مواد ڏانھن هلو

سنبت وڪرمي ڪئلينڊر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنبت وڪرمي سال يا ڪئلينڊر، هندستان جي راجا وڪرماجيت (انگريزي ٻولي: Vikramaditya) جي دور ۾ شروع ٿيوهو[1] [2]. تنهنڪري ئي هن ڪئلينڊر کي سنبت وڪرمي ڪئلينڊر يا سنڌي وڪرمي ڪئلينڊر چيو وڃي ٿو.[3][4][5][6] هي عيسوي سن کان 57 سال آڳاٽو آهي. عيسوي سن جي سال ۾ 365 ڏينهن ٿين ٿا، جڏهن ته سنبت وڪرمي سال ۾ 354 ڏينهن ٿين ٿا. انهي حساب سان ٻنهي سنن وچ ۾ 11 ڏينهن جو فرق آهي. جنهن جي پورائي لاءِ سنبت وڪرمي سال تي هلڻ وارا وچ ۾ ڏينهن جي کوٽ جي پورائي لاءِ ان ۾ اڌڪ ڳنڍين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هي ڪئلينڊر موسمن جي حساب سان عيسوي سن سان ٺهڪي اچي ٿو . پر 11 ڏينهن جي فرق جي حساب سان سنبت وڪرمي سال ۽ عيسوي سال جي تاريخن جي وچ ۾ فرق به ايندو رهي ٿو، پر ٻنهي ڪئلينڊرن جي مهينن جي نسبت لڳ ڀڳ ساڳي رهي ٿي. [7]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-02-15 تي حاصل ڪيل.
  2. "سنڌو سنبت ڪئلينڊر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2022-04-04 تي حاصل ڪيل.
  3. "سنبت | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. 2022-04-04 تي حاصل ڪيل.
  4. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس. اصل نسخو مان 2020-02-15 تي محفوظ ڪيل. 2020-02-15 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-15 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. "سنڌو سنبت ڪئلينڊر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2020-02-15 تي حاصل ڪيل.
  6. "ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2020-02-15 تي حاصل ڪيل.
  7. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-07-22 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]