آکاڙ
ڏيک
هاڙهه سان ڀل نہ کائو.
آهاڙُ ڏيهي سال يا سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (بڪرمي ڪيلينڊر) جو چوٿون مهينو آهي جيڪو ڄيٺ ۽ سانوڻ جي وچ ۾ آهي. 15 جون کان 15 جولائي تائين هوندو آهي. آکاڙ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.
آکاڙ جا ٻيا نالا
[سنواريو]آکاڙ ٻيا نالا آهن؛
- آساڙ
- آهاڙ
- هاڙ
- آرهڙ
علم نجوم ۾
[سنواريو]علم نجوم موجب، هن مهيني جي موسم تي پنوراسا ( وڏو وايو ) ۽ پشيه ( ننڍو وايو ) نکٽن جا اثر هوندا آهن .
آکاڙ بابت ٿري مڃتا
[سنواريو]- آکاڙ جي ٻه تاريخ تي ڪٿي به کنوڻ يا جهڙ نظر اچي ته برسات جو آسرو سمجهبو آهي. ٻيءَ صورت ۾ ٿري بئراجي علائقن ۽ ناري وڃڻ جون تياريون ڪندا آهن.
ٿري چوندا آهن ته؛
- آکاڙ ڪي ٻيج، واڏڙ يا ويڄ (واڏڙ؛ جهڙ)
- نيڙي راکي ٻڙڌيا (ڍڳا)، جوڙهي (جهولي) راکي ٻيج.
- پر جي آکاڙ جي ٻه تاريخ تي کنوڻ ۽ جهڙ ڏسڻ ۾ نه اچي ته پوءِ
- پهلي بيچ ٻڙڌيا، پڇي چاٻي (کائڻ) ٻيج
- آکاڙ جي مهيني ۾ برسات پئي ته ٻوڏ ٿيندي نقصان ٿيندو.
آکاڙ سان ڳنڍيل پروليون
[سنواريو]- مثال: آساڙ مهيني اُپجي، اُس ناميڻي نام، سُندري وساري سيج تي، ليتو آئيجو شام!
- (آساڙ: آکاڙ، اپجي: پيدا ٿئي، نامياڻي: نالي واري، سُندري:سهڻي عورت (سونن زيورن سان جهنجهيل)، ليتو آئيجو: وٺيو اچجان).
- (مطلب: آکاڙ جي مهيني ۾ پيدا ٿئي ٿي، اُن نالي واري شيءِسندري سيج تي وساري آئي آهي. شام جو موٽڻ ويلي وٺيو اچجان).
ڀڃڻي: نيموري (نِموري)
آکاڙ ۾ اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو
[سنواريو]سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي هندو اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو ڌوم ڌام سان ملهائيندا آهن. [1]
آکاڙ ۾ ٽيڙو جو اڀرڻ
[سنواريو]ٽيڙو( تارا) جي اڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ ته ’ٽيڙو‘ آکاڙ مهيني جي چنڊ کان پوءِ اڀرن ٿا. يعني آکاڙ مهيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ ته ڪتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. انوقت ڏينهن جي مدت ۾ ڪتر پوندي، يعني ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿيندا.
آکاڙ سنڌي شاعري ۾
[سنواريو]- آيو مھينو آکاڙ جو، ڪر الله توهار،
- واهر وڏي پير جي، وجهه واڙ چوڌار،
- صوفي شاهه شھيد جي، اجهي لڳ آڌار،
- سالم سبزا ساوڪون، ٻُڌ رينگٽ پون نار،
- نڪري سلا نروار، آيا ڍڍي چونڪ تي
- هليا ڏُٿ تي سندم ڏوٿي، وٺو آکاڙ جي چوٿي،
- وڄون ورنديون ڏسان هوٿي، بهاري رنگ بنايا ڪي،
- اکين آرو ٻڌو اڄ پُڻ، اباڻا ياد آيا ڪي
حوالا
[سنواريو]- ↑ "چاليهو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2018-12-30.