بَڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ڇهون مهينو آهي جيڪو سانوڻ ۽ اسو جي وچ ۾ آهي.

16 آگسٽ کان 14 سيپٽمبر تائين هوندو آهي. بڊي 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

ٻيا نالا[سنواريو]

بدرهه / ڀدو / ڀادر

بدوان / بڊَءُ

لفظ بڊو[سنواريو]

هي سنسڪرت ڀادر مان ورتل آهي.

لوڪ سنڌي ڏاهپ[سنواريو]

چوماسي جا چار مهينا: جن ۾ سانوڻ، بڊو، اسُو ۽ ڪتي شامل آهن. هنن مهينن لاءِ چئبو آهي ته چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ وقت کائجي، کٽ تي نه سمهجي، هيٺ سمهجي، حجامت نه ڪرائجي، ڏاڙهي به نه لاهجي.

لوڪ سنڌي شاعري ۾[سنواريو]

بڊو بنجي آيو، ٿيون چٽيون چِٽايون،

اَن پَچي راس ٿيو، ڏاتا جُوڙيائون،

مولى پنھنجي مھر سان، ٽاريون بلائون،

سڦل ڦل ڪمائين، جو پنھنجو پاتائون،

خوش ٿي کنيائون، “آسو“ کلي خير سان.

علم نجوم ۾[سنواريو]

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي اترا ڦانگا ۽ هست نکٽن جو اثر رهي ٿو .

بڊي بابت لوڪ سنڌي چوڻيون[سنواريو]

بَڊَءُ بد بلا، تنھن کان سانوڻ ڀلا[سنواريو]

مطلب؛ هن مھيني ۾ گرمي ۽ گُهٽ وڃي تار ٿيندي آهي. انڪري هي چوڻي مشهور آهي.

تيرهين مھيني ۾ ڪانوَ به اوڳرائي پاڻي ڪڍندا آهن[سنواريو]

مطلب؛ بَڊَءُ جي مھيني ۾ ان جي اڻاٺ سبب، کيس تيرهون مھينو به چوندا آهن. ڇو ته فصلن ۾ ان اڃا ڪچو هوندو آهي. ان ڪري پکين جون گُجيون به ان بجاءِ، پاڻيءَ سان ڀريل هونديون آهن. هن مھيني جي آخر ۾ تَلُور پکي به سائبيريا جا پَٽَ ڇڏي اچي سنڌ وسائيندا آهن.

ست چِٽَ، ست ٻه-چِٽَ، ست چانھيون، ست ٻه-چانھيون، پوءِ سيارو ڪري دانھون، گهر گهر ٻرن باهيون.[سنواريو]

مطلب؛ مھيني جي 22 تاريخ تي چِٽَ لڳندي آهي.

سھيل لڏيو، مکڻ ڪُڏيو[سنواريو]

22 بَڊَءُ تي سُھيل تارو بيھندو آهي. اهو تارو مکڻ جو اهڃاڻ ليکبو آهي. هن تاري جي ظاهر ٿيڻ سان، مکڻ به ججهو نڪرندو آهي. ريڍو مال به سھيل تاري جي بيھڻ ڪري، ڪڏڪارون ڪري خوشيءَ جو اظھار ڪندو. سھيل تاري جي بيھڻ سان، آڳاٽي ۽ پاڇاٽي، هڙ جوئر سنگ جهليندي آهي.

بڊي منجھ ڪاڙها ۽ گرميون ٿين. گاهه سڪي وڃن، مال متاع بک مري ۽ کير سُڪائي وڃي. جنهن سبب مارو ماڻهو، تڪليف واري زندگي ڪاٽيندا آهن. “بڊي جي بک” پڻ ضرب المثل آهي ۽ ورجيس طور ڪتب ايندي آهي.

  1. بڊو، بکن ڪڍو.
  2. بڊو، ڏيڻين ڊڍو.
  3. بڊو پنو، ڪانوَن رُنو.
  4. بڊو پنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪُنو.

حوالا[سنواريو]

  • مـُندون منھنجي مـلڪ جون - ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي