مسافر جي نماز ءِ روزي جو حڪم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


مسافر جي نماز ۽ روزي جو حڪم: (انگريزي: Shariah on Soom & Salaat for travellers ) مسلمان ھجڻ لاء اسلام تي ايمان ضروري آهي، ءِ اسلام جو هر حڪم، مسلمانن لاء چراغ جي مثل آهي، تنهنڪري جيڪڏهن مسلمانن کي اسلام جو ڪوئي حڪم سمجھ ۾ نه اچي يا اهو حڪم ڏکيو لگي تڏهن به اھي ان جي اڳيان سر خم ڪندا آهن ۽ ھر اسلامي حڪم کي تسليم ڪن ٿا ڀلي کڻي اهي کين سمجھ ۾ نه اچن يا کين عيبدار لڳن ءِ ائين به نه آهي ته اسلام ۾ اهڙا قانون هجڻ کپن جيڪي فقط ظاهري لحاظ کان ڀلا لڳندا هجن ڇو ته اسلام ماڻھن جي تابع نه آهي بلڪه مسلمان اسلام جي تابع آهن پر اسان جي معاشري ۾ ان جي ابتڙ عمل ڪيو وڃي ٿو ، انهن عملن منجهان ڪجهه مسافرن جي لاء نماز ۽ روزي جا حڪم پڻ شامل آهن[1].

  • _ اسلام ۾ مريض ءِ مسافر تي روزو فرض نه آهي پر وري به مريض ءِ مسافر حضرات جو روزي رکڻ تي زور هوندو آهي[1].
  • _اسلام ۾ مسافرن تي فرض آهي ته چار رڪعتي نماز کي اڌ يعني ٻه رڪعتون ادا ڪن ته ته مسافر وري به پوري نماز پڙهي اهو سمجهندا آهن ته اسان الله وٽ گهڻو ثواب ڪمايو[1].
  • _اسلام ۾ غريب تي فطرو واجب نه آهي پر وري به اسان جا غريب مسلمان اهو سمجهندا آهن ته جيڪڏهن فطرو نه ڏنوسين ته اسان جا رکيل روزا قبول نه ٿيندا ءِ الله پاڪ به ناراض ٿيندو[1]!

اهڙا ٻيا به گهڻا ئي مثال اسان جي معاشري ۾ موجود آهن جن ھڪ مثال بدعت آھي. اِهي حضرات اهي بدعتون اهو سمجهندي انجام ڏيندا آهن ته اسان آلله جي وڌيڪ ويجهو ءِ نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جا بهترين امتي ٿينداسين پر نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم انهن لاء فرمايو آهي ته اهي منهنجي امت منجهان ئي نه آهن[1]! جيئن (صحيح سند سان) پاڻ فرمايائون:

من رغب عن سنتي فليس مني جنهن به منهنجي سنت کان منهن ڦيرايو اهو مون منجهان نه آهي.

— حديث


ائين ئي(صحيح سند سان) حضرت عثمان رض کي فرمايائون:

يا عثمان إني لم أومر بالرهبانية ، أرغبت عن سنتي ؟ ‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍ قال : لا يا رسول الله ، قال ،

إن من سنتي أن أصلي و أنام ، و أصوم و أطعم ، و أنكح و أطلق ، فمن رغب عن سنتي فليس مني ، يا عثمان إن لأهلك عليك حقا ، و لنفسك عليك حق[2]

اي عثمان! مون کي رهبانيت جو حڪم نه ڏنو ويو آهي، ڇا تو منهنجي سنت کان منهن موڙيو آهي؟ عثمان چيو نه يا رسول الله، پاڻ فرمايائون: منهنجو نماز پڙهڻ ءِ سمهڻ، روزو رکڻ ءِ کائڻ، نڪاح ڪرڻ ءِ طلاق ڏيڻ منهنجي سنت منجهان آهي

( يعني اهڙن ڪمن ۾ جيئن مان ڪريان توهان به ائين ئي ڪريو) پوء جنهن به منهنجي سنت کان منهن ڦيرايو اهو مون منجهان نه آهي.....

— حديث


وري(صحيح سند سان) فرمايائون:

أما والله إني لأخشاكم لله وأتقاكم له ، لكني أصوم وأفطر ، وأصلي وأرقد ، وأتزوج النساء ، فمن رغب عن سنتي فليس مني. [3]

الله جو قسم! مان توهان تي الله خاطر ڊڄان ٿو، ليڪن مان روزو رکان ٿو ءِ کاوان ٿو(روزو نه ٿو رکان)

مان نماز پڙهان ٿو ءِ آرام ڪريان ٿو، ءِ عورتن سان شادي ڪريان ٿو پوء جيڪو نه منهنجي سنت کان منهن ڦيريندو اهو مون منجهان نه آهي.

— حديث


انھن حڪمن جي روشنيءَ ۾ مسلمانن کي ڪابه عبادت پنهنجي طرفان نه پر سنت نبوي جي مطابق ڪرڻي پوندي آهي[1].

مسافر جي لاء روزي جو حڪم[سنواريو]

اسلام جي سڀني فرقن جو ان ڳالھ تي اتفاق آهي ته سفر ۾ ءِ مرض جي حالت ۾ روزو رکڻ واجب نه آهي، پر اختلاف ان ڳالھ ۾ آهي ته ڇا سفر ۾ روزو نه رکڻ عزيمت آهي يا رخصت[1]؟


عزيمت جي تعريف: السقوط عزيمة : هو الواجب أو المستحب الذي يسقط عن وجوبه أو استحبابه مع عدم جواز الإتيان به[4]

عزيمت، اهڙو واجب يا مستحب حڪم، جنهن جو وجوب يا استحباب ختم ٿي چڪو هجي جڏهن ته ان حڪم کي انجام ڏيڻ جائز نه هجي .

رخصت جي تعريف: السقوط رخصة: هو كل واجب أو مستحب سقط وجوبه واستحبابه مع بقاء الجواز بالإتيان به[5].

اهڙو واجب يا مستحب حڪم، جنهن جو وجوب يا استحباب ختم ٿي چڪو هجي جڏهن ته ان حڪم کي انجام ڏيڻ جائز هجي[1]

اھل تشيع جو نظريو[سنواريو]

اهل تشيع جو نظريو آهي ته سفر ءِ مرض جي حالت ۾ روزو عزيمت (نه رکڻ ضروري) آهي. مريض ءِ مسافر جو روزو رکڻ صحيح نه آهي، ڇو الله پاڪ سفر ءِ مرض جي ڪري روزي جي قضا ڪرڻ کي واجب ڪيو آهي[1]. امام رضا عليه السلام، اسلام خالص ءِ ان جا احڪام جي موضوع تي عباسي خليفي مامون ڏانهن هڪ خط موڪلييائون ان ۾ لکيائون: جڏهن سفر ڪرين ءِ نماز اڌ (قصر) پڙهين، ضروري آهي ته روزو به افطار ڪر(يعني روزو نه رک) جنهن جو به سفر شرعي هجي(گناه جي لاء نه هجي) ءِ روزو رکي ته ان جو روزو باطل آهي ءِ ضروري آهي ته اهو روزو وري پنهنجي وطن ۾ رکي ڇو ته سفر ۾ روزو باطل آهي[1].

اهل سنت جو نظريو[سنواريو]

اهل سنت ان ڳالھ تي متفق آهن ته مريض ءِ مسافر لاء روزو رخصت(فقط نه رکڻ جي اجازت اٿن باقي رکڻ چاهين ته انهن جو روزو صحيح آهي) پر اختلاف ان ۾ اٿن ته ان حالت ۾ روزو رکڻ بهتر آهي يا نه رکڻ بهتر آهي؟ ان ۾ ٻه نظريه آهن[1].

1. سفر ءِ مرض ۾ روزو رکڻ يا نه رکڻ برابر آهي.

2. سفر ءِ مرض ۾ روزو رکڻ نه رکڻ بهتر آهي.

هن مختصر مقالي ۾ اسان جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ آهي ته سفر ءِ مرض ۾ روزو رکڻ جائز آهي يا نه؟ اهل سنت پنهنجي دعوى تي قرآن مجيد جي آيت ءِ ڪجهه حديثن منجهان استدلال ڪندا آهن[1].


يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ اي مؤمنؤ جيئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تيئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته جيئن اوھين پرھيزگار ٿيو.

— القرآن

ايَّامًا مَّعْدُودَاتٍ فَمَن كَانَ مِنكُم مَّرِيضًا أَوْ عَلَى سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِّنْ أَيَّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذِينَ يُطِيقُونَهُ فِدْيَةٌ طَعَامُ مِسْكِينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيْرًا فَهُوَ خَيْرٌ لَّهُ وَأَن تَصُومُواْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

(روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھن، ۽ جيڪي روزي تي پنهنجي سگھ ڏئي وٺي بيهن ٿا تن تي(روزو نه پر) ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه ڏيڻ لازم آھي،

پوءِ جيڪو چڱائي خوشيء ساڻ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.

— القرآن


عن عائشة أنها اعتمرت مع رسول الله صلى الله عليه وسلم من المدينة إلى مكة حتى إذا قدمت مكة قالت يا رسول الله بأبي أنت وأمي قصرت فأتممت وأفطرت فصمت قال أحسنت يا عائشة وما عاب علي

بي بي عائشه کان روايت آهي : بي بي نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم سان گڏ عمره ڪرڻ لاء مديني کان مڪي آئي ءِ جڏهن مڪي پهتي ته چيائين:

يارسول الله! منهنجا پيء ءِ ماء توهان تي قربان ٿين، توهان نماز قصر ڪري پڙهي ته مان پوري پڙهي ءِ توهان روزو نه رکيو ته مان روزو رکيو تنهن تي پاڻ فرمايائون: شاباس اي عائشه! ءِ منهنجي عيب نه ڪڍيائون.

— حدیث


قرآن ءِ حديث ۾ مطابق[سنواريو]

آيت جوجواب:
اهل سنت، آيت جي هن حصي(وَأَن تَصُومُواْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ) منجهان اهو ثابت ڪن ٿا ته ڀلي جو سفر ۾ اها اجازت آهي ته روزو نه رکو پر وري به روزو رکڻ بهتر آهي.

اختلاف جو سبب، آيت جي هن حصي ۾ اختلاف هجڻ آهي، اهل سنت جو چوڻ آهي ته آيت جي ان حصي جو تعلق، مسافر ءِ مريض ساڻ آهي جڏهن ته اهل تشيع جو چوڻ آهي ته ان حصي جو تعلق مريض ءِ مسافر ساڻ نه پر خود روزن جي واجب ٿيڻ سان آهي يعني الله پاڪ روزا ان ڪري واجب ڪيا آهن جو انهن ۾ انسان ذات لاء ڀلائي آهي. ان تي اهل تشيع وٽ ٽي دليل آهن.

1_الله پاڪ هڪ ٻي جڳھ تي به ائين ئي فرمايو آهي:

انْفِرُواْ خِفَافًا وَثِقَالاً وَجَاهِدُواْ بِأَمْوَالِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ فِي سَبِيلِ اللّهِ ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ([6] )

(ھر حال ۾) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻو ته پوء اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.

هن آيت ۾ به اهڙي قسم جو هي جملو(ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ) آهي جڏهن ته جهاد بهتر(مستحب) نه پر واجب هيو، تنهن جو مطلب ته الله پاڪ جڏهن اهڙي قسم جو آيتون نازل ڪندو آهي ته ان ۾ حڪم شرعي نه پر حڪم جي اهميت ٻڌائيندو آهي.

2_ آيت ۾ آهي ته (فَعِدَّةٌ مِّنْ أَيَّامٍ أُخَر) يعني اهو جملو (فَمَن كَانَ مِنكُم مَّرِيضًا أَوْ عَلَى سَفَرٍ) جواب آهي ته جيڪو به مريض يا مسافر هجي ته اهو ايترا ڏينهن رمضان کان علاوه ٻين ڏينهن ۾ رکي يعني پوء ڇاهي سفر ءِ مرض ۾ به رکي يا نه رکي ان کي ٻين ڏينهن ۾ رکڻا آهن. پر جيڪڏهن سفر ءِ مرض ۾ رکڻ جي اجازت هجي ها ته آيت هن طرح هجي ها: توهان منجهان جيڪو به مريض هجي يا سفر تي هجي ءِ روزا نه رکي ته اهو ٻين ڏينهن ۾ ايتائي ڳڻي رکي، پر آيت هن طرح آهي جيڪو به مرض ءِ سفر ۾ هجي اهو روزا قضا ڪري رکي.

3_ جيڪڏهن اهو تسليم ڪجي ته آيت جي ان حصي جو تعلق مريض ءِ مسافر ساڻ آهي ته پوء ان جو مطلب ته روزو رکڻ مستحب ٿي ويندو، پر جڏهن حديثن ۾ ڏسئون ٿا ته مرض ءِ سفر جي حالت روزو بهتر نه پر ناپسنديده پڻ آهي بلڪه اهل سنت جي ڪتابن منجهان صحيح سند وارين حديثن جي مطابق، مرض ءِ سفر ۾ روزو رکڻ گناه آهي!

حديث_1:

كان رسول الله صلى الله عليه وسلم في سفر ، فرأى زحاما ورجلا قد ظلل عليه ، فقال : ما هذا . فقالوا : صائم ، فقال : ليس من البر الصوم في السفر.([7] ) نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم ڪنهن سفر ۾ هئا ته هڪ اجتماع ڏٺائون ان ۾ هڪ سخض کي ڏٺائون جنهن تي ڇانو ڪئي پئي وئي ته پاڻ پڇيائون: هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ تنهن تي ماڻهن جواب ڏنو: روزيدار، پوء پاڻ فرمايائون: سفر ۾ روزو رکڻ نيڪ ڪم نه آهي.

— النسائي

حديث_2:

ليس من البر الصوم في السفر ( [8]) سفر ۾ روزو رکڻ نيڪ ڪم نه آهي.

— صحيح آبن خزيمة

انهن جهڙيون ٻيون پڻ گهڻيون ئي حديثون صحيح سند سان موجود آهن.


حديث_3:

أن رسول الله صلى الله عليه وسلم خرج عام الفتح إلى مكة في رمضان . فصام حتى بلغ كراع الغميم . فصام الناس . ثم دعا بقدح من ماء فرفعه . حتى نظر الناس إليه . ثم شرب . فقيل له بعد ذلك : إن بعض الناس قد صام . فقال : " أولئك العصاة . أولئك العصاة ".([9] )

نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم فتح مڪه واري سال رمضان جي مهيني ۾ مڪي جي روانه ٿيا ته روزي ۾ هئا ايسيتائين جو ڪراع الغميم(مڪه ءِ مديني جي وچ ۾ هڪ مقام جو نالو آهي) تي پهتا ءِ صحابه به روزي جي حالت ۾ هئا پوء پاڻ پاڻي جو گلاس گهرايائون ءِ مٿي ڪري سڀني کي ڏيکاريائون ايسيتائين جو سڀني ڏٺو پوء پيتائون. ان کان پوء نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ماڻهو اڃان به روزي جي ساڻ آهن ته پاڻ فرمايائون: اهي گنهگار آهن اهي گنهگار آهن.

ياد رهي ته جيڪڏهن انهن صحابن کي سفر ۾ روزي نه رکڻ جي خبر نه هجي ها ته نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم انهن کي گنهگار نه چون ها!

حديث_4:

عنه صلى الله عليه وسلم أنه لما أفطر في السفر وبلغه أن قوماً صاموا قال: أولئك العصاة.([10] )

نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جي حديث آهي: جڏهن پاڻ سفر ۾ روزو روزو کولي ڇڏيائون ءِ سندن اها خبر پئي ته صحابن منجهان ڪجهه اڃان به روزيدار آهن ته فرمايائون: اهي گنهگار آهن!

انهن روايتن منجهان صاف ظاهر آهي ته (ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ) جو تعلق مريض ءِ مسافر سان نه ٿو ٿي سگهي جيتوڻيڪ ان جو تعلق خود رمضان جي روزن(كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ) سان آهي[1].


بي بي عائشه رض واري حديث جو جواب:

1_ اهو ممڪن نه آهي ته پوري عمري دوران نبي پاڪ هڪ طرح اعمال انجام ڏئي ءِ بي بي ان جي برخلاف انجام ڏئي ءِ نبي پاڪ کان پڇي ئي نه ايسيتائين جو آخر اچي پڇي ته مان ته پوري نماز پڙهي ءِ روزو به رکيم!

2_ امام الجرح و تعديل علامه ذهبي ان حديث کي منڪر ءِ ضعيف قرار ڏيندي لکن ٿا: (لم يعتمر رسول الله صلى الله عليه وسلم في رمضان أبدا) نبي پاڪ ڪڏهن به رمضان المبارڪ م عمره انجام ڏنو ئي نه هيو.([11] )


مشهور اعتراض ءِ ان جو جواب

اڳ جي زماني ۾ سفر ڏکيا هوندا هئا ان ڪري سفر ۾ روزا معاف هئا پر هن دور ۾ سفر بلڪل آسان ٿي ويو آهي ان ڪري هن دور ۾ روزا معاف نه آهن!

جواب:

ان آيت ۾ فقط سفر ءِ مرض جو ذڪر آهي جڏهن ته ان ٻيو ڪوبه شرط نه آهي ته اگر سفر پيادل هجي ته ان کان روزو معاف آهي يا جنهن تي سفر ڏکيو گذري ان کان روزو معاف آهي يا آيت ائين نه ٿي ڇوي ته مسافر کان روزو معاف آهي پر جيڪڏهن هودي جي ڇانو ۾ سفر ڪري ته ان کان معاف نه آهي يعني اهڙي ڪنهن به قسم جو شرط نه آهي[1] جيتوڻيڪ مٿين حديثن جي مطابق نبي پاڪ بغير ڪنهن ڏکيائي جي رکيل روزو به سفر ۾ کولي ڇڏيندا هئا ءِ روزي رکڻ کي گناه سمجهندا هئا. قرآن ءِ سنت جي مطابق، حقيقت هيء آهي ته مرض ءِ سفر ۾ روزو نه رکڻ عزيمت آهي (يعني روزو نه رکڻ واجب آهي)[1].

مسافر جي لاء نماز جو حڪم[سنواريو]

ٻيو مسئلو اهو هيو ته مسافر سفر ۾ به پوري نماز پڙهندا آهن جڏهن ته اسلام کين اها آساني ڏني آهي ته سفر ۾ نماز، پوري نه پر اڌ پڙهن[1]. ان مسئلي ۾ به سڀني مسلمانن جو اتفاق آهي ته سفر ۾ اڌ نماز پڙهي سگهجي ٿي پر اختلاف ان ڳالھ ۾ آهي ته اڌ (قصر) نماز پڙهڻ رخصت آهي يا عزيمت؟ يعني اسان کي اختيار آهي ته سفر ۾ نماز پوري پڙهجي يا اڌ پڙهجي، يا سفر ۾ فقط قصر(اڌ) نماز ئي پڙهبي جڏهن ته پوري نماز پڙهڻ سان نماز باطل آهي[1] ؟

اهل تشيع جو نظريو[سنواريو]

اهل تشيع جو اتفاق آهي ته قصر پڙهڻ، عزيمت آهي يعني سفر ۾ فقط قصر(اڌ) نماز ئي پڙهبي جڏهن ته پوري نماز پڙهڻ سان نماز باطل آهي[1].

اهل سنت جو نظريو[سنواريو]

انهن ۾ اختلاف آهي، بعض اهل سنت جو نظريو آهي ته رخصت آهي ءِ بعض جو نظريو آهي ته عزيمت آهي.


قرآن ءِ سنت جي مطابق[سنواريو]

  • قرآن جي روشني ۾:

وَإِذَا ضَرَبْتُمْ فِي الأَرْضِ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَقْصُرُواْ مِنَ الصَّلاَةِ إِنْ خِفْتُمْ أَن يَفْتِنَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُواْ إِنَّ الْكَافِرِينَ كَانُواْ لَكُمْ عَدُوًّا مُّبِينًا([12] ) ۽ جڏھن اوھين زمين ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا ته نماز مان ڪجهه گھٽائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناہ ڪونھي، ڇوته ڪافر اوھان جا پڌرا دشمن آھن.

— القرآن

اختلاف جو سبب آيت جي هن حصي (فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ ) ۾ اختلاف ڪرڻ جي ڪري آهي[1]. جناح جي معنى آهي "گناه" يعني نماز قصر ڪرڻ ۾ توهان تي ڪوبه گناه نه آهي، اهل سنت ان منجهان اهو سمجهيو آهي ته آيت حکم بيان ڪرڻ لاء آئي آهي، جڏهن ته اهل تشيع جو چوڻ آهي ته اها آيت حڪم کي بيان ڪرڻ لاء نه پر ڪنهن وهم (ڪجهه ماڻهو پوري نماز پڙهڻ سان مانوس ٿي ويا هئا ءِ اڌ نماز پڙهڻ کي پنهنجي لاء نقصان ءِ عيب پيا سمجهن، تنهن ڪري هيء آيت نازل ٿي ته سفر ۾ اڌ نماز پڙهڻ ۾ ڪوبه گناه نه آهي)[1] کي دور ڪرڻ لاء آئي آهي، ان لاء ٻه دليل آهن:

1_اهل سنت علماء جو اقرار آهي ته آيت وهم کي دور ڪرڻ آئي آهي جيئن جار الله زمشخري پنهنجي کتاب ۾ لکن ٿا ته ڪجهه ماڻهو پوري نماز پڙهڻ سان مانوس ٿي ويا هئا ءِ اڌ نماز پڙهڻ کي پنهنجي لاء نقصان ءِ عيب پيا سمجهن، تنهن ڪري هيء آيت نازل ٿي ته سفر ۾ اڌ نماز پڙهڻ ۾ ڪوبه گناه نه آهي[1].

2_اهڙي قسم جي وهم دور ڪرڻ لاء قرآن پاڪ ۾ ٻيو مثال به آهي:

إِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَةَ مِن شَعَآئِرِ اللّهِ فَمَنْ حَجَّ الْبَيْتَ أَوِ اعْتَمَرَ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِمَا وَمَن تَطَوَّعَ خَيْرًا فَإِنَّ اللّهَ شَاكِرٌ عَلِيمٌ.([13]) صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين منجهان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف(سعي) ڪرڻ ۾ ڪو گناھ نه آھي، ۽ جيڪو خوشيء سان چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

— القرآن

ان آيت ۾ اهل تشيع ءِ اهل سنت جو اتفاق آهي ته اها آيت حڪم کي بيان ڪرڻ لاء نه پر وهم کي دور ڪرڻ لاء آئي آهي، ڇو ته ان جبل تي مشرڪن بت رکي ڇڏيا هئا جنهن جي ڪري ڪجهه مسلمانن کي اهو وهم ٿيو ته بتن جي ڪري متان سعي قبول نه ٿئي تنهن تي اها آيت نازل ٿي[1]. ياد رهي ته هيء آيت تڏهن نازل ٿي هئي جڏهن مسلمان چار رڪعتون پڙهڻ جا عادي ٿي ويا هئا پر سفر ۾ ٻن رڪعتن جو حڪم ته چئن رڪعتن جي حڪم کان به پهريان نازل ٿيو هيو[1]. جيئن حديثن جي روشني ۾ اڳتي بيان ٿيندو، تنهن ڪري اهو چوڻ درست نه ٿيندو ته سورت نساء جي آيت 101 قصر نماز جي حڪم کي بيان ڪرڻ لاء آئي آهي[1].

  • سنت جي روشني ۾:

حديث _1

عن عائشة رضي الله عنها قالت : الصلاة أول ما فرضت ركعتين ، فأقرت صلاة السفر ، وأتمت صلاة الحضر.( [14]) بي بي عائشه رض کان روايت آهي: نماز پهريان ٻه رڪعتون فرض ڪيون ويون هيون پوء سفر ۾ اهي ئي ٻه رڪعتون باقي رهيون ءِ حضر(وطن ءِ قيام) جي نماز پوري (چار رڪعتي) ٿي.

— صحيح بخاري


حديث _2

فرض الله الصلاة على لسان نبيكم صلى الله عليه وسلم في الحضر أربعا ، وفي السفر ركعتين ، وفي الخوف ركعة. [15]

الله پاڪ توهان جي نبي جي زبان مبارڪ تي حضر(وطن ءِ قيام) ۾ چار رڪعتون فرض ڪيون ءِ سفر ۾ ٻه رڪعتون ءِ خوف ۾ هڪ رڪعت فرض ڪئي.

  • سنت خلفاء جي روشني ۾:

صحيح سند سان

أخبرنا محمد بن علي بن الحسن بن شقيق قال أبى أنبأنا أبو حمزة وهو السكري عن منصور عن إبراهيم عن علقمة عن عبد الله قال صليت مع رسول الله صلى الله عليه وسلم في السفر ركعتين ومع أبي بكر ركعتين ومع عمر ركعتين رضي الله عنهما[16]. عبدالله کان روايت آهي: مان نبى پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم سان سفر ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ حضرت ابوبڪر سان ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ حضرت عمر سان ٻه رڪعتون پڙهيون.

— النسائي


صحيح سند سان

عن أنس بن مالك أنه قال صلى لنا رسول الله صلى الله عليه وسلم بمنى ركعتين وأبو بكر الصديق رحمة الله عليه بمنى ركعتين وصلى لنا عمر بن الخطاب بمنى ركعتين وصلى لنا عثمان بن عفان ركعتين صدرا من خلافته فلما كان آخر خلافته أتم الصلاة بمنى أربعا[17].

انس بن مالڪ کان روايت آهي: نبى پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ ابوبڪر صديق اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون

ءِ عمر بن خطاب اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ عثمان بن عفان پنهنجي خلافت جي پهرين زماني ۾ اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون پوء پنهنجي خلافت جي آخري وقت ۾ مِنى ۾ چار رڪعتون پڙهيون.

— النسائي، مسلم، بخاري


  • سفر ۾ قصر نماز، صحابه جي نظر ۾:

سڀئي صحابي سفر ۾ اڌ نماز پڙهندا هئا پر فقط بي بي عائشه رض ءِ حضرت عثمان پوري نماز پڙهندا هئا.

عن عائشة رضي الله عنها قالت : الصلاة أول ما فرضت ركعتين ، فأقرت صلاة السفر ، وأتمت صلاة الحضر . قال الزهري : فقلت لعروة : ما بال عائشة تتم ؟ قال : تأولت ما تأول عثمان[18].

بي بي عائشه رض کان روايت آهي: نماز پهريان ٻه رڪعتون فرض ڪيون ويون هيون پوء سفر ۾ اهي ئي ٻه رڪعتون باقي رهيون ءِ حضر(وطن ءِ قيام) جي نماز پوري (چار رڪعتي) ٿي،

زهري عروه کي چيو: بي بي عائشه جو ڪهڙو خيال آهي جو ان (سفر ۾ به) پوري نماز پڙهي! عروه چيو: بي بي به تاويل ڪئي آهي جيئن حضرت عثمان تاويل ڪئي!

— بخاري

ان روايت منجهان صاف ظاهر آهي ته سفر ۾ اڌ نماز پڙهڻ، سنت نبوي ءِ سنت صحابه آهي.


صحيح روايت ۾ آهي ته:

أن عائشة كانت تصلي في السفر أربعا[19] بي بي عائشه رض سفر ۾ چار رڪعتون (پوري نماز) پڙهندي هئي.

— الفتاوي



عن عائشة أنها كانت تصوم في السفر وكانت تتم وتصلي أربعا[20] ءِ ٻي به صحيح روايت آهي ته: بي بي عائشه رض سفر ۾ روزو به رکندي هئي ءِ چار رڪعتون (پوري نماز) پڙهندي هئي.

— سنن


صحيح سند سان روايت آهي:

عن أنس بن مالك أنه قال صلى لنا رسول الله صلى الله عليه وسلم بمنى ركعتين وأبو بكر الصديق رحمة الله عليه بمنى ركعتين وصلى لنا عمر بن الخطاب بمنى ركعتين وصلى لنا عثمان بن عفان ركعتين صدرا من خلافته فلما كان آخر خلافته أتم الصلاة بمنى أربعا[21].

انس بن مالڪ کان روايت آهي: نبى پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ ابوبڪر صديق اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون

ءِ عمر بن خطاب اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون ءِ عثمان بن عفان پنهنجي خلافت جي پهرين زماني ۾ اسان جي سامهون مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون پوء پنهنجي خلافت جي آخري وقت ۾ مِنى ۾ چار رڪعتون پڙهيون.

— النسائي، بخاري، مسلم

باقي ٻيا سڀئي صحابي اڌ نماز پڙهندا هئا[1]

  • عبدالله بن عمر جي نظر ۾:

1_صحيح سند سان روايت آهي:

صلى رسول الله صلى الله عليه وسلم بمنى ركعتين . وأبو بكر بعده . وعمر بعد أبي بكر . وعثمان صدرا من خلافته . ثم إن عثمان صلى ، بعد ، أربعا . فكان ابن عمر إذا صلى مع الإمام صلى أربعا . وإذا صلاها وحده صلى ركعتين[22]. نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم مِنى ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون، نبي پاڪ کان بعد ۾ حضرت ابوبڪر به ٻه پڙهيون ان کان بعد حضرت عمر به ٻه پڙهيون ءِ حضرت عثمان به پنهنجي خلافت جي شروعاتي زماني ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون، حضرت عثمان ان کان بعد چار رڪعتون پڙهيون، پوء حضرت عبدلله بن عمر جڏهن پيش نماز سان گڏ پڙهندو هيو ته چار رڪعتون پڙهندو هو ءِ جڏهن اڪيلو پڙهندو هيو ته ٻه رڪعتون پڙهندو هيو!

— مسلم


  • علامه هيثمي لکي ٿو:


رواه الطبراني في الصغير ورجاله موثقون. وعن مورق قال سألت ابن عمر عن الصلاة في السفر فقال ركعتين ركعتين من خالف السنة كفر. رواه الطبراني في الكبير ورجاله رجال الصحيح[23]. علامه طبراني اها روايت آندي آهي ءِ ان روايت جا سڀ راوي ثقه آهن ءِ مورق کان روايت آهي ته مون عبدلله بن عمر کان سفر جي نماز جي باري ۾ پڇيو ته چيائين ٻه ٻه رڪعتون آهي جنهن به سنت جي مخالفت ڪئي اهو ڪافر(سنت جو منڪر)آهي.

— الزوائد

صحيح سند سان روايت آهي:

ابن عمر رضي الله عنهما يقول : صلاة المسافر ركعتان, من خالف السنة كفر [24] عبدالله بن عمر چوندو هيو مسافر جي نماز ٻه رڪعتون آهي جيڪو به سنت جي مخالفت ڪندو اهو ڪافر (سنت جو منڪر) آهي.

— المبسوط


  • عبدالله بن عباس جي نظر ۾:

صحيح سند سان روايت آهي:

صلى رسول الله صلى الله عليه وسلم ، حين سافر ركعتين ، وحين أقام أربعا ، قال : فقال ابن عباس : فمن صلى في السفر أربعا كمن صلى في الحضر ركعتي[25]

نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جڏهن مسافرت ڪيائون ته ٻه رڪعتون پڙهيائون ءِ جڏهن قيام ڪيائون ته چار رڪعتون پڙهيائون پوء ابن عباس رضي الله عنه چيو:

جنهن به سفر چار رڪعتون پڙهيون ڄڻ ته ان حضر(وطن ءِ قيام) ۾ ٻه رڪعتون پڙهيون.

— المھرة

يعني جيئن حضر ۾ ٻه رڪعتون پڙهڻ، بدعت آهي ائين ئي سفر وري چار رڪعتون پڙهڻ بدعت آهي ءِ ضروريات مذهب جي خلاف آهي[1].


سفر ءِ مرض جي حالت ۾ روزو رکڻ وارو قرآن ءِ سنت جي نگاه ۾ گنهگار آهي ءِ ان جو روزو رکڻ صحيح نه آهي.نماز به سفر جي حالت ۾ اڌ پڙهڻ واجب آهي ءِ پوري نماز پڙهڻ وارو بدعتي ءِ سنت جو منڪر آهي. قرآن ءِ سنت منجهان ثابت هجڻ ڪري سڀني شيعه عالمن جو اتفاق آهي ته روزو، مرض ءِ سفر جي حالت ۾ باطل آهي. اهڙي طرح سفر جي حالت ۾ نماز به قصر(اڌ) پڙهڻ واجب آهي ءِ پوري پڙهڻ سان نماز باطل ٿي ويندي[1].

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 مسافر جي نماز ءِ روزي جو حڪم (مهاڳ)-از:ابومهدي فرمان علي معصومي
  2. المعجم: المصطلحات الفقهيه
  3. المعجم: المصطلحات الفقهيه
  4. مجمع البيان في تفسير القرآن جلد 3 صفحو 303
  5. عيون اخبار الرضا ع جلد 2 باب 35 صفحو 267
  6. سورت توبه آيت: 41
  7. صحيح البخاري- حديث:1946 اهڙي قسم جي روايت صحيح النسائي- الصفحة أو الرقم:2256
  8. الترغيب والترهيب- جلد2 صفحو:146 صحيح ابن خزيمة- حديث:2016
  9. صحيح مسلم- احديث:1114 مسند ابن عباس- جلد1 صفحو:121
  10. كشاف القناع- جلد2 صفحو:311
  11. المهذّب جلد:3 صفحو:1076
  12. سورت نساء آيت: 101
  13. سورت بقره آيت: 158
  14. صحيح البخاري-حديث نمبر: 1090 صحيح مسلم- حديث نمبر: 685
  15. صحيح مسلم- حديث: 687 سنن أبي داود- حديث: 1247 التمهيد- جلد: 16 صفحو 297 مسند أحمد- جلد:4 صفحو 31
  16. سنن النسائي - جلد 3 - صفحو 118
  17. مسند عمر- جلد:1 صفحو 223 صحيح النسائي- حديث: 1450 صحيح مسلم- حديث: 694 صحيح البخاري- حديث: 1655 صلاة التراويح- صفحو: 43
  18. صحيح البخاري – حديث 1090 صحيح مسلم حديث 685
  19. مجموع الفتاوى- جلد 24 صفحو 155
  20. معالم السنن – جلد 1 صفحو 225
  21. مسند عمر- جلد:1 صفحو 223 صحيح النسائي- حديث: 1450 صحيح مسلم- حديث: 694 صحيح البخاري- حديث: 1655 صلاة التراويح- صفحو: 43
  22. صحيح مسلم- حديث: 694
  23. مجمع الزوائد جلد 2 – صفحو_ 154
  24. صلاة التراويح- صفحو: 43 المحلى- جلد4 صفحو 270 المطالب العالية- جلد1 صفحو 300 المبسوط - جلد 1 - صفحو 239
  25. إتحاف الخيرة المهرة- جلد:2 صفحو 313