مواد ڏانھن هلو

ڦڳڻ ڦلاريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڦڳڻ ڦلاريو

ڦڳڻ ڦلاريو (ٻيا نالا اردو: ڇتون، پنجابي: ستونا، مرهٽي: ستونيا، بنگالي: ڇاتن، انگريزي: Alstonia scholaris) چاليھن کان سٺ فوٽن تائين سايہ دار وڻ ٿئي ٿو. سندس کل کھري هوندي آهي، مگر ڦاٽي نٿي. هن کي ڦڳڻ ۾ گل لڳن ٿا (ان ڪري سنڌيءَ ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو آهي). ڄيٺ ۾ ڦر جهلي ٿو. هن جا ڇوڏا ڪارا ڀورا ۽ گل ساوا اڇا ٿين ٿا. ذائقي ۾ سندس ڇوڏا ڪوڙا ٿين ٿا.

مزاج: گرم خشڪ.

مقدار خوراڪ: پساڙو اڍائين کان پنجن تولن تائين، سيال رب ننڍي چمچي برابر ٿوري پاڻيءَ سان.

پيدائش: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گهڻو ڪري هر جڳھ تي ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جا ڇوڏا قابض، مقوي ۽ بخار هٽائيندڙ آهن. آمريڪا ۽ هالينڊ جي طبيبن هن کي ڪونين جئان مفيد ثابت ڪيو آهي. آنڊن جي خرابيءَ واري موسمي بخار ۾ هن جو پساڙو ڪارآمد ٿئي ٿو. هاضمي جي تقويت لاءِ پپرين سان ۽ بخار کان پوءِ ٿيندڙ ڪمزوريءَ واسطي اتيس سان ڏنو وڃي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.