي وڪوڙي ويندا. منهنجي حبيب مون کي چيو هو ته جنت ۽ دوزخ جي وچ تي هڪ ترڪڻ آهي. جن جي ڳچيءَ ۾ دولت ۽ اقتدار جو بوجو هوندو سي ان ۾ ترڪي دوزخ ڏانهن هليا ويندا.“[3]


وفات[سنواريو]

ربذه جي عزلت واري دور ۾ هن عظيم انسان ۽ جليل القدر صحابي جو آخري وقت اچي ويو. هن جي گهرواريءَ محسوس ڪيو ته ابوذر رضه جي هل هلان واري ويل آهي تڏهن هوءَ روئڻ لڳي. ٻڍي زاهد جهيڻي آواز ۾ پڇيس: ”روئين ڇو ٿي؟“ جواب ڏنائين: ”روئان اِنڪري ٿي جو آءٌ زال ذات توکي دفن ڪيئن ڪنديس؟ ٻيو ته مون وٽ ڪپڙو ڪونهي، تنهنجو ڪفن ڇا مان ڪنديس؟“ پنهنجي گهرواريءَ جو جواب ٻڌڻ تي ٻڍي متوڪل ۽ عابد هن طرح ڪلام ڪيو : ”هڪ ڏينهن آءٌ ۽ ڪجهه ٻيا اصحابي منهنجي حبيب ﷺ جي مجلس ۾ ويٺل هئاسون. اسان کي چيائيون ته اوهان مان هڪ ماڻهو ويراني ۾ وفات ڪندو. پر مومنن جو هڪ گروه هن جي موت وقت اچي ڪفن دفن جو بندوبست ڪندو. ان مجلس ۾ ويٺل سڀ اصحابي بستين ۽ شهرن ۾ وفات ڪري چڪا آهن. فقط آءٌ هڪڙو باقي بچيو آهيان جو اڄ هن رڻ ۾ آخري پساه کڻي رهيو آهيان. خدا جو قسم ته آءٌ سچ ٿو چوان ۽ جنهن کان ٻڌو اٿم سو به سراسر سچو آهي. تون ٻاهر وڃي واٽ نهار. توکي جلد معلوم ٿي ويندو ته جيڪي به چوان ٿو سو حقيقت آهي.“ تقدس مآب مرد جي هدايت مطابق سندس زال تنبوءَ کان ٻاهر نڪري ريگستان ۾ چئني طرفن ڏانهن نهاريو. هوءَ پاڻ بيان ٿي ڪري  : ”آءٌ هڪ دڙي تي چڙهي چوڌاري نظر ڊوڙائڻ لڳس. پر وري اوسيئڙو ٿيم ته ابوذر رضه الاجي ڪهڙي حال ۾ هوندو. ان طرح واريءَ جي دڙي ۾ تنبوءَ جي وچ ۾ ڊوڙون پئي پاتيم ته پري کان ڪن سوارن کي ايندو ڏٺم. هو رڻ پٽ ۾ هڪ اڪيلي عورت کي بيٺل ڏسي سوارين کي ڊوڙائيندا مون وٽ اچي پهتا. مون کان پڇيائون: ”خدا جي بندي! ٻڌاءِ ته ڇا ماجرا آهي؟“ مون ٻڌاين ته هڪ مسلمان قريب الموت آهي. ان جي ڪفن ۽ دفن ۾ همراهي ڪريو. پڇيائيون: ”ڪير آهي؟“ مون چيو: ”ابوذر رضه“ پڇيائون: ”رسول الله ﷺ جو مشهور اصحابي؟“ چيم: ”هائو.“ منهنجي چوڻ شرط هو وهٽن تان لهي پيا. چوڻ لڳا: ”اسان جون جانيون ۽ مائون ۽ پيئر ابوذر رضه تان قربان وڃن. اسان کي وٽس وٺي هل.“ ان کان پوءِ هو مسافر تڪڙا قدم کڻندا ابوذر رضي الله عنه کي پهلو ۾ وڃي ويٺا. اڃا هن ساه پئي کنيو ۽ سندس هوش حواس قائم هو. اجنبي واٽهڙن کي ڏسي چيائين  : ”اوهان کي مبارڪ هجي. منهنجي حبيب ﷺ اوهان بابت ئي اها پيشنگوئي فرمائي هئي ته اوهان هن ويراني ۾ منهنجو ڪفن دفن ڪندا.“ ابوذر رضه کين وڌيڪ وصيت ڪئي: ”منهنجي تمنا هئي ته مون کي منهنجي ذاتي ڪپڙي جو ڪفن ڏنو وڃي. پر جيئن ته وٽم ڪوبه ڪپڙو ڪونهي تنهن ڪري اوهان مان منهنجو ڪفن اُهو فراهم ڪري جيڪو ڪڏهن به امير يا نائب امير يا سرڪاري ٽپالي يا ڪامورو نه رهيو هجي.“ ان وصيت جي بيان ڪرڻ کان پوءِ چند گهڙيون زنده رهيو. آخر ۾ چيائين: ”بسم الله و عليٰ ملة رسول الله“ ۽ پوءِ سندس پاڪ روح سندس حبيب ﷺ جي حضور ۾ پهچي ويو. جنهن جي فراق ۾ ويهن سالن کان لڇي رهيو هو. معتبر روايتن مطابق هن جي وفات ماه ذوالحج 22 هجري ۾ ٿي. ابن سعد هڪ ٻي روايت نقل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن جي گهرواري سندس وفات کان پوءِ هن جو جنازو واٽ تي رکي ويهي رهي ته واٽهڙو اچي ويا، جن کي ابوذر رضه جي وصيت بابت ٻڌايائين. اُنهن اجنبي مسافرن مان هڪ رسول الله ﷺ جن جو جُتي بردار ۽ جليل القدر اصحابي عبدالله بن مسعود رضه هو. هن کي جڏهن خبر پيئي ته ابوذر رضه وفات فرمائي آهي تڏهن دير تائين گريو ڪندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: ”خدا جي رسول ﷺ سچ چيو هو ته ابوذر رضه اڪيلو هلندو اڪيلو مرندو ۽ سندس حشر به اڪيلو ٿيندو.“ واٽهڙن مان فقط هڪ انصاري نوجوان اهڙو هو جنهن ڪڏهن به سرڪاري نوڪري نه ڪئي هئي. هن چيو ته مون وٽ ٻه چادرون آهن جيڪي منهنجي ماءُ پنهنجن هٿن سان ڪتيون ۽ اڻيون آهن. آءٌ اُهي ڪفن لاءِ پيش ڪريان ٿو. ابوذر رضه انصاري جوان جي آڇ قبول ڪئي. وفات کان پوءِ کيس اُنهن چادرن جو ڪفن ڏنو ويو. عبدالله بن مسعود رضي الله عنه هن جي جنازي نماز پڙهائي. هڪ روايت مطابق ڪل چوڏهن ماڻهن هن جي جنازي نماز پڙهي : جن ماڻهن عبدالله بن مسعود رضي الله عنه جي امامت ۾ هن تي نماز پڙهي سي يمني قبيلن سان تعلق رکندا هئا. انهن مان هڪ جو نالو مالڪ اشتر نخعي ۽ ٻئي جو حجر بن ادبر هو . ابوذر رضه جي وصيت مطابق سندس گهرواريءَ ڪانڌين کي هڪ ٻڪري ذبح ڪري کارائي. هو وڃڻ وقت ابوذر رضه جو عيال پاڻ سان وٺي مديني ويا. جتي امير عثمان رضه هنن تي شفقت ڪئي ۽ ابوذر رضه لاءِ دعا ڪيائين .[3]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8E%D8%A8%D9%88%D8%B0%D8%B1%20%D8%BA%D9%81%D8%A7%D8%B1%D9%8A%20%D8%AD%D8%B6%D8%B1%D8%AA
  2. علي مير شاههابوذر غِفاري رضي الله عنہ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2002ع
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 علي مير شاهه--ابوذر غِفاري رضي الله عنہ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2002ع