ويساک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ٻيون مهينو آهي جيڪو چيٽ ۽ ڄيٺ جي وچ ۾ آهي.

14 اپريل کان 14 مئي تائين هوندو آهي.ويساک 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

ويساک جا ٻيا نالا[سنواريو]

  1. وِهاءُ
  2. ويها
  3. وياھ

علم نجوم[سنواريو]

علم ۾ نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي ڪارتڪ ۽ روهڻي ( روهڻ ) نکٽن جا اثر رهندا آهن.

آکاڙ بابت ٿري مڃتا[سنواريو]

چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو.

سنبت وڪرمي سال جو چيٽ مهينو لڳ ڀڳ اپريل جو مهينو هوندو آهي. ٿر جي موسمن جي لحاظ کان هي مهينو ٿر ۾ هر شيءِ جي کوٽ جو مهينو هوندو آهي.هن مهيني کان ئي برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ جي شروعات ٿيندي آهي، چيٽ جي گرمي ئي آبي بخارن جي وڌڻ، هوائن جي رخن جو سلسلو ٺاهڻ، هوا جي گهٽ دٻاءَ جو پيدا ٿيڻ وارا عمل شروع ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. پر جنهن سال چيٽ جي مهيني ۾ گرمي گهٽ ٿيندي آهي، انهي سال جي چوماسي جي مند جي ترتيب متاثر ٿيندي آهي. جنهن جو اثر ٿر جي سمورن پيداواري ذريعن تي ٿيندو آهي. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو چيٽ مهيني ۾ گرمي وڌيڪ ٿيڻ تي خوش پيا ٿيندا آهن. وري ويساک جو مهينو لڳ ڀڳ مئي جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ وڌيڪ تيز ۽ گرم هوا لڳندي آهي، جيڪا پڻ سمنڊ مان آبي بخار کڻي فضا ۾ پکيڙي ٿي، جنهن سبب مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ ۾ مدد ملندي آهي. ويساک (مئي) جي مهيني ۾ گرم لڪ لڳڻ سان ٿري ماڻهن جو بدن پيوسڙندو آهي، پر ان تيز لڪ جي گرمي ۾ به ماروئڙن جي منهن تي مُرڪون هونديون آهن، ۽ هو خوشي مان سوڻ ڳنڍيندي پيا چوندا آهن، ته هي سال سڪار جو سال ثابت ٿيندو.ڇو ته انهي گرم لڪ لڳڻ سان سمنڊ مان اٿيل آبي بخار فضا ۾ پکڙي ڪڪرن جي شڪل وٺندا آهن، ۽ پوءِ اهي ڪڪر وري اچي ٿر تي وسندا آهن، ۽ ٿرين جي ڏيهه کان ڏڪار ۽ ڏولائو ڏور ٿيندو. انهي ڪري ئي ٿر جي ماڻهن جي زبان تي هي پهاڪو عام هوندو آهي ته، “چيٽ تتو ڀلو، ويها (ويساک) لڳو ڀلو.”

آکاٽي جو ڏڻ[سنواريو]

هي ٿري ماڻهن جو موسمي ڏڻُ (تهوار) آهي، جيڪو هندي ويساک مهيني جي ٽين تاريخ تي هند ۽ سنڌ جا هندو هاري وڏي اهتمام سان ملهائيندا آهن.[1]

ويساک بابت چوڻيون[سنواريو]

وياھ وياڻي، پير پاڻي. (چوڻي)[سنواريو]

وياھ؛ ويساک، ھندي ٻئي مھيني جو نالو. وياڻي؛ ٽاڻي، صبح صادق يا پرھ-ڦٽيءَ جي مھل. پير پاڻي؛ پير پسڻ جيترو پاڻي.

کاري ڇاڻ جي طرف مشھور آھي ته ويساک جي مھيني ۾ صبح صادق يا پرھ ڦٽيءَ مھل، درياھ مان پاڻي لاٿ ڪري ويندو آھي ۽ پيرن پسڻ جيترو مس وڃي بچندو آھي.

مطلب: ويساک ۾، لاڙ طرف، پاڻيءَ جي کوٽ رھي ٿي.

ويساکي، ننڍي وڏي لاکي.[سنواريو]

ويساک (اپريل/ مئي) جو مھينو اَنَ جو اُهڃاڻ ٿيندو آهي. هن مھيني ڌاري ڪڻڪ، مـٽر، چَڻو، جَوَ، مَھُري (دوباري واري) لھندا آهن ۽ ان اڻ مَيُو ٿي پوندو آهي.

ويساک سنڌي شاعري ۾[سنواريو]

  • ويساک جو مهينو جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا،

ڄڻ آسمان اُڇليا ٿي گرم گرم گولا،

گذريو ٿي ڏينهن ڏکن جو پر رات جو به رولا،

ڪن کي پکا هٿن ۾ ڪن جا کُڏن کٽولا.

برسات ڪا پوي! هئي اِيءَ وات سڀ جي وائي،

ري مينهن مهر جي ڪٿ ٻي واهه هئي نه ڪائي


  • ڳـَھرَ ڳوڌا ڇڏ، جئن وريو ويساکي ماهه،

سَندري ڀُون سئين ڪري، پِڙ پڙووهي جو ٺاهه،

چاڙهي نار نينھن جو، هَلٽ ڪر همراهه،

وٺ گـُروءَ جي گس کي، وچن ڪر ويساهه،

چوويھه هزار پساهه، ويھي وڃاءِ نه وسيلو

  1. "آکاٽي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-01-01.