داستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

داستان__قصا__ (Tales):

سنڌي ناول يا ڪھاڻيءَ جو سفر آکاڻي، داستان ۽ قصي کان شروع ٿيو آھي. داستان/قصن جو پلاٽ ناول وانگر منظم ھئڻ بدران پيچيده ۽ منجھيل ھوندو اھي. ليڪن ان پيچيدگيءَ ۾ بہ دلڪشي ھوندي اھي. ٻئي طرف داستان/قصي ۾ ماحول اجنبي ۽ اوپرو ھوندو اھي. خيالي واقعن کان علاوه ھن ۾ عجيب دنيا جھڙوڪ، پريون، ڪوھ قاف واري دنيا ھوندي آھي.قصن جا ڪردار عشقيه، سٺائي ۽ بدڪاري تي مشتمل ھوندا اھن. قصن ۾ ڪردار نگاري ھميشہ مافوق الفطرت ھوندي اھي. جڏھن تہ ناول ۾ ڪرداري نگاري ھميشہ اصل ۽ عام زندگيءَ مان ھوندي اھي. قصن ۾ عام طور تي ديو، بادشاھ، شھزادا وغيره ٿين ٿا، جڏھن تہ ناول ۾ ھر انسان پوءِ ڀلي ڪھڙي بہ طبقي سان تعلق رکي، اھو ڪردار ھوندو اھي. قصن ۾ نمودار ٿيندڙ واقعا ھميشہ غير فطري ھوندا اھن. قصا قديم دور کان ھر ٻوليءَ ۾ رائج ھوندا اھن. سندن مقصد اخلاقيات جي تبليغ ۽ بھادرن جا ڪارناما ۽ عشقيہ داستان ھوندا آھن. قصو نثر ۾ بہ لکي سگھجي ٿو تھ نظم ۾ بہ. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”گل خندان“، ”الف ليليٰ“، ”داستان امير حمزه“، ”چار درويش“، ”طوطي نامو“، ”سيف الملوڪ“، ”حاتم طائي“، ”گل بڪا ولي“ ۽ ٻيا ڪيترائي عشقيہ قصا ۽ رزميہ قصا مقبول اھن. ان کانسواءِ ”سسئي پنهون“، ”سهڻي ميهار“ ۽ ”ليلا چنيسر“ جا به قصا مشهور رهيا آهن. جن مان شاهه لطيف به استفادو ڪيو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي