مواد ڏانھن هلو

ڳوٺ گل محمد گنب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ گل محمد گنب انگريزي (Village Gul Muhammad Gumb) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪو جوهي شهر کان 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف جوهي-ڀان سيدآباد روڊ سان لڳ اولھ ۾ واقع آهي. هي نهايت قديم ڳوٺ آهي.ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ ڀرسان ٺلهه جيڪو هن ڳوٺ جي قدامت جي نشاندهي ڪري ٿو ته هيءَ ڳوٺ راءِ گهراڻي جي دور ۾ موجود هو. هن ڳوٺ جو روينيو کاتي جي پراڻي رڪارڊ موجب ڳوٺ ڪنگراڻي نالو آهي. بعد ۾حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي لڏي پنهنجي زمينن ۾ نئون ڳوٺ ٻڌو جنهنڪري پوءِ هيءُ ڳوٺ گل محمد گنب جي نالي سان مشهور ٿيو. گل محمد گنب پنهنجي وقت جو ناميارو شخص هو. سندس پيشو ٺيڪيداري هو. هن ڳوٺ ۾ پرائيمري اسڪول به آهي جيڪو تر ۾ سڀني آ پرائيمري سڪولن کان پراڻو آهي جنهن ۾ پهريون استاد گل مجمد گنب جو پُٽ محمد ابراهيم گنب مقرر ٿيو هو. [1][2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "جوهي جي نيڪال واري پاڻي جو تلاءُ ٽٽي پيو، پاڻي ڳوٺ ۾ داخل -" (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 02 جولاءِ 2019۔ 
  2. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/82935 |url= عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 28 مئي 2020۔ 
  3. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/82935 |url= عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 06 جون 2020۔