قصو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قصو : انگريزي ۾ فيبليئو (Fabliau): قصي جو پلاٽ پيچده ۽ منجھيل ھوندو آھي. ليڪن ان پيچيدگيءَ ۾ بھ دلڪشي ھوندي اھي. قصي ۾ ماحول اجنبي ۽ اوپرو ھوندو اھي. خيالي واقعن کان علاوه ھن ۾ عجيب دنيا جھڙوڪ: ديو، پريون، ڪوھھ ڪاف جي تخيل واري دنيا ھوندي اھي.قصن جا ڪردار فقط عشقيھ، رزميھ، سٺائي ۽ بدڪاري تي مشتمل ھوندا اھن. قصن ۾ ڪردار ھميشھ مافوق الفطرت (Metaphysical) ھوندا اھن. قصن ۾ نمودار ٿيندڙ واقعا ھميشھ غير فطري ھوندا اھن. الف ليليٰ، داستان امير حمزه، چار درويش، طوطي نامو، سيف الملوڪ، حاتم طاتي، گل بڪا ولي ۽ ٻيا ڪيترائي عشقيھ ۽ رزميھ قصا ۽ داستان وغيره رهيا آهن. لوڪ قصن ۾ عمر مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻو وغيره شامل آهن[1] قصّو يا ڪھاڻي مان ھيٺ ڏنل مراد آھن:

اوڻويھين صدي جي عالمن مان گيسٽن پيرس مطابق قصو يا فيبليئو مشرق کان مغرب ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ صليبين ذريعي انھن جي يورپ واپسي سان آيو.[2]

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • قصہ گوئي

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Nykrog, Per, Les Fabliaux, Geneva: Droz, 1973, xx