مواد ڏانھن هلو

نصر اللہ ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نصر اللہ ڪنگراڻي
ڄمڻنصرالله ڪنگراڻي
آگسٽ 12 1972(1972-08-12)

ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات14 مارچ 2013 (عمر 40 سال)

جوهي شھر
قلمی نالونصرالله ڪنگراڻي
پيشوليکڪ، صحافي
ٻوليسنڌي
قوميتپاڪستاني
تعليمبي ايس سي
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي
صنفمضمون،ڪھاڻي، شاعري

نصرالله ڪنگراڻي(انگريزي:Nasarullah Kingrani) سنڌي ٻولي جو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

نصراللہ ڪنگراڻي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جيڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 12 آگسٽ 1972ع تي سومار خان ڪنگراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ادبي گهراڻي سان هو. هيءُ عزيز ڪنگراڻي ۽ ماڻڪ ڪنگراڻي جو ڀاءُ هو هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1983ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي منجهان 1987ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر جو امتحان 1988ع ۾ ڊگري ڪاليج، هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين ۽ ٻي ايس سي دادو ڪاليج مان 1990ع ۾ پاس ڪيائين. هن ادب جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪئي. هن جي شاعري ڪهاڻييون ۽ نثر ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيون.ڪتاب ستين آسمان جا فرشتا جي پنهنجي پاران ڀاڱي ۾ ذڪر آهي.[1] خاص طور روزاني عوامي آواز ڪراچي ، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي ۽ رازاني جاڳو ڪراچي ۾ گهڻو ڇپيو. هن سب ايڊيٽر طور رازني جاڳو، روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سنڌ سجاڳ ۾ ڪم ڪيو. هي سياسي طور جيئي سنڌ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جلال محمود شاھ جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان سلهاڙيل رهيو.[2][3]

وفات

[سنواريو]

نصراللہ ڪنگراڻي کي 14 مارچ 2013ع تي بي گناھ شهيد ڪيو ويو هو[4] جنهن جو ذڪر ڪتاب ستين آسمان جا فرشتا جي ارپنا ۾ آهي[5] ۽ کيس جوهي لڳ اباڻي قبرستان حاجي حسن درويش قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[6][7]

حوالا

[سنواريو]
  1. ستين آسمان جا فرشتا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16618&BookTitle=Saten%20Asman%20Ja%20Farshta. Retrieved 2020-03-14. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani (in انگريزي). 2014-12-17. Retrieved 2020-03-14.
  3. zasolangi (2013-03-25). "ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا". Indus News (in اردو). Retrieved 2020-03-14.
  4. "ناليواري ليکاري عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ جو قتل ڪيس: وڌيڪ هڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا". Retrieved 2020-03-24.
  5. ستين آسمان جا فرشتا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16618&BookTitle=Saten%20Asman%20Ja%20Farshta. Retrieved 2020-03-14. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  6. Correspondent, The Newspaper's (2013-07-23). "Drama writer appeals for protection". DAWN.COM (in انگريزي). Retrieved 2020-03-14. {{cite web}}: |last= has generic name (help)
  7. Report, Dawn (2013-03-20). "Teachers protest over principal's killing". DAWN.COM (in انگريزي). Retrieved 2020-03-14.