مواد ڏانھن هلو

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار
The shrine-complex is richly decorated with Sindhi-style tile work
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار is located in سنڌ
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار
سنڌ ۾ ڏيکاريل
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار is located in پاڪستان
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار (پاڪستان)
بنيادي ڄاڻ
جاءِڀٽ شاهه
مقانيت25°48′22″N 68°29′29″E / 25.806005°N 68.4915225°E / 25.806005; 68.4915225
مذهبي لاڳاپواسلام
ضلعومٽياري
صوبوسنڌ
ملڪپاڪستان پاڪستان
تعميري ڄاڻ
اڏاوت جو قسممسجد ۽ درگاهه
اڏاوتي طرزهند اسلامي
مڪمل ٿيو1772ع

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار (انگريزي: Shrine of Shah Abdul Latif Bhittai)، ارڙهين صدي ۾ جڙيل صوفي مزار آهي، جيڪا ڀٽ شاھ ۾ واقع آهي. هن مزار جي سنڌ ۾ وڏي اهميت آهي، هر سال لطيف جي عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ عقيدتمند هن مزار تي ايندا آهن.[1]

پسمنظر

[سنواريو]

هي مزار شاهہ عبداللطيف ڀٽائي لاءِ جوڙائي وئي، جيڪو مشهور سنڌي صوفي، عالم، ۽ شاعر هو، جنهن کي سنڌي ٻولي جي حوالي سان مسلمان شاعرن ۾ تمام وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو.[2] هن جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چيو وڃي ٿو. هي مزار سيوهڻ شريف ۾ موجود لال شهباز قلندر جي مزار جي مزار کان 125 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي.[3] آمريڪا جي اڳوڻي وزير خارجه هيلري ڪلنٽن 2009ع ۾ هن مزار جو دورو ڪيو هو.[4]

مزار جي اندرين حصي جي سارسنڀال عورتن جي حوالي آهي.[5] جڏهن ته مزار جي ٻاهران مرد شاهه جي شاعري ڳائيندا آهن.[5] هندو برادري ڀيل ۽ ڪولهي هن درگاهه جو احترام ڪندا آهن؛ ڇو ته لطيف جي شاعري هر عقيدي لاءِ احترام جو درس ڏي ٿي.[5]

اڏاوت

[سنواريو]
Entry to the shrine
The shrine's inner sanctum is the site of the saint's tomb.

هي مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع تي ٺهرايو.[6] هن مزار ۾ هڪ مسجد ۽ لطيف جو روضو آهي، جنهن جو در هڪ وڏي اڱڻ طرف کلي ٿو جنهن جي چوڌاري قبا جوڙيل آهن. هن ۾ سنڌي اڇي ۽ نيري رنگ جي ڪاشي جو ڪم ٿيل آهي.[7] سجي لٿي هن مزار ۾ لطيف جي شاعري ڳائي ويندي آهي..[5]

شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ٽن ڏينهن واري عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ زيارت مند مزار ٿي حاضري ڀريندي آهن،[1] سندس عرس اسلامي مهيني جي صفر جي 13 هين تاريخ تي شروع ٿيندي آهي.[8] سندس عرس وارو ڏينهن لطيف جي وفات وارو ڏينهن آهي ۽ سندس مالڪ سان ملڻ جي خوشي ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.[9]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

تصويرون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Khan, Mohammad Hussain. "Shah Abdul Latif Bhitai's 272nd urs kicks off in Bhit Shah". Dawn. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل. The shrine witnesses a turnout of close to 500,000 devotees including foreigners during the three days.
  2. ↑ "saintsofislam". saintsofislam.com. اصل نسخو مان 25 July 2014 تي محفوظ ڪيل. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ "Map of the distance between Sehwan Sharif and Bhit Shah". Open Street. OSM. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ https://www.flickr.com/photos/statephotos/4057740172/ Secretary Clinton Visits Shrine of Shah Abdul Latif Kazmi
  5. 1 2 3 4 Abbas, Shemeem Burney (2010). The Female Voice in Sufi Ritual: Devotional Practices of Pakistan and India. University of Texas Press. ص. 34. ISBN 9780292784505.
  6. ↑ Ahmed, Vaqar (10 April 2015). "Bhit Shah: After the dhamaal". Dawn. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ Said, Farida (27 March 2015). "Tradition of the tile". Dawn. Herald Magazine. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ "Spiritual colours of Shah Abdul Latif Bhitai". Dawn. 15 November 2016. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  9. ↑ "Shah Abdul Latif Bhitai's 272nd urs kicks off in Bhit Shah". Dawn. 27 November 2015. 4 March 2017 تي حاصل ڪيل.