طواف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طواف(انگريزي: Circumambulation ) ڪعبي جي چوڌاري ھڪ چڪر لڳائڻ کي طواف چوندا آهن.حج يا عمري ۾ حاجي ست دفعا ڪعبي جو طواف ڪندا آهن ۽ رسمن ھر طواف حجر اسود واري جاء تان شروع ٿي اتي ختم ٿيندو آهي. رسمن حاجي ھر طواف ۾ ان کي چمي ڏيڻ يا ڇھڻ يا ان کي ساڄي ھٿ سان سلام ڪرڻ جو عمل ڪندا آهن[1].


طواف جا قسم[سنواريو]

طواف قدوم[سنواريو]

مڪي ۾ داخل ٿيڻ بعد سڀ کان پھريون جيڪو طواف ڪيو ويندو آهي ان کي طواف قدوم چوندا آهن. ان طواف کي طواف تحية ۽ طواف لقاءُ پڻ چوندا آهن[2]. طواف قدوم صرف انھن ماڻھن تي واجب آهي جيڪي ميقات کان ٻاهر جا رھاڪو آھن جن کي اصطلاح ۾ آفاقي چوندا آهن[2].

طواف زيارت[سنواريو]

طواف زيارت حج جو ھڪ رڪن آھي. عرفات ۾ ترسڻ کانپوءِ 10 ذوالحج تي جيڪو طواف ڪيو ويندو آهي ان کي طواف زيارت يا طواف اضافه چوندا آهن[2]. طواف زيارت فرض آهي ۽ ان جو حڪم قرآن ۾ لکيل آهي[2].

طواف وداع[سنواريو]

بيت الله کان واپس ٿيندي جيڪو آخري طواف ڪيو ويندو آهي ان کي طواف ودع يا طواف صدر چوندا آهن[2]. ھي طواف بہ آفاقي تي واجب آهي. ان طواف کان پوءِ ملتزم کي چنبڙي ۽ بيت الله جي غلاف کي ھٿ وجھي وڏي آہ و زاري سان دعا گھربي آھي[2]. ھي بيت الله کان موڪلائڻ جو وقت ھوندو آھي[2]. نبي ﷺ جن ھدايت ڪئي ھئي تہ:

"ڪوبہ ماڻھو موڪلاڻي وارو طواف ڪرڻ کان سواءِ بيت الله کان واپس نہ موٽي، پر ان عورت کي اجازت آهي جيڪا حيض جي حالت ۾ ھجي"

— بخاري[2]

حوالا[سنواريو]

  1. - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 108,
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 303,304