نانڪ شاھي ڪيلنڊر
ڏيک
بڪرمي تقويم جيڪا ھڪ شمسي تقويم آھي ننڍي کنڊ ۾ صدين کان رائج آھي۔ نانڪ شاھي ڪيلنڊڊر يا نانڪ شاھي تقويم (Nanakshahi calendar) (پنجابی: ਨਾਨਕਸ਼ਾਹੀ) جنھن کي سک ڪيلنڊر بہ چيو ويندو آھي ۽ بڪرمي تقويم ۾ بنيادي فرق ھي آھي تہ نانڪ شاھي ڪيلنڊر ۾ مھينن جي شروعات ۽ سهيڙڻ کي گريگورين تقويم (عيسوي تقويم) جي مطابقت سان رکيو ويو آھي۔ [1]
مثال طور
[سنواريو]- چيٽ (بڪرمي تقويم) - وچ مارچ کان وچ اپريل
- چيٽ (نانڪ شاھي تقويم) - 14 مارچ - 13 اپريل
نانڪ شاھي ڪيلنڊر جون خصوصيتون
[سنواريو]- ھڪ استوائي شمسي ڪيلنڊر
- نالو نانڪ شاھي گرو نانڪ (سک مذھب جي باني) جي نالي تي
- پھريون سال گرو نانڪ جي پيدائش جو سال آھي (1469ء)
- گريگورين ڪيلنڊر جي ميڪانيات جو گھڻو استعمال
- طوالت سال بمطابق گريگورين ڪيلنڊر ھڪ ئي آھي (365 ڏينھن 5 ڪلاڪ 48 منٽ 45 سيڪنڊ)
- 5 مھينا 31 ڏينھن جڏھن تہ باقي ست مھينا 30 ڏينھن تي مشتمل آھن
- ليپ جو سال ھر 4 سالن بعد جنھن ۾ آخري مھينو ڦڳن 30 ڏينھن جي بجاءِ 31 ڏينھن جو ٿيندو آھي۔
نانڪ شاھي ڪيلنڊر جا مھينا
[سنواريو]نانڪ شاھي ڪيلنڊر جا مھينا ھيٺ ڏنل آھن۔ [1][2]
| شمار | نالو | گرمکي پنجابي | ڏينھن | گريگورين مھينا |
|---|---|---|---|---|
| 1 | چيٽ | ਚੇਤ | 31 | 14 مارچ – 13 اپريل |
| 2 | ويساکھ | ਵੈਸਾਖ | 31 | 14 اپريل – 14 مئي |
| 3 | جيٺ | ਜੇਠ | 31 | 15 مئي – 14 جون |
| 4 | ھاڙھ | ਹਾੜ | 31 | 15 جون – 15 جولاءِ |
| 5 | ساوڻ | ਸਾਵਣ | 31 | 16 جولاءِ – 15 آگسٽ |
| 6 | بڊو | ਭਾਦੋਂ | 30 | 16 آگسٽ – 14 سيپٽمبر |
| 7 | اسو | ਅੱਸੂ | 30 | 15 سيپٽمبر – 18 آڪٽوبر |
| 8 | ڪاتڪ | ਕੱਤਕ | 30 | 15 آڪٽوبر – 13 نومبر |
| 9 | مگھر | ਮੱਘਰ | 30 | 14 نومبر – 13 ڊسمبر |
| 10 | پوھ | ਪੋਹ | 30 | 14 ڊسمبر – 12 جنوري |
| 11 | ماگھ | ਮਾਘ | 30 | 13 جنوري – 11 فيبروري |
| 12 | ڦڳڻ | ਫੱਗਣ | 30/31 | 12 فيبروري – 13 مارچ |
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "What is the Sikh Nanakshahi calendar", allaboutsikhs.com, اصل کان
|archive-url=گهرجي|archive-date=(مدد) تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 مئي 2008۔ - ↑ Gurbani And Nanakshahi Calendar Nanakshahi Sangrand Dates in Gregorian Calendar - Forever from 14 March 2003 CE / 535 NS
حوالا
[سنواريو]خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- Nanakshahi.net, website of Mr. Pal Singh Purewal, the creator of the Nanakshahi Calendar, this site contains detailed articles about this calendar
- Nanakshahi Calendar at SGPC.net آرڪائيو ڪيا ويا 2005-11-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Nanakshahi Calendar at BBC
- Gurpurab Nanakshahi Calendar آرڪائيو ڪيا ويا 2009-08-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Nanakshahi Calendar (JavaScript) آرڪائيو ڪيا ويا 2011-07-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.