ڦڳڻ
ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ٻارهون ۽ آخري مهينو آهي جيڪو مانگهه ۽ چيٽ جي وچ ۾ آهي.
12 فيبروري کان 13 مارچ تائين هوندو آهي. ڦڳڻ 30 ڏينھن جو مهينو آهي.
ٻيا نالا ڦڳڻ جا
[سنواريو]- ڦاگن / ڦاگڻ /ڦاڳڻ
علم نجوم ۾
[سنواريو]علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي ستڀشا ( شتتارڪا ) ۽ پورواڀا درپدا ، نکٽن جا اثر رهندا آهن .
هولي جو ڏڻ ڦڳڻ ۾
[سنواريو]ڦڳڻ مهيني جي تيرهين تاريخ تي هولي ملهائبي آهي. هولي هندو جاتي جو شڀ ڏڻ آهي، جيڪو هندو جاتي هر سال ڦڳڻ مهيني جي پورنماسيءَ تي ڌام ڌوم سان ملهائيندي آهي. رنگا رنگي سندر ڏڻ ”هولي“ کي مارواڙي ۾ ”هوري“سڏيو وڃي ٿو
تلسي پوڄا ڦڳڻ ۾
[سنواريو]هـنـدسـتـان ۾ تلسي جي وڻ کي پوتر (پاڪ) سمجهيو ويندو آهي. ان کان عورتن ،جانورن ۽ فصلن کي ڦـردار بنائڻ جون دعائون پنيون وينديون آهن. ڦڳڻ جي مهيني جي يارهيـن تـاريـخ انـهـي وڻ جي پاڙ ۾ پاڻي جو نذرانو پيش كيو ويـنـدو آهـي. هـنـدن جـي خـيـال مـوجـب ويشـنـو مقدس وڻ آهي. هو ان کي ديوتا جو درجو ڏين ٿا. عـورتـون ان جـي پـاڙن ۾ کـيـر هـاري پوڄا كن ٿيون ۽ ان وڻ جو طواف كن ٿيون. ان جي ٹارين ۾ رنگين ڌاڳا ٻـڌي اولاد لا دعائون گهرن ٿيون. سنڌ ۾ بڑ ۽ پپر جي وڻن کي پڻ اهڑي حيثيت حاصل آهـي. ي
ڦڳڻ بابت چوڻيون
[سنواريو]- مانگههُ مُٽا ڦڳڻ ڦولهڙيون
مطلب؛ مانگهه مهيني ۾ پوکيل اناج جي مندائتي فصل جو داڻو ٿلهو ۽ صحت مند ٿئي ٿو ۽ ڦڳڻ مهيني ۾ پوکيل پاڇاٽي فصل جو داڻو ماريل ۽ ڪمزور ٿئي ٿو ۽ ٻاڪري جي ڦولهرين وانگر ٿيندو آهي..
- ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اُونهارو
- ڦڳڻ ڦوڪارو، نه ٽِنگَ نه ٽارُو
مطلب؛ ڦڳڻ مهيني جي خاصيت اها آهي ته ڏينهن جو ٺيڪ ٺاڪ گرمي ۽ خوشگوار موسم هوندي، پر سج لٿي کانپوءِ رات جو ٿڌڪار، سيءَ جي شدت ۽ صبح سوير خشڪ سردي سبب باقاعدي سيارو محسوس ٿيندو آهي، ان دوران سنڌ ۾ باغن اندر نئين سال لاءِ انبن ۾ پيدا ٿيل ٻُور ڦُولهارجڻ شروع ٿيندو آهي، ان ڪري هي مثال ڏنو ويندو آهي ته ”ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اونهارو“ ان انبن جي ٻُور جي عجيب خوشبوءِ ڀرپاسي ۾ صبح ۽ شام جو محسوس ٿيندي آهي
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾
[سنواريو]- آئي رُت بسنت ڪي، ڦڳڻ ڦُلاريو، پيچرو پرينءَ جو، مون کي ڏاتر ڏيکاريو، جڏ نمي نهاريو، تي ڦُل ڏسيو ڦاٽي هنيون!
- انگوري اور ڪيتڪي، ڦُولي ڦڳڻ ماه، جي سجن هو من ماه، ته ڦل پسيو ڦولي هنيون.