مانگھ
ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو يارهون مهينو آهي جيڪو پوھ ۽ ڦڳڻ جي وچ ۾ آهي.
13 جنوري کان 11 فيبروري تائين هوندو آهي. مانگھ 30 ڏينھن جو مهينو آهي.
ٻيا نالا
[سنواريو]ماگهه
علم نجوم ۾
[سنواريو]علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي شروڻ ۽ ڌنشٺا نکٽن جا اثر ٿين ٿا .
ٻيرن ۽ سيءَ جي تانگھ
[سنواريو]مانگهه، جنهن ۾ سيءُ ڏيندو آهي تانگهه. مانگهه ۾ ٻير اڌ ڪچا اڌ پڪا هوندا آهن ۽ ٻير جي شوقينن جون اکيون اصل ٻيرن ۾ هونديون اٿن.
لوڪ سنڌي ڏاهپ ۾
[سنواريو]- جي پوهَه نه ورتُئه ٻڪري ۽ مانگهه نه ورتئه ڏاند،
پڇي وت ڪريندا ٻڪري ۽ وَتُ ڪريندا ڏاند.”
مانگهه (جنوري/فيبروري) جي مھيني ۾ ڪَچي جا ڀاڳيا خاص ڪري ٻڪرار، گاهه ۽ چاري جي اڻاٺ ڪري، پنھنجو مال پڪي جي تَر ڏانھن ڪاهي ايندا آهن.
- مانگهه، چر سانگ
جيئن ته هن مھيني ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. شاديون، مراديون ۽ دعوتون وغيره به گهٽ ٿينديون آهن. ان کانسواءِ ماڻھو يارن دوستن سان ملڻ به گهٽ نڪرندا آهن. ان ڪري چوڻي آهي؛ مانگهه، نه ڪر تانگهه
هندن جا ڏڻ مانگھ ۾
[سنواريو]مانگهه جي 28 تاريخ تي هندو ماڻهو مها شوارتري جو ڏڻ ملهائيندا آهن، ان رات سڀ کان وڌيڪ سيءُ ۽ پارو پوندو آهي. جنهن کي شِو جا پارا به سڏبو آهي. ٻيا ماڻهو بسنت ڀلي کڻي ڪڏهن به ملهائين ۽ لغڙ اڏائين، پر سنڌ ۾ صدين کان بسنت جو ڏڻ مانگهه ۾ ملهائڻ جو رواج رهيو آهي. (20 جنوري) ان ڏينهن تي ڦاگان/ڌمال ڳائبي آهي ته سرسوتي جي پوڄا به ڪبي آهي ته جيئن وڌيڪ ڦل ۽ ميوا ملي سگهن. مانگهه جي 15 بعد انب ٻوڪجي جهڙوڪر سياري وڃڻ کان اڳ ان جي وڃڻ جي تيارين ڏانهن اشارو ڪندو آهي. اهو وقت موسمي ساين ڀاڄين جي به پڇاڙي جو هوندو آهي. ڦڳڻ ۾ ڏينهن گرم ۽ وڏا ۽ راتيون ٿڌيون پر ننڍيون ٿينديون آهن.
مڪر سنڪرانتي يا مڪڙ سنڪرانتي
[سنواريو]هي ڏڻ 15 جنوري تي تي ملهايو ويندو آهي، جڏهن ته سج خط جدي وٽان نڪري خط عقرب (مڪڙ) وٽان اڀرڻ شروع ڪندو آهي. هن ڏڻ تي سنڌي هندو پنهنجي پرڻيل نياڻين ڏي لائيون، لڏون ۽ ٻيون شيون اماڻيندا آهن. هن ڏڻ کي اترڻ يا ترموري پڻ چوندا آهن.
سنڌي شاعري ۾
[سنواريو]- پويون راتيون مانگهه جون، اونداهي تيرس،
پلا پاڻيءَ ۾ جليا، باهه نه ڪئي بس!
آءٌ نه پنهنجي وس، چارڻ مون کي چائيو. شيخ اياز