اسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ستون مهينو آهي جيڪو بڊي ۽ ڪتي جي وچ ۾ آهي.

15 سيپٽمبر کان 14 آڪٽوبر تائين هوندو آهي. اَسو 30 ڏينھن جو مهينو آهي.

لفظ اَسُو[سنواريو]

[سنڪرت. اَشويَج، اَشوِنَ] جيڪو ڀگوان شيو جو نالو آهي.

  • آيو اسو آسروند، هلر ٻڌائون،

وائري اَن صاف ڪري، ڀانڊا ڀريائون،

ثمر سياري لاءِ، پڻ ڦٽيون چونڊيائون،

ٺاهي سَوڙ سچ جي، ٻي ڪٿ نه ڪٿيائون،

انھن سان آءٌ، شل گڏ گذاريان ڏينھڙا.

اَسُو بابت سنڌي چوڻيون[سنواريو]

  • اسُو: ڀاڳ وارو مهينو آهي. اڪثر ماڻهو گهر جو بنياد اسو ۾ رکندا آهن.
  • اَسُوءَ ۾ لسي بيمار ڪندي آهي. گهٽ واپرائجي نه ته بيمار ڪندي.
  • جلاب اَسُو مھيني ۾ وٺڻ گهرجي، ڇو ته صحت لاءِ فائديمند ٿيندو.
  • ڪُتا مَستيءَ جي ڪري ماڻھن کي گهڻو ڏاڙهيندا آهن.
  • اسو انَ مان اپت ٿئي سا کسي ويڄ.

مطلب؛ هن مھيني ۾ درياهه چاڙهه وارن حصن مان لھي ويندو آهي ۽ درياهه جا واهڙ به پاڻي موٽائيندا آهن. جيئن ته هيءُ مھينو سرءُ جو هوندو آهي، تنھنڪري سَرءُ جو بخار ۽ تپاولي، اُلٽيون ۽ دست، کنگهه ۽ زڪام جام ٿئي. جنھنڪري ويڄ ۽ طبيب، ڊاڪٽر ۽ حڪيم عيدون ڪندا آهن. لابارن جي ڪري اَنُ به ٿئي جام. هڪ پاسي انُ لھي ته ٻئي پاسي بيمارين جي ڀيڙ ٿئي.

اَسوءَ جا ريلَڙا، وڃي باهڻي پيا[سنواريو]

مطلب؛ اَسُو (سيپٽمبر/ آڪٽوبر) جي مھيني ۾ درياه ڪيترو به چڙهيل هجي پر وهندو پنھنجي حدن اندر آهي.

چوماسي[سنواريو]

چوماسي جا چار مهينا: جن ۾ سانوڻ، بڊو، اسُو ۽ ڪتي شامل آهن. هنن مهينن لاءِ چئبو آهي ته چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ وقت کائجي، کٽ تي نه سمهجي، هيٺ سمهجي، حجامت نه ڪرائجي، ڏاڙهي به نه لاهجي.

اَسو ۾ چيٽ جي فصل جي ڪٽائي[سنواريو]

  • اَسُو جو مھينو آيو، لاباري جو ڪيو سعيو،
  • هلي ٻنيءَ ۾ گُهمون، سنگ سڀئي لڻون.

لاباري لاءِ ڏاٽي جي ڳن ۾ هٿ پيو ته خبر ناهي ڪٿان ڪٿان کان ڀانت ڀانت جا پينو ۽ پينار، منگتا ۽ مڱڻھار، جوڳي ۽ ڪن-ڦاڙ ڪاپڙي، موالي ۽ مست، ڀان ۽ ڀَٽ، پير ۽ فقير، انڌا ۽ منڊا، لولا ۽ لنگڙا اچي لابارن وٽ لامارا ڏيندا ۽ نصيب سارو سنگ پِنندا ۽ پنھنجون بُگِريون ڀريندا، دعائون ڪندا، رمندا رهندا آهن. هيءَ به سنڌڙيءَ جي انوکي ريت آهي. ڏک هجي يا ڏڪار، پنھنجا ڪک تمام ڏکيائيءَ سان ڇڏيندا. مرندي مري ويندا آهن پر ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪو نه ٽنگيندا آهن. جيڪڏھن ڪو سائل سندن در تي آيو ته ان کي به خالي هٿين موٽائڻ مھڻو ڀانئيندا.

  • ڏِنو ڪِنو نه ٿئي، جيئن ڏي تيئن گهڻو،
  • سَخي سِرنَھن چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.

حوالا[سنواريو]