ست سري
ڏيک
ست سري لوڪ ادب جي اها صنف، جنهن ۾ ڪي بہ ست سر آيل هجن. هن قسم جي شعر ۾ هڪ ئي بيت ۾ سرن وار رومانوي داستانن وارن اڪثر سرن جو بيان آندو ويندو آهي. ان ۾ بيت جو اهڙو انداز هوندو آ هي، جنهن هڪ بيت ۾ مختلف رومانوي داستانن جو گڏيل بيان ڪيو ويندو آهي، اهڙي بيت کي ست سرو بيت چيو وڃي ٿو. جهڙوڪ مومل راڻو، سسئي پنهون، ڀوري ڦل وڌو، بوبنا جراڙ، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي وغيره جي سرن تي چيل بيت.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.