پڪو قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
پڪو قلعو
Pakka Qilo
حيدرآباد, سنڌ in پاڪستان
Hyderabadfort.gif
پڪو قلعو ميان غلام شاھ ڪلھوڙو ٺھرايو.
پڪو قلعو is located in Sindh
پڪو قلعو
پڪو قلعو
Location in Sindh
پڪو قلعو is located in Pakistan
پڪو قلعو
پڪو قلعو
پڪو قلعو (Pakistan)
جاگرافيائي بيهڪ 25°23′3.98″N 68°22′21.67″E / 25.3844389°N 68.3726861°E / 25.3844389; 68.3726861مڪانيت: 25°23′3.98″N 68°22′21.67″E / 25.3844389°N 68.3726861°E / 25.3844389; 68.3726861
نوعيت قلعو
نشاندهي ڪندڙ

پڪو قلعو حيدرآباد جيڪو حيدرآباد ۾ پڪو قلعو (Pako Qilo or Strong Fort or Brick Fort) جي نالي سان مشهور آهي، تنهن کي قلعو نيرون ڪوٽ سان منسوب ڪيو ويو آهي ۽سمجهيو ويو آهي ته ڇهين صدي هجريءَ ڌاري راءِ خاندان جي حڪومت دوران برهمڻ گورنر جي زير دست هو8 صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ راجا ڏاهر جي طرفان هن قلعي جو حاڪم ٻڌمت جو ڀڪشو هو. قلعي جي دفاعي اهميت سبب راجا ڏاهر جو پٽ راجا جيسيه پڻ وقت بوقت قلعي ۾ اچي ترسندو هو. جنهن ٽڪريءَ تي هيءُ قلعو ٻڌل آهي تنهن جو نالو نيرون هو، تنهن ڪري هن قلعي کي نيرون جو قلعو ڪري سڏيو ويو پرهن سلسلي ۾ تاريخ ڪا به تصديق نه ٿي ڪري يا تاريخي حوالو نه موجود نه آهي ته نيرون ڪوٽ پڪو قلعو ئي آهي ڇاڪاڻ ته ڪتاب چچ نامو ۾ نيرون ڪوٽ کي هڪ کان وڌيڪ دروازا ڄاڻايل آهن جڏهن ته پڪي قلعي کي صرف هڪ دروازو آهي.

حيدرآباد جو قديم قلعو المشهور پڪو قلعو


اڄ جيڪو قلعو موجود آهي سو 18هين صدي عيسويءَ ۾ ڪلهوڙن جي آزاد حڪومت قائم ٿيڻ کان 1754ع ۾ نورمحمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ محمد مرادياب خان (مراد خان) تخت تي ويٺو پر 1757ع ۾ کيس تخت تان لاهي ميان غلام شاھ (Ghulaam Shaah) کي تخت تي ويهاريو ويو هو، جنهن 1767ع ۾ حيدرآباد وارو پڪو قلعو جوڙايو هو.[1][2]

پڪي قلعي جي ڀت

قلعي جي بناوت[سنواريو]

هي شاهي قلعو 22 ، 25 اُتر ۽ 41، 68 اوڀر حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان موجود آهي هن قلعي جو قطر هڪ ميل ۽ اوچائي اسي فوٽ آهي. ڀڳوانداس ڀڳوان هن قلعي جي ويڪر ڇٽيهه ايڪڙن تي ٻڌائي ٿو. لطف الله مالوي ’سنڌ جي سفر‘ ۾ لکي ٿو ته، ”شاهي قلعو هڪ پنج ڪُنڊي ۽ بيضوي شڪل جو آهي، جيڪو پڪين سرن ۽ گچ مان ٺهيل آهي.“ مهر ڪاڇيلوي قلعي جو ذڪر ڪري ٿو ته، ”قلعي جي اتر طرف هڪ وڏو در ۽ هڪ چور دروازو هو. ست، اَٺ بي ترتيب مورچا آهن. اوڀر ۽ ڏکڻ واري فصيل اوچائي تي آهي. اولهه واير پاسي تي به فصيل آهن. ٻاهر وري فصيل گول ڪمان جيان بيضوي شڪل ٺاهي ٿي. انهن فصيلن جي وچ ۾ هڪ ڪمرو لانڍي جيان آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڇت لاهين تي آهي. چون ٿا ته اهو باروت خانو هو. ڪن جو خيال آهي، ته اهو اناج لاءِ گودام آهي. انهن فصيلن جي وچ ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. اندرئين فصيل ۾ هڪ چور دروازو گودام طرف وڃي ٿو.“ ناٿن ڪرو 1799ع سنڌ ۾ آيو ۽ هو هتي سترهن مهينا رهيو. هو لکي ٿو: ” حيدرآباد جي ڪوٽ کي هڪ وڏي ڀت آهي ۽ منجهس هڪ وڏو قلعو آهي. جنهن تي ڪجهه ڳريون توپون رکيل آهن. ڀت سنهي آهي. پر اندران مٽي جو ٿلهو ڀراءُ اٿس. ڪجهه مٽي اصلوڪي ۽ ڪجهه هٿرادو پيل آهي، تنهنڪري ڀت کي ٽوڙڻ مشڪل آهي. سمورو قلعو سرن جو ٺهيل آهي. ٿلهي قلعي جي شڪل گول آهي ۽ سئو والن کان وڌيڪ ويڪر نه اٿس. ڪوٽ جي ڀت جي ڊيگهه اٽڪل مُنو ميل ٿيندي. ان ۾ توپن رکڻ لاءِ جايون آهن. مورچا وغيره ڪونه اٿس. هن جي شڪل مستطيل نموني جي آهي ۽ اهو هڪ ڊگهي سوڙهي ٽڪري جي ڪُنڊ تي ٺهيل آهي. جيڪا سڀني پاسن کان اُڀي آهي. ٽڪري جي آسپاس واري ايراضي سنڌو ندي جو هڪ ٻيٽ آهي، جنهن جي موڪر ڇهه يا اٺ ميل ۽ ڊيگهه ويهه يا ٽيهه ميل ٿيندي. اها ايراضي آباد ۽ زرخيز آهي ۽ آبڪلاڻي ۾ پاڻي جي اُٿل هيٺ ايندي آهي.“ والٽر هملٽن هن قلعي بابت 1820ع ۾ بيان ڪري ٿو ته: ” هي قلعو هڪ ٽڪري تي آهي ۽ هڪ هزار قدم ڊگهو آهي. ان جي هڪ طرف ڦليلي ۽ ٻئي طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو ندي آهي. قلعو پنج ڪُنڊو ۽ ٽڪري جي بيهڪ مطابق آهي. قلعي جون ڀتيون سرن جون آهن ۽ منجهن بندوقن لاءِ ٽُنگ آهن. ڪيترن هنڌن تي ٽڪري جي لاهين ۽ اُتاهين آهي، جو جيڪڏهن هن ڀت کي ٽوڙي ڇڏجي ته به قلعي تي چڙهڻ ناممڪن آهي.“ جيمس برنس 1828ع ۾ لکي ٿو ته: ” ميرن جو قلعو جنهن تي هو فخر ڪندا آهن، جيڪو ٽڪري جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، اها پڪين سرن جي هڪ حقير عمارت آهي. ان جون سرون آهستي آهستي ڳرنديون وڃن ٿيون. اهو قلعو هڪ منظم فوج جي حملي اڳيان هڪ ڪلاڪ به ڌڪ جهلي نه سگهندو.“ ليفٽيننٽ ايڊورڊ ڊلهوسي 32- 1831ع ۾ هتي آيو. هن جو چوڻ آهي ته: ” حيدرآباد جو قلعو شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ پنجٽيهه فٽ کن اوچي ٽڪري تي آهي. کيس چاليهه فوٽ اوچي، پڪين سرن جي ڀت ڏنل آهي، جنهن ۾ گول ۽ چورس برج آهن. ڪوٽ جي ڀت ٽڪري جي ڇيڙي کان مٿي اُڀي کنيل آهي. مٿس چُن ۽ مٽيءَ جو ليپو ٿيل آهي.“ جي.ايف.هيڊل جنهن 1836ع ۾ قلعو ڏٺو هو، هو پنهنجي ’ميمائرس آف دي رور انڊس‘ ۾ ذڪر ڪري ٿو ته: ”حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ ڪوٽ آهي. ڪوٽ جي ڀت اٽڪل پنجاهه فوٽ کن اوچي آهي. ڀت اندر جي طرف کان مٽيءَ جي دِڪن سان پختي ڪئي وئي آهي. جيڪا اندرين پوٺي کان ويندي ڳڙکي تائين ڪجهه فوٽ مٿي کنيل آهي. تنهنڪري دفاعي نقطي نظر کان هڪ مضبوط اڌ ٺاهي ٿي.“ هينري پاٽنجر ’بلوچستان ۽ سنڌ جو سفرنامو‘ ۾ ٻُڌائي ٿو ته؛ ”حيدرآباد هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو قلعي کان هڪ هزار قدمن تي ٿيندو. پر انهيءَ مان هڪ شاخ قلعي جي بلڪل ويجهو وهندي هئي. جنهن ۾ ٻيڙيون وغيره اچي لنگر هڻنديون هيون.“ ڪيپٽن ايسٽوڪ جي ڪتاب ’نئين مصر جا پراڻا ورق‘ ۾ آهي ته؛ ” لاڙ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هي شهر تمام وڏو آهي ۽ پڻ ڳتيل به آهي. قلعو پڪسرو ۽ سُٺو ٺهيل آهي، پر شهر جون جايون ڪي خاص نه آهن.“ اي. ڊبليو هيوز ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جو قلعو ڪنهن سُٺي رٿا موجب جوڙيل آهي ۽ مضبوطي ۾ سنڌ جو ٻيو ڪوبه قلعو ساڻس مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته قلعي جو بنياد پنجاهه فوٽن تائين هيٺ وڃي ٿو ۽ ٽڪري جي مٿاڇري کان پوءِ به پنجاهه فوٽ کن مٿي آهي.“ ’سنڌ جا تاريخي قلعا‘ ۾ شمس الدين جتوئي لکي ٿو ته: ”ڪوٽ ٽالپرن جي رهائش توڙي حفاظت طور ڪم ايندو هو. جيستائين انگريزن کين شڪست نه ڏني. اندريون جايون قيدخاني طور تي ڪم اينديون هيون. ڪوٽ جي ڀت چاليهه کان پنجاهه فوٽ اوچي آهي ۽ گولائي ۾ ڏيڍ ميل کن ٿيندي. ڀت ۾ پڪيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر هيٺ کان وٺي مٿي تائين مختلف آهي. هيٺ بنياد وٽ پنج فوٽ آهي. جيڪا مٽي چوٽيءَ وٽ پهچي 209 فوٽ بيهي ٿي. ڀت جي چوٽيءَ وٽ سينگاريل ڪنگريون آهن. اُهي پري کان ايئن ٿيون لڳن ڄڻ سپاهي مٿي تي خود پايون بيٺا آهن. ڪوٽ جي ڀت ۾ اڌ گول جي شڪل جا برج ٺهيل آهن. اُهي برج رڳو قلعي جي اترئين ڀت تي آهن.“ آرڪيالاجسٽ هينري ڪزن ڪوٽ جي ڪنگرين لاءِ لکي ٿو ته: ” پري کان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ماڻهن جا انبوهه ڀالن جي چنهبن تي ماڻهن جون کوپڙيون کنيو بيٺا آهن.“ منهنجي مشاهدي مطابق قلعي ۾ ٻن ٽن قسمن جون سرون استعمال ٿيل آهن. انهن سرن مان ڪي ترڪي دور جون آهن، ته ڪي وري مغل دور جون لڳن ٿيون. قلعي جي اڏاوت جو ڪافي حصو مغلن جي طرز تعمير جهڙو آهي. قلعي جي ڊگهي ۾ ڊگهو حصو اوڀر کان اولهه 2430 فوٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر اُتر کان ڏکڻ 900 فوٽ آهي. قلعي جي اُتر واري ٻانهي (ڀڳل ڀت سميت) 3100 فٽ ۽ ڏکڻ واري ٻانهي 3080 فوٽ آهي. ڪوٽ جي وچ ۾ هڪ ٽاور هو، جنهن جو ڪوٽ جي ڪنهن به حصي سان تعلق ڪونه هو. ساري ڪوٽ تي نگاهه رکڻ جي ڪم ايندو هو. ان گول ٽاور جي شڪل ذري گهٽ اوائلي ميراڻي ٽوپي جهڙي هئي، جيڪا اڪثر ميرن جا سپاهي به پائيندا هئا. برج هيٺان کان وٺي اونچائي ۾ گولائي ۾ سوڙهو ٿيندو وڃي. برج جي هيٺين حفاظتي ديوار ۾ مارا هئا ۽ ان جون ڪنگريون به خوبصورت ڏيک ڏينديون هيون. ڪنگرين هيٺان ڪارنس نڪتل هئي. برج جي چوٽي تي هڪ چوُڪور سهڻي ڪوٺي ٺهيل هئي، جنهن کي ڇت سان گئلري هئي. گئلري کي هر پاسي کان پنج سهڻا ڪمانيدار دروازا هئا. دروازن جي مٿان اس ۽ مينهن جي بچاءُ لاءِ ٿورو ڇڄو ٻاهر نڪتل هو. ٽاور تان ڪوٽ اندر توڙي ٻاهر پري پري تائين نظر رکي سگھبي هئي. اتان ڦليلي واهه، حيدرآباد شهر صاف ظاهر ٿيندو هو. ساون وڻن سان ڍڪيل ڦليلي جا ڪنارا اکين کي راحت ڏيندا هئا. ٽاور تي چڙهي بيهڻ سان کٻي طرف ڪوٽ جي اتر اولهه پاسو برجن سميت مار ۾ هوندو هو ۽ سڄي پاسي شهر جي پسگردائي ۾ ايندڙ ويندڙ تي نظر رکي سگھبي هئي. ٽاور تان ڪجهه ميلن تي وهندڙ درياءِ سنڌ جو ميٽائو پاڻي سج جي ڪرڻن تي چمڪندو نظر ايندو هو..[3]

قلعي جي اڏاوتي تاريخ[سنواريو]

سنڌ جي گھڻين تاريخن ۾ آهي ته:”ميان غلام شاهه ڪلهوڙي قلعي جي تعمير جو حڪم ذي القد 1182هه (1769ع) ۾ ڏنو هو. پوءِ مهاجنن ۽ هندو عالمن کي آسپاس جي زمين تي آباد ڪرڻ ڪري ٿوري وقت ۾ هي نهايت ئي شاندار شهر بڻجي ويو. هڪ سال کان پوءِ ميان غلام شاهه، ديري غازي خان کان واپس ورڻ بعد اميرن ۽ وزيرن سان قلعي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ميان غلام شاهه جي وقت ۾ جن ماڻهن بابت يقيني طور چئي سگھجي ٿو ته اچي هن نئين شهر ۾ ويٺا تن ۾ هڪڙا ناهيا هئا، جيڪي سڀ فوج جا ماڻهو هئا، ۽ ٻيا توبن جا گولي انداز هئا، جن کي پوءِ ’گل انداز‘ ڪري سڏيو ويو. چون ٿا ته گولي اندازن جو وڏو شهباز خان هو. جيڪو قنڌار مان آيو هو. ڪمي ڪاسبي، ڪاريگر،دڪاندار ۽ واپاري به ضرورت وقت شهر ۾ وسايا ويا هوندا. پر انهن بابت هن وقت ڪو به احوال ملي نٿو سگھي.“ ميان غلام شاهه هڪ ڏينهن ڪچهري سڏرائي، جنهن ۾ قلعي جي تعريف ۾ قصيدا پيش ڪيا ويا. شاعرن کي انعام اڪرام سان نوازيو ويو. ۽ ميان انهي مجلس ۾ نيرون ڪوٽ جو نالو حيدرآباد تجويز ڪيو ۽ هڪ سنگ مرمر جي تختي ٺهرائي قلعي جي مکيه دروازي تي هڻائي ڇڏي، جيڪا اڄ به قلعي جي مکيه دروازي جي نرڙ تي مالڪ جو اتو پتو ٻڌائي ٿي. انهي تختي جي ٻنهي پاسن تي خط ڪوفي ۾ هيئن لکيل آهي. ساڄ پاسي تي: الله اڪبر اللهم صلي وسلم اعليٰ محمد و عليٰ فاطمه مٿان: والحسن و علي و محمد المحمدي و جعفر و موسيٰ و علي کاٻي پاسي تي: و محمد و علي و الحسن و محمدالمهدي و الهادي هيٺيان: بامرعالي مظهر ولايت ميان غلام شاهه خان عالي بن ميان نور محمد بن ميان نصير محمد عباسي بنا يافت پٿر جي وچئين چوکٽ ۾ آهي: يا رب اجعل هذا البلد آمنا (اي مالڪ هن شهر کي امن وارو ڪر) 1182هه هن تختي جي تحرير مان هن قلعي جي تڪميل جو سال 1182هه يعني 1769ع نڪري ٿو. ميان سرفراز خان به حيدرآباد جي پائي پوڻ تي هڪ نظم لکيو هو، جنهن مان قلعي ۽ شهر جي بنياد پوڻ جو سال 1182هه نڪري ٿو:.[3]

پاڻي جو بندوبست[سنواريو]

قلعبندي جا ماهر ڪوٽ يا قلعو اڏڻ مهل سڀ کان اوليت ۽ اهميت پاڻي جي ترسيل کي ڏيندا آهن، جيئن ان بنيادي ضرورت کي هر وقت ڪنهن اٽڪ ۽ تڪليف بنا حاصل ڪري سگھجي. خاص طور تي غنيم جي گھيري جي صوت ۾ به انهن وسيلن ۽ زرخيرن ۾ ڪا ڪمي نه اچي. پڪي قلعي لاءِ چيو وڃي ٿو ته:”منجھس مٺي پاڻي جا پنج کوهه هئا، جيڪي شايد پوءِ ٻاڙا ٿي ويا هئا. “ پڪو قلعو گنجي ٽڪر جي هڪ شاخ تي ٺهيل آهي. رجسٽرار ايم.ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب ’گرائونڊ واٽر‘ ۾ چوي ٿو ته: ”گنجو ٽڪر جيڪو حيدرآباد کي چوگرد گھيرو ڪيو بيٺو آهي، هي کيرٿر جبل جي چن جي پٿر جي ڦٽل ۽ ڇاڙ آهي. گنجو ٽڪر مينهن جو پاڻي ڦاٽن ۽ سوراخن وسيلي جذب ڪري ٿو، جيڪو ٻه سو فوٽ کن هيٺ لهي وڃي ٿو. پاڻي جبلن مان لوڻياٺ چهُڻ ڪري کارو ٿي پوي ٿو، جنهن ڪري گھرو استعمال ۽ فصل لاءِ ڪارآمد نه آهي.“ ماهرن جو چوڻ آهي ته: ” اهو پاڻي زمين اندر هڪ هنڌ نٿو بيهي، پر آهستي آهستي چوڦير ڦهلجي وڃي ٿو. البت جبلن جي اردگرد نو ميلن اندر درياهه جي لٽياسي حصي ۾ چاليهه فوٽن جي گهرائي ۾ مٺو پاڻي موجود آهي. اهو پيئڻ ۽ فصل لا ءِ ڀلو آهي.“ مسٽر هيڊل پاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ” ٽڪري جي پيرن وٽ هڪ پاڻي جي کڏ آهي. جنهن ۾ سدائين پاڻي بيٺو آهي. اهو بدبودار پاڻي گهڻو ڪري غريب ماڻهو استعمال ڪندا آهن. امير گهڻو ڪري پنهنجو پاڻي ڦليلي مان گهرائيندا آهن. سياري ۾ جڏهن پاڻي سڪي ويندو آهي، ته ڦليلي جي پيٽ ۾ ننڍا ننڍا کوهه کوٽي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. اهو صاف پاڻي پکالي ڏاندن تي کڻي ڪوٽ ۾ پهچائيندا آهن. قلعي اندر ڪو پاڻي موجود ناهي. مون کي اهو اندازو آهي، ته اندر ڪوبه کوهه نه هوندو. شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ 350 پکالي ڪم ڪندا آهن.“ اهو ئي ڪارڻ آهي جو خطري وقت ميرقلعو خالي ڪري ”ٿر“ جي علائقي ۾ ٺهيل قلعن ۾ پناهه وٺندا هئا. جنهن ڏينهن انگريزن حيدرآباد تي قبضو ڪيو هو، ان ڏينهن مير نصير خان جا ٻه پٽ مير حسن علي ۽ مير عباس قلعي ۾ قيد هئا، جن وٽ پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ڪونه هو. نيٺ پنجاهه ماڻهن هڪ سانداري مان ڍڪ ڍڪ ڪري پيتو. حبيب الله رحيم بخش مرزا جي مضمونن مطابق: ” حيدرآباد جي شهر جي ڀرسان ڦليلي ڦاٽ وهندو هو. اڃان اهو واهه نه ٺهيو هو، ان جو پاڻي شايد اڇي موري وٽان موڙي شهر جي اڀرندي هڪ کڏ ۾ ڪٺو ڪيو ويندو هو. ميرن واري زماني ۾ هي کڏ ئي شهر جي پاڻي جو اڪيلو وسيلو هئي. انگريزن جي دور ۾ ڄام شوري کان هڪ واهه، جنهن کي پوءِ نئين ڦليلي سڏيو ويو، کوٽي ان ڦليلي ۾ رشي گهاٽ وٽ ملايو ويو هو، ان واهه مان هڪ شاخ شهر ڏي رکي وئي هئي، ان شاخ جو پاڻي پهرين ’ڊومڻ واهه‘ ۾ گڏ ٿيندو هو، اُتان اهو تازو پاڻي وڃي سنگت واهه جي ڪپ تي ڏسبيون هيون. ڪن ڪن هنڌن تي پٿرن جون پٿوڙيون به ٺهيل هيون، جتان ماڻهو لهي تلاءُ مان پاڻي ڀريندا هئا.“.[3]

ڪاريگر[سنواريو]

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ’نئين زندگي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هن قلعي جو ڪم استاد شفيع محمد ملتاني ٻين ڪاريگرن سان گڏجي ڪيو هو ۽ ان ڪم جي نگراني مرزا احمد خراساني ڪري رهيو هو. سارو قلعو گچ ۽ چوني سان جوڙيو ويو. انهيءَ دور ۾ ڪاريگرن جي روزاني اُجرت ڏهه پئسا ۽ مزدورن جي ڇهه پيسا هوندي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’مهراڻ 1962ع‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ” قلعي جي سرن لاءِ اوڀر طرفان مٽي ڪڍي وئي ۽ اهي کڏون پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي کاهي جي صورت بنجي پيون، جنهن کي ’ڪانگن کاڌي‘ ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ تي اهو نالو چون ٿا ته ان ڪري پيو جو اتي ڪا ٻاجهري يا جوئر جي پوک هئي، جا هاري کان زوري ڪانءَ کائي ويا. ان ڪري اها ٻني کاهي جي ٻي ڪپ تي هئي، ڪانگن کاڌي سڏجڻ لڳي ۽ نيٺ کاهي تي اهو نالو پئجي ويو.“.[3]

کاهي[سنواريو]

’سنڌ جي سفر‘ ۾ لطف الله مالوي ٻُڌائي ٿو ته: ” عام قلعن جيان حيدرآباد قلعي جي چوڌاري ڪابه کاهي نه آهي.“ چون ٿا ته بعد ۾ کاهي ٽالپرن جي آخري دور ۾ ٺهرائي وئي هئي. ناٿن ڪرو لکي ٿو ته: ”ڪوٽ کي هڪڙي پاسي کان سُڪل کاهي آهي ۽ ٻئي پاسي کان هيٺاهين زمين آهي.“ ڊلهوسٽي جي لکڻي آهي ته: ”قلعي جي چوڌاري ٽيهه فوٽ ويڪري ۽ ويهه فوٽ اونهي کاهي آهي، جنهن جي مٿان دروازي وٽ هڪ ردي قسم جي ڪاٺ جي پل آهي، جنهن رستي قلعي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.“ مسٽر هيڊل جي رپورٽ مطابق: ”حيدرآباد جو قلعو رڳو چاليهه وال کن جي کوٽيل خشڪ کاهي جي ڪري شهر کان جدا بيٺو آهي، کيس رڳو اهوئي هڪ هٿرادو دفاع آهي. قلعي ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ کاهي مٿان هڪ پُل آهي، جيڪا مکيه در وٽ شاهي بازار جي سامهون آهي.“ مسٽر ايٽڪن ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ لکي ٿو ته: ” شهر جي ڏاکڻين ڇيڙي تي حيدرآباد جو قلعو آهي، جيڪو شهر کان چاليهه والن جي کاهي ڪري جدا بيٺو آهي....“.[3]

دروازو[سنواريو]

ڪوٽ جي دروازي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ دروازي جي ٻاهران ۽ مٿان ڀت ۾ هڪ وڏي سهڻي محراب ڏني وئي آهي. ان محراب هيٺيان وچ تي نالي واري سنگ مر مر جي تختي لڳل هئي. محراب ۾ تختي ۽ دروازي مٿان هڪ مستطيل کانچي ۾ وري هڪ ننڍي محراب آهي. جنهن اندر وري چوڪور ۾ ٽين ننڍڙي محراب آهي. سڀ چوڪور ۽ محرابون مختلف رنگ جي گل ٻوٽن سان چِٽيل هيون. انهن محرابن ۽ چوڪورن هيٺان ڪاٺ جي چوڪٺ ۾ دروازو لڳل هو. شاهي دروازو هڪ فوٽ ٿلهي ڪاٺي جو ٺهيل هو. مٿس نقش ۽ نگاريءَ جو سهڻو ڪم ٿيل هو، دروازي جي ٻاهرين طرف لوهه جا تمام ٿلها ۽ چهنبدار ڪل لڳل هئا، جيئن حملي آور سولائي سان در ٽوڙي نه سگھن. اهڙي طرح قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان چئن دروازن مان لنگھڻو پوندو هو. دروازي جي ٻنهي پاسن کان سڌي ڀت آهي جنهن ۾ خوبصورتي لاءِ ڪيترن چؤڪنڊن ۾ محرابن اندر به گل ٻوٽا نقش ٿيل هئا..[3]

ديوان خاص[سنواريو]

قلعي اندر مير نصير خان هڪ ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن ۾ مير صاحب درٻار ڪندا هئا. ماڙي جي اڱڻ جي ٿنڀن ۽ اندرين ڇت تي نفيس نقش نگاري جو ڪم ٿيل هو. ڀتين تي به رنگين تصويرون اُڪريل هيون، جن ۾ ڪجھ رستم سهراب جون هيون ۽ ڪن ۾ ميرن کي درٻار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪن تصويرن ۾ حضرت اسمائيل جا ديوَ پريون ڏيکاريل آهن. هي ماڙي ’ديوان خاص‘جي نالي سان مشهور آهي. هي بلڪل ننڍڙي ڪوٺي آهي، جيڪا هڪ اوچي ٿلهي تي ٺهيل آهي. جنهن ۾ ڪجھ سال اڳ تائين سنگ مرمر جي هڪ پراڻي ڀڳل ڪرسي پئي هوندي هئي..[3]

ديوان عام[سنواريو]

ديوان عام به ديوان خاص جي ويجهو شاهي دروازي جي سامهون هڪ تمام وڏي ٿلهي تي هو. جيمس برنس لکي ٿو ته: ” ديوان عام جي عمارت جون ڀتيون سڀني پاسن کان تمام سهڻين تصويرن سان سينگاريل هيون ۽ فرش تي رنگ برنگي غاليچا وڇايل هئا. هڪ طرف کان ٽي بلند محرابي دروازا هئا، جن تي سائي ريشمي رنگ جا پردا لڙڪي رهيا هئا، بلوچ سردار خوبصورت ريشمي گلڪاري ٿيل وهاڻن کي ٽيڪ ڏيون ويٺا هئا.“.[3]

منارو[سنواريو]

هي منارو قلعي جي وچ ۾ شاهي دروازي جي بلڪل سامهون هو، جنهن ۾ چڪردار ڏاڪڻيون لڳل هيون. انگريزن هن تي جهاز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڦيري واري وڏي بتي لڳائي هئي. جيڪا ڪافي وقت اڳ لاٿي وئي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن قلعي تي قبضو ڪيو، تڏهن انهيءَ مناري تي برطانيا جو جهنڊو ’يونين جيڪ‘ ڦڙڪايو ويو..[3]

ٽڪسال[سنواريو]

مير مراد علي خان شاهي دروازي جي اوڀر ۾ هڪ ٽڪسال جوڙايو هو، جنهن ۾ هن جي نالي جا سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺهندا هئا. 1842ع ۾ مير نصير خان جي عهد ۾ چارلس نيپئر جي عهدنامي پٽاندر اهو ٽڪسال بند ڪيو ويو، تنهن بعد سنڌ ۾ راڻي وڪٽوريا جا سڪا جاري ڪيا ويا..[3]

درٻار[سنواريو]

’سنڌ جي درٻار‘ ۾ برنس لکي ٿو ته: ” آءٌ نيٺ حيدرآباد جي قلعي جي دروازي تي پهتس، قلعو ميرن ۽ سندن عيال لاءِ مخصوص ٿيل آهي، قلعي ۾ خاموشي هئي.... آءٌ ڪيترين گهٽين مان لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس، جتي ڪيترائي خوش پوشاڪ سنڌي بيٺا هئا...... منهنجي جتي لاٿي وئي ۽ آءٌ ميرن جي حضور ۾ بيٺو هيس. ميرن کي خوشنما لباس پهريل هئا اُهي هڪ شاندار ڪمري جي پاسي ۾ اڌ گول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني غاليچن سان سينگاريل هو، ٻه وڏا مير وچ ۾ مَسند تي ويٺل هئا. مسند اڇي رنگ جي ولايتي ريشمي ڪپڙي جي پوش سان هڪ ٿُلهي گدي هئي..... ان جي پٺيان ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو رکيل هو. هو اڳتي چوي ٿو ته: ” ٽالپرن جي درٻار ۾ هڪ چوياري وارو صندل هو، جيڪو سنگ مرمر يا اهڙي ڪنهن پٿر جو ٺهيل هو، جنهن جي مٿان هڪ ايراني قالين وڇايل هو. چارئي مير ان تي ويهندا هئا. اهوئي انهن جو تخت هو، جيڪڏهن ڪو خاص گورنر يا بادشاهه ملاقات لاءِ ايندو هو ته کيس ڪرسي پيش ڪندا هئا، نه ته سڀيئي سردارن سان هيٺ گلم تي ويهندا هئا. مير صاحب گهڻو ڪري گاديلن تي ويهندا هئا.“ ڊلهوسٽي درٻار جو احوال ڪندي ٻُڌائي ٿو ته: ” مير مراد علي درٻار ۾ ويٺو هو، سڄي درٻار ماڻهن سان ٽمٽار ڀري پئي هئي، ماڻهو اڳتي جڳهه هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا پئي ڏنائون. انهن کي پنهنجي ملڪ جي حاڪم لاءِ ڪابه عزت ڪانه هئي، اُتي مون محسوس ڪيو ته انهن ميرن جو سنڌ جي سردارن توڙي فوجين تي تمام گهٽ ڪنٽرول آهي.“.[3]

مسجد[سنواريو]

’جنت السنڌ‘ ۾ آهي ته: ” محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ پهتو، تڏهن شهر وارن سوکڙيون کڻي سندس استقبال ڪيو. مسلمانن انهن جي بتخاني سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪئي بلڪ مندر جي سامهون جدا مسجد تعمير ڪرايائون.“ غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”قلعي اندر ڪيتريون ئي سهڻيون مسجدون آهن، پر ان جي آسپاس ميان غلام شاهه جي مقبري کان سواءِ ٻي ڪابه ذڪر لائق عمارت ڪونهي.“ مرزا عباس بيگ ذڪر ڪري ٿو ته: ” غلام شاهه قلعي ٺهڻ بعد سندس نگهباني لاءِ مُنهن وٽ ٻه مسجدون ٺهرايون، جن جي مير فتح علي خان جي عهد ۾ مير غلام علي خان مرمت ڪرائي ۽ ساڳي وقت سندس والده ماجده بيبي خيرالنساءِ حيدرآباد ۾ فقير محمد خان جوڻيجي جي پٽ ۾ ڌار مسجد ٺهرائي، ميان غلام شاهه وارين مسجدن جي ڇتين تي ٽي ٽي گنبذ آهن، جن ۾ وچون گبنذ وڏو آهي ۽ چئن ڪُنڊن تي چار گنبڙيون هيون. گنبذ ۽ گنبڙين مٿان ڪاشيءَ جون نيلون هيون. مسجد جي اندرين پاسي نمازين جي هواخوري لاءِ محرابي منگهه رکيل هئا ۽ تنهن کان سواءِ جارا به مٿن هئا. پهرين ڄاڻايل مسجد ۾ سيد طالب شاهه ۽ آخر ۾ ڄاڻايل مسجد ۾ آخوند رحمت الله ويهاريائون. اُهي مسجدون برطانيا دؤر ۾ طالب شاهه ۽ ملا رحمت الله جي نالي سان مشهور هيون. هڪ قطع مان مير غلام علي خان جي مسجد جي تاريخ 1208هه نڪري ٿي: خرد تاريخ ش بغر مود، مبارڪ خانئه الله اڪبر 1208هه مير مراد علي خان جي مسجد ٺهڻ وقت اهو قطعو لکيو ويو، جنهن مان تاريخ 1210هجري نڪري ٿي: هاتف سال اين بنائي حانه ايزد عظيم، مير مراد يافت از مسجد نو بنا بگفت 1210هه مسجد اقصيٰ جنهن کي شاهي مسجد جي نالي سان به سڏيندا آهن، اها مسجد ڪچهري جي بلڪل ويجهو هئي، جنهن جي تعمير جو سال 1226 هه ملي ٿو: سال تعمير شريفش چون همي جستم زعيب، طرفه اعليٰ مسجد اقصيٰ است اين آمداند 1226هه انگريزن جي دؤر ۾ قلعي کي ڇانوڻي طور استعمال ڪيو ويو، بادشاهي محلاتن ۾ فوج رکي وئي، مرزا احسن ڪربلائي جي لکڻ مطابق مسجد اقصيٰ ۾ گهوڙا ۽ ڪُتا ٻڌا ويا. 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ ۾ قلعي ۾ جيڪي به عمارتون هيون، سي ڊاٿيون ويون ۽ اها زمين بارود خاني لاءِ استعمال ڪئي وئي..[3]

قلعي جي حفاظت[سنواريو]

جيمس برنس چواڻي: ”قلعي جي بچاءُ لاءِ سپاهين جو هڪ ننڍڙو دستو رکيل آهي، پر ڪيترن ئي قبيلن جا سردار مستقل طوردرٻار ۾ رهن ٿا. هو ڪنهن ڳجهي نموني ٿورن ڏينهن ۾ پنهنجي قبيلي جا ماڻهو گڏ ڪري سگهن ٿا. چون ٿا ته: ’اهڙي نموني سرڪار اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي.....‘ جڏهن جهيڙي جي باهه ڀڙڪندي اُٿندي آهي، تڏهن اُهي جنگ جا نعرا هڻندا اک ڇنڀ ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن..... ميرن جي لشڪر ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو مختلف پوشاڪن وارا آهن.“ مسٽر ڊلهوسٽي جي ڪتاب ’آبزرويشن آن سنڌ‘ ۾ آهي ته: ” آءٌ ڀانيان ٿو ته قلعي اندر 140 کن مختلف سائيز جون توبون موجود آهن، جن مان سٺ کن موزون هنڌن تي سٺي حالت ۾ آهن.“ مير مراد علي خان 250 هندستاني سپاهي ڪوٽ جي بچاءُ لاءِ رکيا هئا، پر سپاهين سان ڪيل واعدو پورو نه ڪيائين، تنهنڪري اُهي کيس ڇڏي هليا ويا. هينري پاٽنجر سفر جي احوال ۾ ٻُڌائي ٿو ته: ” قلعي جي ديوارن ۾ گهڻيئي ٽُنگ آهن، تنهنڪري توپن رستي هڪ ٻن گولن کان پوءِ قلعي جو ڪهڙو به پاسو سولائي سان ڪيرائي سگهجي ٿو...... قلعي جي ڀت تي ستر توپون رکيل آهن، پر منجهائن رڳو اٺ يا ڏهه ڪم جهڙيون آهن، باقي ٻيون بيڪار آهن ۽ رڳو ڏيکاءُ لاءِ قلعي تي رکايون ويون آهن..[3]

قلعي اندر جايون[سنواريو]

مير فتح علي جڏهن حيدرآباد کي پنهنجو گادي جو هنڌ مقرر ڪيو، تڏهن هن پنهنجي ڀائرن لاءِ قلعي اندر جدا جدا جايون جوڙايون. قلعي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. قلعي جو اوڀر وارو پاسو مير فتح علي ۽ مير غلام علي جي حصي ۾ آيو، جتي انهن پنهنجا محل ٺهرايا. اچڻ وڃڻ لاءِ قلعي جي اتر واري ڀت ۾ هڪ ننڍو دروازو ٺهرايو. قلعي جو وچ وارو حصو جتي منارو هو، اتي ڪچهري ۽ باغات ٺهرايا، باغن جي اُتر ۾ شاهي دروازو هو، جنهن مان هر عام خاص اچي وڃي پئي سگهيو. مير فتح علي پنهنجي ڪتاب ’فتح نامه سنڌ‘ ۾ هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي، جنهن مان قلعي جو شان ۽ شوڪت ظاهر ٿئي ٿو. ڪچهري (قصر) ۽ باغ جي تاريخ سيد عظيم الدين ’عظيم‘ 1204هه ڪڍي آهي..[3]

سيد احمد شهيد جو پڪي قلعي ۾ اچڻ[سنواريو]

سيد احمد شهيد 27 – 1826ع ۾ پنهنجي مجاهدن جي هڪ جماعت سان گڏ سکن سان جهاد ڪرڻ لاءِ سرحد صوبي ڏي پئي ويو. هو سنڌ جي ميرن کي به جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ آيو. پڪي قلعي کان ٻن تيرن جي مفاصلي تي مجاهدن جو لشڪر رهايو ويو. حيدرآباد جي ميرن، مجاهدن لاءِ مٺائي، انب ۽ گدرا وغيره موڪليا هئا. جمعي واري ڏينهن تي ميرن، سيد صاحب ڏي نياپو موڪليو ته: ” نماز اسان سان اچي قلعي ۾ ادا ڪريو.“ سيد احمد شهيد اٺن ماڻهن سان گڏجي قلعي ۾ آيو. ميرن هن کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ لاءِ چيو، پر هو رهڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ميرن سندس خدمت ۾ نذراني طور هڪ هزار رپيا، هڪ بندوق ۽ جوڙو طمنچن جو پيش ڪيو..[3]

انگريزن جو اچڻ ۽ قلعي تي قبضو[سنواريو]

مير مراد علي جي بيمار هئڻ ڪري 1824ع ۾ انگريز سرڪاري ڊاڪٽر جيمس برنس کي حيدرآباد موڪليو، جنهن مير جو علاج ڪيو. مير نورمحمد خان جي ڏينهن ۾ انگريز سرڪار حيدرآباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو. پوءِ 1838ع ۾ جنرل ڪين، جيڪو درياهه رستي ڪراچي کان لشڪر وٺي شاهه شجاع جي مدد لاءِ پئي ويو، سو ڪوٽڙي وٽ ترسي ريزيڊنٽ سان گڏ حيدرآباد شهر گهمڻ آيو. 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر آيو، جنهن جي ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي حڪمرانن سان اڻبڻت ٿي پئي. چارلس نيپئر جڏهن ميان خان مري کي بيگناهه مارايو، تڏهن هن واقعي ڪري ٽيهه هزار سنڌي فوج حيدرآباد ۾ اچي ڪَٺي ٿي. 15 فيبروري 1843ع تي پندرهن هزار سنڌي فوجين برطانوي ڇانوڻي تي حملو ڪيو. ڇانوڻي حيدرآباد کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هئي. ميجر آئوٽرام آگبوٽ تي چڙهي ڀڄي ويو..[3]

قلعي تي برطانيا جو جهنڊو[سنواريو]

19 فيبروري 1843ع تي ڪئپٽن پيلي قلعي ۾ رهندڙ عملي کي آگاهه ڪيو، ته سڀاڻي برطانوي جهنڊو قلعي تي چاڙهيو ويندو. 20 فيبروري منجهند جو ٻين وڳي ڪرنل پٽيل پيادي فوج، گهوڙي سوارن ۽ ٻن توپن سان قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي مناري تي برطانيا جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو..[3]

قلعي ۾ لُٽمار[سنواريو]

انگريز فوج قلعي ۾ گهڙي شاهي خزانا لٽڻ شروع ڪيا. ميرن جي راڻين نيپيئر کي چورايو ته: ”کين ٽن ڪپڙن سان قلعو ڇڏي پالڪين ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ نيپيئر انڪار ڪيو. نيٺ بيگمن جي جسم جا زيور لاهڻ بعد کين ڇڏيو ويو. انهن حويلي ڇڏي پنج ڪوهه پنڌ ڪري هڪڙي ڳوٺ ۾ پناهه ورتي. ڪجهه ڏينهن تائين انگريزن حيدرآباد جا سڀ خزانا، اوني ۽ نفيس ڪپڙا، هٿيار، رومي ۽ خراساني تلوارون، بندوقون، جواهردار خنجر، ڇريون، ولائتي گهوڙا، اُٺ، مال، زيور جن جي قيمت لکين رپيا هئي، بيدردي سان لُٽيا. انگريز ڪروڙ ٽيهه لک رپيا نقد ۽ ٻيو قيمتي سامان به قبضي ۾ ڪيو..[3]

قلعي ۾ ڌماڪو[سنواريو]

15 فيبروري 1904ع تي، آچر جي ڏينهن رات جو ساڍي اٺين وڳي پڪي قلعي ۾ اوچتو بم جو ڌماڪو ٿيو. خوفناڪ آواز ٿيڻ ڪري سڀ ماڻهو شهر ڇڏي ڦليلي طرف ڀڄڻ لڳا، جلد ئي شهر جي مٿان دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا. ڪڪرن مان لوھ ۽ پٿرن جا ذرڙا به مينهن جيان وسڻ لڳا. انهن لوهه جي ٽُڪرن لڳڻ ڪري ڪيترائي ٿڏي تي مري ويا ۽ ڦَٽجي پيا، تڏهن حيدرآباد جو ڪليڪٽر پرائٽ هو. هن ڪجهه دير بعد اعلان ڪرايو ته: ”خطرو ٽري ويو آهي. ماڻهو واپس پنهنجي گھرن ۾ وڃن. ماڻهن جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي، سو سرڪار ڀري ڏيندي.“ اهڙي طرح سرڪار ٿيل واعدي جي پورائي لاءِ سوا لک رپيا ڀري ڏنو. قلعي اندر لڳاتار باهه ٻرندي رهي، جنهن کي نيٺ چئن ڏينهن کان پوءِ وسايو ويو. انهي کان سواءِ قلعي ۾ جيڪو باروت موجود هو، اهو درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيو ويو. ڌماڪي ڪري قلعي اندر ڪيتريون پراڻيون جايون ڪري پيون. شاهي مسجد کي پڻ نقصان پهتو. جن عمارتن جا ڪجھ حصا ڪري پيا هئا، تن جي بچيل حصن کي به بارود سان ڪرايو ويو. انهي واقعي کان پوءِ برطانوي فوج کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي، هاڻوڪي ڇانوڻي ۾ وسايو ويو. برطانوي حڪومت 1904ع ۾ قلعي اندر لينڊ رڪارڊ آفيس کولي. ڪجھ سالن بعد حيدرآباد ميونسپالٽي حڪومت کان قلعي جي گھر ڪئي. حڪومت هن کي اوڀر وارو حصو ڏنو، جتي هينئر ڪجھ خوبصورت عمارتون آهن. اهي جايون 1918ع ۾ ڀائيبندن زمين خريد ڪري ٺھرايون هيون. قلعي جي دروازي جي سامهون جيڪو منارو هو، جنهن تي چڙهي بيهبو هو، ته ساري حيدرآباد جو وڻندڙ ڏيک نظر ايندو هو، تنهن مناري کي ڊهرايو ويو. جاءِ جي تنگي سبب قلعي حهڙي تاريخي يادگار کي پڻ هڪڙي پاسي کان ڊاهي نيون جايون جوڙايون ويون. قلعي ۾ هن مهل رڳو مير نصير خان جي ماڙي ۽ قلعي جون ديوارون پنهنجون مُنهن مٿو پِٽيندي نظر اچن ٿيون. 1920ع ۾ انگريزن قلعي ۾ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ بندوبست ڪيو، جنهن ڪري قلعي ۾ هڪ وڏو حوض ۽ ٽانڪيون ٺاهيون ويون. پاڻي گدو بندر کان درياهه مان ڇڪي پڪي قلعي ۾ آندو ويندو هو. جتي ٽانڪي ۾ جمع ڪيو ويندو هو. بعد ۾ وڏن پائيپن وسيلي شهر ۾ موڪليو ويندو هو. ان ٽانڪي کي حيدرآباد جا ماڻهو ’ٺُلهه‘ چوندا هئا. ان زماني ۾ حيدرآبادي ماڻهو چوندا هئا ته، ”حيدرآباد شهر ۾ گهر گهر پئي گنگا وهي.“[3]

ورهاڱي کان پوءِ[سنواريو]

صنعت واپار جو مرڪز هئڻ سبب ورهاڱي واري لڏپلاڻ ۾ هندستان کان وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي آيا، جن قلعي ۾ عامل ۽ ڀائيبندن جي جڳهن تي قبضو ڪيو. باقي بچيلن کي قلعي جي خالي حصن ۾ ويهاريو ويو. قلعو شهر جي وچ ۾ ۽ بازاريون ٻيا ڪاروبار مرڪز ويجها هئڻ ڪري کين ڪافي پسند آيو، ڇو ته انو قت قلعي ۾ رهندڙ پنجهتر سيڪڙو ماڻهن جو ڌنڌو بوٽ ٺاهڻ هو. گهڻن ماڻهن ڀت سان گڏ ئي گهر ٺاهيا. انهن گهرن جي چوٿين ڀت قلعي جي ڀت کي بڻايو، جنهن ڪري قلعي جي پراڻي ڀت تي وڌيڪ وزن پيو. ان کان سواءِ قلعي جي ڀت ۾ ٽُنگ ڪري روشندان ۽ دريون ٺاهيون ويون، جنهن ڪري ڀتين کي وڏو نقصان رسيو، ۽ منجهس ڏار پئجي ويا. ڪن هنڌن تي ڀتين کي ڀڃي ان مان ڪني پاڻي جي نيڪال لاءِ موريون ٺاهيون ويون. قلعي ۾ پاڻي جي لاءِ ٽي وڏيون ٽانڪيون – پنج لک گيلن، ٽي لک گيلن ۽ ست لک گيلن- ترتيبوار آهن. جنهن ڪري انهن مان سوين گيلن پاڻي سِمي زمين هيٺ وڃي ٿو. اندر پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري به قلعي جي جاين کي نقصان پهتو آهي. ان ڪري اڪثر اوائلي ڀت ۽ جايون ڪرنديون رهن ٿيون. جولاءِ 1983ع ۾ به ڀت جو وڏو حصو ڪرڻ ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. حڪومت متاثرن کي لطيف آباد ۾ پلاٽ ڏنا هئا. هينئر به قلعي ۾ چار سيڪڙو ڪچا گهر آهن. ۽ ٽيتاليهه سيڪڙو گهر قلعي مان نڪتل سرن سان ٻيون سرون ملائي ٺاهيا ويا آهن. باقي ٽيتاليهه سيڪڙو گهر سيمينٽ جا ٺهيل آهن. قلعي کي اسان هاڻوڪي وقت ۾ مکيه چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: (1) تاريخي ۽ اهم حصو: هن حصي ۾ قلعي جو دروازو، ٻاهرين ڀت، ميرن جا حرم ۽ ميوزيم وغيره اچي وڃن ٿا. (2) کليل حصو: هن ڀاڱي ۾ ميدان ۽ باغ اچي وڃن ٿا. (3) آب رساني وارو حصو: هن حصي ۾ پاڻي جون ٽانڪيون، پمپ، مشينون وغيره لڳل آهن. (4) رهائشي حصو: حڪومت هي ٽڪرو ٻاهران آيل ماڻهن کي رهڻ لاءِ ڏنو هو. حيدرآباد جو قلعو ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي 1904ع جي ’تحفظ پراڻا يادگار‘ جي ايڪٽ هيٺ 21 آگسٽ 1965ع جي ’نوٽيفڪيشن نمبر F- 31/57- E VI (A&M) وزارت تعليم حڪومت پاڪستان‘ مطابق آثارِ قديم کاتي جي حوالي ڪيو آهي. لڳاتار رهائشي استعمال هيٺ ۽ ديوارن ۾ غير ماهراڻي سوراخ ڪرڻ ڪري تاريخي يادگار جي زندگي خطري ۾ پئجي چڪي آهي. اهو سڀ ڪجهه هوندي به قلعي جي مرمت جو ڪو جوڳو بندوبست نه آهي. مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ ٻاهرين ايجنسين جي رهنمائي هيٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪ مفصل منصوبو رٿيو ويو هو، جنهن مطابق قلعي جي رهواسين جي مناسب مدد وسيلي کين قلعي کان ٻاهر آباد ڪري، قلعي جي نقصان ٿيل حصن جي مرمت ڪري، غير تاريخي ۽ ٻين آلودگين کان پاڪ ڪري، ماضيءَ جي ان عظيم ورثي کي محفوظ ڪري، سياحت جي واڌ ۽ تاريخ جي مطالعي لاءِ مخصوص ڪرڻ هو. پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ هر سٺي شيءِ ۽ هر بهتر منصوبو سياسي مصلحتن جو شڪار ٿي ويندو آهي. انهيءَ منصوبي سان پڻ اهڙو ڪو ڪارڻ لاڳو ٿيو هوندو، جو اڄوڪي ڏينهن تائين ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو.[3]

گيلري[سنواريو]

Pako Qilo (Hyderabad Fort, Sindh) monument
Pako Qilo Hyderabad, Sindh monument

حوالا[سنواريو]

  1. روزآني ڪاوش جي 26 مارچ 2017 جي ”ڪاوش دنيا“ ۾ عمرڪوٽ بابت نور محمد سمي جي ليکيل ليک مان ورتل
  2. "پڪو قلعو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-03. 
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 3.16 3.17 3.18 3.19 اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ