ڪَتِي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو اٺون مهينو آهي جيڪو اَسو ۽ ناهري جي وچ ۾ آهي.

15 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين هوندو آهي. ڪَتي 30 ڏينھن جو مهينو آهي.

لفظ ڪتي[سنواريو]

هن لفظ جو بنياد سنسڪرت لفظ ڪارتڪ مان آهي جنهن جي معني آهي همت ۽ خوشي ڏيندڙ.

ڪتي (خريف) جا فصل[سنواريو]

سنڌ ۾ قدرتي طبعي ورهاست موجب سري، وچولي، لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان وارا علائقا اچي وڃن ٿا، جتي آبهوا ۽ پوکيءَ جي سرشتي جي مناسبت سان ڪيترائي موسمي ۽ باراني فصل پوکيا وڃن ٿا. هتي ڪتيءَ (خريف) ۾ جوئر، ٻاجهري، چانور، وونئڻ، تر، مڱ ۽ موٺ پوکيا ويندا هئا .

  • سعيو ڪر ربيع جو، آئي جا ڪتي،

ڪڻڪ پوکج قرب جي، ڪڍي ڪلپت ڪتي،

صبر، رضا، شُڪر کي، لڳي ڪا نه رتي،

پردو رک پَتيِ! سونھان سرتئين وچ ۾.

ڪتي تارا[سنواريو]

هڪ نکٽ جو نالو. ستن ننڍڙن تارن جي ميڙ وارو نکٽ.

ڪتي ۽ وڇون بابت لوڪ سنڌي ڏاهپ[سنواريو]

چوڻي ته ڪَتي وِڇُونءَ جي مڱ آهي، انهي ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نه هوندا. ڪتي اُڀ (آسمان) تي اڀري تي وڇون لهي وڃي ۽ وڇون اڀري ته ڪتي لهي وڃي.

علم نجوم ۾[سنواريو]

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي وشاکا ۽ انو راڌا نکٽن جو اثر غالب هوندو آهي .

سنڌي لوڪ چوڻيون[سنواريو]

ڪَتي، ناڙيءَ ۾ پتي[سنواريو]

مطلب؛ َچي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڻڪ جي ناڙي شروع ٿيندي آهي.

ڪَتي، گهمندي ڦرندي لٿي.[سنواريو]

مطلب؛ هن مھيني ۾ ڏينھن گهٽجي ويندو آھي ۽ راتيون وڌي وينديون آهن.

ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.[سنواريو]

ڏياريءَ جو ڏِڻُ به هن مھيني ۾ ملھائبو آهي.

سنڌي ادب ۽ لوڪ گيتن ۾ ڪَتِي[سنواريو]

  • چيٽ چئي ويو ايندس مان پر ڪَتي به گذري وئي- سرمد سنڌي- گيت[1]
  • ڪتيون ڪئي ياد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين- سرمد سنڌي- گيت[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Inam Jamali, Chet mein Chae wiyo ---- Sarmad Sindhi, حاصل ڪيل 2018-12-31 
  2. ASIF ABRO, SARMAD SINDHI - CHANGO CHETAN MAIN MILANDA SEEN, حاصل ڪيل 2018-12-31