فصاحت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

فصاحت صاف مستند محاورو (ٻوليءَ جو) صاف سهڻي بيان واري عبارت، خوش بياني کي ’فصيح‘ چئبو آهي. ”فصاحت“ عربي لفظ ”فصيح“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”خوش بياني يا مٺو ڪلام.“ اصطلاحي معنيٰ موجب، ”فصاحت“ شعر جي هڪ خوبي آهي جنهن مطابق شعر ۾ لفظ هلڪا ۽ رس ڀريا ڪتب آڻبا آهن، جن جي پڙهڻ سان زبان ۾ هٻڪ ۽ هٽڪ پيدا نه ٿئي. شعر ۾ اهڙي سادگي سمايل هجي، جيڪا لفظن جي ورجاءَ وقت پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ڏکيائي محسوس نه ڪرائي، پر کيس وڻندڙ ۽ دلچسپ معلوم ٿئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي