سانوڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ٿر سانوڻ ۾

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر (بڪرمي ڪيلينڊر) جو پنجون مهينو آهي جيڪو آکاڙ ۽ بڊي جي وچ ۾ آهي.

16 جولائي کان 15 آگسٽ تائين هوندو آهي. سانوڻ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

هن کي برسات جو مهينو پڻ چوندا آهن.

سنڌي ماڻهو سانوڻ يا سانول نالا پڻ رکندا آهن.

لفظ سانوڻ[سنواريو]

اسم خاص. [سنڪرت. شراوڻُ < شروَڻُ = سانوڻ]

ٿري/ ڍاٽڪيءَ ۾ ٻولي ’سانوڻ‘ کي ’سرامڻ‘ به چوندا آهن، جيڪو سنسڪرت لفظ ’شرامڻ/ شروڻ‘ آهي.

سانوڻ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سارنگ‘ به سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ: ’ميگهه، جهڙالو، ملهار، سانوڻ جي موسم‘ آهي. شاهه لطيف جي رسالي ۾ ’سارنگ‘ بابت هڪ مڪمل سُرشامل آهي.

سانوڻيءَ جي مند[سنواريو]

مينهن جي مند کي ’سانوڻيءَ جي مند‘ به چوندا آهن. سانوڻ ۾ درياهه ۾ چاڙهه ايندو آهي ۽ ٿر ۾ ’وسڪارو‘ ٿيندو آهي. وسڪاري کي سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٿري زندگيءَ جي علامت سمجهندا آهن. ٿري ماڻهو ’سانوڻ‘ مهيني جو وڏو اوسيئڙو ڪندا آهن.

علم نجوم ۾[سنواريو]

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي آشيلشا ، مگها ۽ پورو اڦالگني نکٽن جا اثر رهندا آهن.

سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون[سنواريو]

جهڙو سانوڻ تهڙي ڪَتِي، جهڙي بجلي تهڙي بَتي[سنواريو]

مطلب؛ سدائين ساڳئي حال ۾ رهڻ يا هڪ جهڙي سڀاءُ ۾ رهڻ.

وَسي آکاڙ، سانوڻ سڀ رڄ ڪري کاون.[سنواريو]

مطلب؛ جڏهن سنڌ ۾صرف مينهن ۾ فصل ٿيندا تڌهن ماڻهو چوندا هئا ته آکاڙ ۽ سانوڻ وسندو ته فصل سٺو ٿيندا ۽ خوشحال ٿينداسين.

آکاڙُ سونُ، ساوڻُ چانَدِي، بڊي ٿو ڪر ڀٽڪي بادي[سنواريو]

آکاڙ جو مينهن فصلن لاءِ سون ۽ ساوڻ جو مينهن چانديءَ جهڙو ڪارائتو هوندو آهي، پر بڊي جي مينهن مان ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته نقصان به ڏيندو آهي.

بَڊو بَدِ بَلا، تنهن کان ساوڻ ڀَلا[سنواريو]

مطلب؛ بڊي جي مينهن کان سانوڻ جو مينهن ڀلو آهي.

سنڌي شاعري ۾ سانوڻ[سنواريو]

سانوڻ، سرهائي، سک، سلامتيءَ ۽ سونهن جي علامت آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن، سانوڻ کي خوب ڳايو آهي.

سانوڻ ٽيج[سنواريو]

سانوڻ ٽيج هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو ڪنواريون ۽ نو ورنيون، سانوڻ جي سهائي پک ۽ اونداهي پک جي ٽيج تي ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ ڪيفيت ٿري لوڪ گيت جي آهي. سانوڻ ٽيج جو تعلق سانوڻ جي مند سان آهي. ٿر جون جوانڙيون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي ڏينهن جو واندڪائيءَ ۾ لڏن به ۽ ترائيءَ ڀر تي سانوڻ ٽيج جا گيت به ڳائين. هن گيت ۾ ٿر جون نؤ ورنيون ۽ ڪنواريون پرديس ۾پرڻجي ويل پنهنجي ساهيڙيءَ جي جذبن جو به اظهار ڪنديون آهن. سانوڻ رت ۾آسمان ۾ڪڪرن جون گوڙيون ۽ کنوڻين جا کلڪار ڏسي، پرديسڻ ڇوڪري پنهنجي مائٽن لاءِ به اٻاڻڪي ٿيندي آهي: ائي ائي، مان اي سراوڻ ري ٽيج سراوڻ، سراوڻ، ڏيئا ساسري!

حوالا[سنواريو]

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا