مڪالمو
مڪالمو (انگريزي: Dialogue يا dialog)، لکت یا گفتگو دوران ڳالهه ٻولهه جي اهڙي ڏي وٺ کي چئجي ٿو جيڪا ڪن به ٻن ماڻهن جي وچ ۾ واقع ٿئي يا ته وري ڪنهن ادبي تصنيف يا ناٽڪ جي صورت ۾ منچ تي پيش ڪئي وڃي. بيانئي يا فلسفياڻي گفتگو توڙي سکيا سرشتي طور تي اولهه جي ادب ۽ روايات ۾ مڪالمي جي شروعات سقراط جي مڪالمن کان ٿيندي نظر اچي ٿي، جن جي ترويج يوناني فلسفي افلاطون ڪئي. جيتوڻيڪ، ان کان به آڳاٽي زماني جي رواياتن ۾ پڻ مڪالما ملن ٿا جهڙوڪ هندستاني ادب.[1]
20هين صدي عيسوي ۾ ميخائيل باختن، پائلو فريري، مارٽن بيوبر، ۽ ڊيوڊ بوهم جهڙن دانشورن مقالمي کي فلاسافيڪل صنف ڪري مڃڻ جي شروعات ڪئي. مقالمي جي مختلف خاصيتن ۽ تاويلن تي ڳالهائيندي انهن دانشورن مقالمي جي هڪ ڪُليَتي مفهوم جي پرچار ڪئي آهي، جنهن مطابق مقالمو هڪ اهڙي گهڻ رُخي، تغير پذير، ۽ موضوع آڌارت گفتگو ڪرڻ جو عمل آهي، جنهن سان ڪنهن حتمي راءِ، معنيٰ يا تت تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي.[2]
برک تعليمدان جهڙوڪ پائلو فريري ۽ رامون فليچا به تعليم جي ميدان ۾ اهڙا نظريا ۽ طريقيڪار وضع ڪيا آهن جن سان مساواتي مقالمي کي هڪ تدريسي اوزار يا طريقيڪار طور ڪتب آڻي سگهجي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Nakamura, Hajime (1964). The Ways of Thinking of Eastern Peoples. ص. 189. ISBN 0824800788.
{{cite book}}: ISBN / Date incompatibility (مدد) - ↑ Phillips, Louise (2011). The Promise of Dialogue: The dialogic turn in the production and communication of knowledge. ص. 25–26. ISBN 9789027210296.
{{cite book}}: Invalid|ref=harv(مدد) - ↑ Flecha, Ramón (2000). Sharing Words: Theory and Practice of Dialogic Learning. Lanham, MD: Rowman and Littlefield.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]خيالن جي منتقلي | ||||||
|