ڦڳڻ ڦلاريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڦڳڻ ڦلاريو: نالا: اردو - ڇتون، پنجابي - ستونا، مرهٽي - ستونيا، بنگالي - ڇاتن، انگريزي - (Alstonia Scholaris) سڃاڻپ: هي چالهين کان سٺ فوٽن تائين سايه دار وڻ ٿئي ٿو. سندس کل کهري هوندي آهي، مگر ڦاٽي نٿي. هن کي ڦڳڻ ۾ گل لڳن ٿا (ان ڪري سنڌيءَ ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو آهي). ڄيٺ ۾ ڦر جهلي ٿو. رنگ: هن جا ڇوڏا ڪارا ڀورا ۽ گل ساوا اڇا ٿين ٿا. ذائقي ۾ سندس ڇوڏا ڪوڙا ٿين ٿا. مزاج: گرم خشڪ. مقدار خوراڪ: پساڙو اڍائين کان پنجن تولن تائين، سيال رب ننڍي چمچي برابر ٿوري پاڻيءَ سان. پيدائش: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گهڻو ڪري هر جڳهه تي ٿئي ٿو. خاصيت: هن جا ڇوڏا قابض، مقوي ۽ بخار هٽائيندڙ آهن. آمريڪا ۽ هالينڊ جي طبيبن هن کي ڪونين جئان مفيد ثابت ڪيو آهي. آنڊن جي خرابيءَ واري موسمي بخار ۾ هن جو پساڙو ڪارآمد ٿئي ٿو. هاضمي جي تقويت لاءِ پپرين سان ۽ بخار کان پوءِ ٿيندڙ ڪمزوريءَ واسطي اتيس سان ڏنو وڃي ٿو.[1]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو