عبادت
ڏيک

عبادت عاجزي ۽ تعظيم جي آخري حد جو نالو آهي. عبادت جو لفظ عربي جي لفظ "عبد" مان ورتل آهي، جن جو معنيٰ آخري درجي جي عاجزي ۽ انڪساري آهي. اسلامي عقيدي موجب، صرف الله جي عبادت جائز آهي، جيڪو حقيقي معبود (عبادت جي لائق) آهي.
امام راغب اصفهاني بيان ڪرن ٿا:
"العبادةُ أَبْلَغُ مِنْهَا لِأَنَّهَا غَايَةُ التَّذُلَّلِ"
ترجمو:عبادت عاجزي ۽ فروتني جي انتها جو نالو آهي. (راغب اصفهانی، المفردات: 319)
شريعتِ اسلامي جي اصطلاح ۾؛
"عبادت، صرف اهڙي عمل جو نالو آهي، جيڪي هڪ هستي جي نسبت معبود هجڻ جو اعتقاد رکندي، ڪئي ويندي آهي."