شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار
| شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار | |
|---|---|
The shrine-complex is richly decorated with Sindhi-style tile work | |
| بنيادي ڄاڻ | |
| جاءِ | ڀٽ شاهه |
| مقانيت | 25°48′22″N 68°29′29″E / 25.806005°N 68.4915225°E |
| ڳانڍاپو | اسلام |
| ضلعو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| ملڪ | پاڪستان |
| تفصيل تعميرات | |
| قسم اڏاوت | مسجد ۽ درگاهه |
| قسم اڏاوت | هند اسلامي |
| پورو ٿيڻ جو سال | 1772ع |
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار (انگريزي: Shrine of Shah Abdul Latif Bhittai)، ارڙهين صدي ۾ جڙيل صوفي مزار آهي، جيڪا ڀٽ شاھ ۾ واقع آهي. هن مزار جي سنڌ ۾ وڏي اهميت آهي، هر سال لطيف جي عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ عقيدتمند هن مزار تي ايندا آهن.[1]
پسمنظر
[سنواريو]هي مزار شاهہ عبداللطيف ڀٽائي لاءِ جوڙائي وئي، جيڪو مشهور سنڌي صوفي، عالم، ۽ شاعر هو، جنهن کي سنڌي ٻولي جي حوالي سان مسلمان شاعرن ۾ تمام وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو.[2] هن جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چيو وڃي ٿو. هي مزار سيوهڻ شريف ۾ موجود لال شهباز قلندر جي مزار جي مزار کان 125 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي.[3] آمريڪا جي اڳوڻي وزير خارجه هيلري ڪلنٽن 2009ع ۾ هن مزار جو دورو ڪيو هو.[4]
مزار جي اندرين حصي جي سارسنڀال عورتن جي حوالي آهي.[5] جڏهن ته مزار جي ٻاهران مرد شاهه جي شاعري ڳائيندا آهن.[5] هندو برادري ڀيل ۽ ڪولهي هن درگاهه جو احترام ڪندا آهن؛ ڇو ته لطيف جي شاعري هر عقيدي لاءِ احترام جو درس ڏي ٿي.[5]
اڏاوت
[سنواريو]

هي مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع تي ٺهرايو.[6] هن مزار ۾ هڪ مسجد ۽ لطيف جو روضو آهي، جنهن جو در هڪ وڏي اڱڻ طرف کلي ٿو جنهن جي چوڌاري قبا جوڙيل آهن. هن ۾ سنڌي اڇي ۽ نيري رنگ جي ڪاشي جو ڪم ٿيل آهي.[7] سجي لٿي هن مزار ۾ لطيف جي شاعري ڳائي ويندي آهي..[5]
عرس
[سنواريو]شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ٽن ڏينهن واري عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ زيارت مند مزار ٿي حاضري ڀريندي آهن،[1] سندس عرس اسلامي مهيني جي صفر جي 13 هين تاريخ تي شروع ٿيندي آهي.[8] سندس عرس وارو ڏينهن لطيف جي وفات وارو ڏينهن آهي ۽ سندس مالڪ سان ملڻ جي خوشي ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.[9]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]تصويرون
[سنواريو]- مزار ۾ نيري ۽ اڇي رنگ سان ٿيل سنڌي ڪاشي جو ڪم
- هيلري ڪلنٽن شاهه جي مزار تي حاضري ڀرائيندي.
- مزار جي داخلا واري در سامهون ڪشادو ميدان
- مزار جي داخلا کان اڳ ڏنل اڱڻ.
- لطيف جا فقير سندس شاعري ڳائيندي.
- مزار جي داخلا وارو رستو
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Khan, Mohammad Hussain. "Shah Abdul Latif Bhitai's 272nd urs kicks off in Bhit Shah". Dawn. https://www.dawn.com/news/1222679. Retrieved 4 March 2017. "The shrine witnesses a turnout of close to 500,000 devotees including foreigners during the three days."
- ↑ "saintsofislam", saintsofislam.com, حاصل ڪيل 4 March 2017۔
- ↑ "Map of the distance between Sehwan Sharif and Bhit Shah", Open Street, OSM, حاصل ڪيل 4 March 2017۔
- ↑ https://www.flickr.com/photos/statephotos/4057740172/ Secretary Clinton Visits Shrine of Shah Abdul Latif Kazmi
- 1 2 3 4 Abbas, Shemeem Burney (2010). The Female Voice in Sufi Ritual: Devotional Practices of Pakistan and India. University of Texas Press. p. 34. ISBN 9780292784505.
- ↑ Ahmed, Vaqar (10 April 2015). "Bhit Shah: After the dhamaal". Dawn. https://www.dawn.com/news/1161250. Retrieved 4 March 2017.
- ↑ Said, Farida (27 March 2015). "Tradition of the tile". Herald Magazine. Dawn. http://herald.dawn.com/news/1152933. Retrieved 4 March 2017.
- ↑ "Spiritual colours of Shah Abdul Latif Bhitai". Dawn. 15 November 2016. https://www.dawn.com/news/1296505. Retrieved 4 March 2017.
- ↑ "Shah Abdul Latif Bhitai's 272nd urs kicks off in Bhit Shah". Dawn. 27 November 2015. https://www.dawn.com/news/1222679. Retrieved 4 March 2017.
| وڪيميڊيا العام ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |