سجدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مسلمان نماز جي دوران سجدي ۾ مصروف آهن

سجدو هڪ اسلامي اصطلاح آهي۔ هن ۾ مٿي کي زمين تي رکبو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي مطابق ست ۽ ڪجهه جي مطابق اٺ عضوا زمين تي رکڻا پوندا آهن۔ اسلام ۾ سجدو صرف اللہ کي ڪيو ويندو آهي۔ مسلمانن جي نماز ۾ هڪ رڪعت ۾ ٻه دفعا سجدو ڪرڻو پوندو آهي۔ نماز کان علاوہ به سجدو ڪري سگھجي ٿو پر صرف اللہ کي۔ قرآن مجيد جي ڪجهه آیتن تي سجدو واجب آهي ۽ ڪجهه تي سجدو مستحب آهي۔ انکان علاوه اللہ جي شڪر جي لاء به سجدو شڪر ڪيو ويندو آهي۔ صرف نمازِ جنازہ اهڙي نماز آهي جنهن ۾ سجدو نه هوندو آهي۔ قرآن میں هڪ سورۃ السجدۃ جي نالي سان موجود آهي.

سجدہ تلاوت[سنواريو]

قرآن مجيد ۾ چوڏھن جڳھون اھڙيون آھن جن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ واري تي ھڪ سجدو واجب ٿي ويندو آهي، توڙي پوري آيت پڙھي وڃي يا رڳو سجدي واري لفظ کي اڳئين يا پوئين لفظ سان گڏ پڙھجي ۽ توڙي نماز ۾ پڙھجي يا نماز کان ٻاھر ھر حال ۾ ھڪ سجدو واجب ٿي ويندو آهي. ان سجدي کي تلاوت جو سجدو چوندا آهن[1].

سجده سھو[سنواريو]

سھو ( و تي زبر) جي معنيَ آهي ڀلجي وڃڻ. نماز ۾ ڀل سان ڪا گھٽتائي يا واڌارو ٿيڻ سان جيڪا خرابي اچي ويندي آهي ان جي پورائي لاءِ نماز جي پڇاڙي ۾ ٻہ سجدا ڪرڻ واجب آهن.، انھن سجدن کي سجدہ سھو چوندا آهن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 44