مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 19,704 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو

سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنا هئي ندي يا درياهه. جنهن جي پٺيان هن سڄي پرڳڻي تي تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي. هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

لينسڊائون پل سکر
لينسڊائون پل سکر
  • ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
  • ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
  • ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
  • ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
  • ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.

اڄ جو قول

”چوندا آهن ته گڏهه هينگ ڪندو آهي ته شينهن کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي.[1] _ مهمان ڪوي شيخ اياز

اڄ جو لفظ

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ بہ لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 19,704 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

موھن جي دڙي جو پروھت
اجرڪ

اجرڪ سنڌي ثقافت جي مکيہ سڃاڻپن مان ھڪ آھي جنھن کي عام طور تي رسمن ۽ ثقافتي موقعن تي سنڌ جا ماڻهو اوڍيندا آھن. سنڌين پاران اجرڪ مھمانن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو رواج پڻ تمام گھڻو عام آھي. ھي ھڪ سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام سهڻي ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال آڳاٽي جُڳ کان ٿيندو اچي. موئن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ نمونو آھي جنھن جو ڍنگ ۽ نمونو بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موهن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس ڏاڍي وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو.

اڄ جو ڏينھن

جمعو 12 ڊسمبر 2025ع مطابق 21 جمادي الثاني 1447ھ

وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/ڊسمبر 12

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 19,704 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

  1. "عظيم هستين جا عظيم قول (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 03 ڊسمبر 2020۔