انصاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مديني منوره جي انصارن مان آهن، هي به محمد -بن قاسم- سان گڏ آيا هئا ۽ سنڌ ۾ -آباد- ٿي ويٺا. -ايس- صادق علي ڪتاب ”سنڌ، -بلوچستان- ۽ -افغانستان- جون مسلمان قومون“ صفحي 63 تي لکي ٿو ته عرب جي شيخن مان جريمه پاڙي مان -انصاري- آهن ۽ سپيا به -انصاري- آهن. ڪن روايتن موجب -انصاري-، حضرت ايوب -انصاري- (خالد ابن زيد) جي اولاد، الخضراج قبيلي مان آهن، -جن- نبي صلعم -جن- جي مدد ڪئي هئي، -جن- مان حضرت ابو ايوب النجار خزرجيءَ کي ممتاز حيثيت هئي، -جن- کي -انصار- (مددگار) چيو ويو، جيڪي بعد ۾ -انصاري- (غير قريش) سڏجڻ لڳا. حضرت ابو ايوب جي اولاد مان مخدوم محمد مراد -انصاري- سيوهڻ ۾ رهندو هو، جنهن جو شجرو هن ريت آهي: محمد مراد -انصاري- (مخدوم هاشم ٺٽوي جا شاگرد) -بن- حافظ محمد يعقوب -بن- محمود عرف حافظ ممون -بن- حاجي عبدالرحمان شهيد -بن- عبدالرحيم -بن- محمد انس -بن- عبدالله -بن- محمد جابر -بن- محمد خالد -بن- مالڪ -بن- ابو عوف -بن- حسان -بن- سالم -بن- الشعت -بن- مت -بن- ثعليه -بن- جنيد -بن- مقدوم -بن- شرجيل -بن- اشعت -بن- مت ايوب -بن- خالد -انصاري- خزرجي (وفات 52ھ قسطنطنيه).[1]

حوالا[سنواريو]