منات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منات
قسمت، وقت ۽ نصيب جي ديوي

ٻين صدي عيسويءَ ۾ ھاترا مان ملندڙ پٿر جي اڪريل مورت جنهن ۾ لات ٻن زناني مورتن سان ڏيکاريل آهي جن لاءِ خيال آهي تہ عزا ۽ منات آھن.
اھم گروھ مرڪز مڪو
ٺِڪاڻو الموشالال
نشاني لھندڙ چنڊ ۽ موت جو ڪوپ
ساٿي ھبل
ڀاء ڀيڻ لات , عزا
علائقو عربستان


منات (Manāt) (عربي: مناة) قبل از اسلام قديم عرب مذھب ۾ ٽي سردار ديون مان ھڪ ھئي، ۽ ان جي پوڄا بطور الله جي ڌيء جي ڪئي ويندي ھئي۔ زمانہ جاھليت ۾ اللہ جي ٽي ڌيئرون عزي، لات ۽ منات کي تصور ڪيو ويندو ھيو۔قرآن: لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ- سورہ الاخلاص، 112, 3 (ترجمو: نہ انجي ڪائي اولاد آھي نہ ھو ڪنھن جي اولاد آھي) [1]


جھالت جي دور جي مشهور تثليث مان ھڪ بت جو نالو منات ھو.مبلغن جو خيال آهي ته اھا عزا جي ڌيءَ ۽ لات جي ڀيڻ سمجھي ويندي ھئي. اھا ساڳي وقت نفعو پھچائيدڙ ۽ موت جي ديوي سمجھي ويندي ھئي. منات لفظ عربي جي لفظ منان مان ورتل آهي جنھن جي معنيَ موت آهي. مؤرخن جو خيال آهي ته جھالت جي دور ۾عرب سمجھندا ھئا ته اھا ديوي قديد واري وادي سان تعلق رکندڙ ھئي جيڪا سمنڊ ڪناري واقع ھئي ان ڪري ان ديوي جو واسطو پاڻي، سمنڊ ۽ ڪڪرن سان ھيو ۽ اھا مھربان ديوي پڻ ھئي. اھي سوڪھڙي ۾ ۽ مھرباني ٿيڻ تي منات آڏو ڀيٽا ڏيندا هئا.انھن جو خيال هو تہ منات زندگي ۾ خوشيون آڻي ٿي ۽ ڪڪرن ۽ مينھن کي بہ اھا آڻي ٿي.

حوالا[سنواريو]