ڄيٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (بڪرمي ڪيلينڊر) جو ٽيون مهينو آهي جيڪو ويساک ۽ آکاڙ جي وچ ۾ آهي.

15 مئي کان 14 جون تائين هوندو آهي. ڄيٺ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

لفظ ڄيٺ[سنواريو]

ذ. [سن. جيشٺَ] سنبت جي ٽئين مهيني جو نالو

هندن ۾ وڏي ڏيرُ (مڙس جو وڏو ڀاءَ) کي ڄيٺ چئبو آهي.

ڄيٺ ۾ سنڌ جون موسمي حالتون[سنواريو]

ڄيٺ (مئي/جون) مھينو آهي جهڪن ۽ جهولن جو. هن مھيني ۾ لُڪَ لڳڻ شروع ٿيندي آهي، جيڪا آکاڙ مھيني جي ڏهن ڏينھن تائين هلندي آهي. تنھنڪري هن مھيني کي لُڪن جي چاليھي جي شروعات سمجهبو آهي. گهوڙن جا شوقين ۽ خفتي، چاليھي ۾ گهوڙنھ ۽ گهوڙين جا سنجھ لڪائي رکندا آهن ۽ سواري ڪونه ڪندا آهن. ڇو ته هي مھينو وَهِٽَن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. انھن لُڪن ۽ جهولن ۾، مارو ماڻھو رکندا آهن بصر تي بارو. جيئن ته بصر ٿـڌو ۽ سستو هوندو آهي، ان ڪري بصر جو کاپو به جام ٿيندو آهي. خاص ڪري چاليھي ۾. ان کانسواءِ مُستي ۽ ڳڙ جي ٿاڌل ۽ ٻڪريءَ جي کير جو جهارو ۽ لُڪَ کان بچڻ لاءِ آلو ڪپڙو (پُسي) پائي هلڻ ۽ سمھڻ تي زور ھوندو اٿن. جيئن ته ڄيٺ جو مھينو پوکيءَ راهيءَ جو ٿئي، تنھنڪري ٻھراڙين ۾ نـَرُ توڙي نار گهڻو تڻو گهر کان ٻاهر ٻنين ۾ گهارين ۽ لڪن ۾ لوساٽجي سڙي سانورا ٿي ويندا آهن. هن مھيني ۾ مڱ، تر ۽ گوار جي پوکي شروع ٿيندي آهي.

گريشم[سنواريو]

معنى تمام گرم. 15 اپريل کان 15 جون تائين ويساک ۽ ڄيٺ جي مهينن تي مشتمل. هن موسم ۾ لُڪون لڳنديون آهن.

علم نجوم ۾[سنواريو]

علم نجوم موجب ، هن مهيني جي موسم تي مرگشر ( مرگهسر ) ۽ آردرا ( آڊ ) نکٽن جا اثر رهن ٿا .

سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون[سنواريو]

ڄيٺي مينهن ۽ پوڻيٺي جا پُٽ، ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿيندا آهن.[سنواريو]

ڇو ته ڄيٺ مهيني ۾ وسندڙ مينهن ڌرتيءَ جي دل ٺاري ڇڏيندو ۽ هاري ان وٽ تي ٻني کيڙي ڇڏيندا ۽ پوءِ ان کيڙيل ٻنيءَ تي جيترا مينهن پوندا، اوترو فصل ڀلو ٿيندو آهي.

ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)[سنواريو]

ڄيٺ مھيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروع کان چوماسي جون هوائون شروع ٿينديون آهن. اهي هوائون موسمي برساتون آڻينديون آهن. جن جي اثر ڪري، لڪون ٿڌڙي هير ۾ بدلجي وينديون آهن. جنھن جي ڪري اکيون ڳھر ڳھهيل هونديون آهن. ننڊ تمام گهڻي ايندي آهي. انھيءَ مھيني ۾ انب تمام زور مٺا ٿيندا آهن. اکين ۽ لڱن کي هوائون ٺاري وجهنديون آهن.

ڄيٺي، سک نه ٻيٺي[سنواريو]

1- ناشڪرو ماڻھو، هر وقت پيو پنھنجو درد سور بيان ڪندو.

2. ڄيٺي نالي واياڻي هئي، جنھن کي خبر ناهي ته حقيقتاً زماني جي صدمن گهڻو جهوريو هو يا فطرتاً زود رنج هئي، ڪنھن خوشيءَ جي ڪاڄ ۾ ايندي هئي ته به پيئي ٿڌا شوڪارا ڀريندي هئي ۽ ڦري گهري پنھنجي نصيبيءَ جو بيان کڻي ويھندي هئي.

سنڌي شاعري ۾ ڄيٺ[سنواريو]

ڄُلي آيو ڄيٺ اٿئي، جام چڙهيو آ جَر،

ٻارا، ٻنا، اڏون ٺاهه، وٺ وسيلو ڀر،

ريج روڻي ري شڪي ڪر، حُب جو ڏينس هَر،

وِجهه خاصيءَ ڳيڙ ۾، سالم ٻج سڌر،

تنھنجو ڪي قدر، تر توائي نه ٿئي.