ایران

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ايران جو جھنڊو
بيج جو عڪس

ايران ايشيا کنڊ جو مشهور ملڪ، جنهن جي اتر ۾ قفقاز ۽ پاڪستان؛ اڀرندي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان؛ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ عربي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ الهندي طرف عراق ملڪ آهي. هن وقت حڪومت جو گاديءَ وارو شهر ’تهران‘ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين مشهور شهرن ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي، ايران جا دارالحڪومت رهيا آهن. اتر ۽ اولهه وارا حصا، جابلو ايراضيءَ وارا آهن؛ اتر ڏانهن، ’لبرز‘ ۽ ’دماوند‘ اتانهيون جابلو چوٽيون آهن. ايران جو گهڻو حصو صحرائي (رڻ پٽ) آهي. هڪڙي ريلوي لائين، ايراني نار کان هلي قزوين سمنڊ تائين ويندي آهي؛ ٻي مشهد کي تهران سان ملائي ٿي. سڄي ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايل آهي. هتي ميوو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري انگور، بادام، صوف ۽ شفتالو وغيره جام پوکبا آهن. ڪڻڪ، چانور، تماڪ ۽ پُست جي ڏوڏي پڻ پوکبي آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو تيل (پيٽرول) آهي.

قديم نالو[سنواريو]

ايران جو قديم نالو ’پرسس‘ يا ’پرشيا‘ هو. ’پرشيا‘، يوناني رومن لقب ’پرسي‘ مان نڪتل آهي، جيڪو هخامنشين لاءِ استعمال ٿيندو هو. صحيح معنيٰ ۾ ’پريشيا‘ مان مراد اهو علائقو آهي، جتي جا رهاڪو ’پرشين‘ چوائيندا هئا؛ يعني قديم عهد جو ’پرسس‘ ۽ موجوده زماني جو ”فارس“. مسلم دؤر ۾ ’فارس‘، انهيءَ ’پرسس‘ خطي کي چيو ويندو هو، ليڪن اهو لفظ، ايراني صوبن ۾ ڳالهائجڻ وارين ٻولين مان هڪڙي ٻوليءَ جو نالو پڻ هو. اها ٻولي، جنهن کي اسين ’پرشين‘ (فارسي) چئون ٿا، سا نائين صدي عيسويءَ ۾ ڪتابي ٻولي ٿي وئي هئي.

لفظ ايران[سنواريو]

لفظ ’ايران‘، آريانه مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب ”آرين جي سرزمين“ آهي. اساطيري روايتن موجب، هوشنگ بن ڪيومرث، پنهنجي ملڪ جو نالو ايران رکيو ۽ جڏهن سندس پٽ ’پارس‘ تخت تي ويٺو ته ملڪ پڻ ’پارس‘ چوائجڻ لڳو. اها سلطنت بلوچستان، ڪز، مڪران، ڪرمان، غور باميان، هندوڪش، سيستان، خراسان، ماوراءِ النهر، دشت، اصفهان، مازندران، استر آباد، گرگان، فارس، لارستان، خوزستان، افغانستان، ڪابلستان، پنجاب، ڪردستان، شيروان، بابل، موصل ۽ ديار بڪر تي مشتمل هئي. عهد اسلامي ۾، ’شاهنامي‘ جي ذريعي، جڏهن قديم روايتون اچارجڻ لڳيون، ته ايران جو نالو وري مقبول ٿي ويو. هندستان ۾، خصوصاً مغليه دؤر ۾ گهڻو ڪري ايران جو نالو ملي ٿو. خود سلطنت ايران جي باشندن، پاڻ کي 1890ع ۾ ايراني چوائڻ تي اصرار ڪيو، تڏهن 1935ع ۾ سرڪاري طرح، هن ملڪ جو نالو، ’ايران‘ مقرر ڪيو ويو. سبيروش اعظم (ڪوروش ڪبيريا با ڪيخسرو) ڇهين صديءَ ق. م ۾ هخامنشي حڪومت جو بنياد رکيو، جيڪا غالباً دنيا جي پهرين بادشاهت هئي. اهوئي حاڪم، قرآن شريف ۾ مذڪور ذوالقرنين هو. اها سلطنت 331 ق. م ۾ سڪندر جي هٿان ختم ٿي. پوءِ ’پارٿي‘ برسر اقتدار آيا، جن کي ’اشڪاني‘ چيو ويندو آهي. سال 229ع ۾ هخامنشي خاندان جي هڪ فرد ’ارد شيربابڪان‘ ساساني سلطنت جو بنياد رکيو. شاپور، بهرام گور، خسرو اول، (نوشيروان) ۽ خسرو ٻيو (پرويز) هن گهراڻي جا وڏا بادشاهه هئا. قادليه (پهرين جون 637ع) ۽ نهاوند (641ع) جي جنگين ۾ ساساني سلطنت جو خاتمو ٿيو. جنهن بعد، ايران اسلامي نظام جي جهوليءَ ۾ آيو. ان کان پوءِ هيءُ ملڪ، سڄي جو سڄو، جزوي طرح وڏين اسلامي سلطنتن، ديلمي، غزنوي، سلجوقي خوارزم شاهي، تاتاري، ايلخاني ۽ تيموي وغيره جو مرڪز رهيو. ترڪن (1038ع) ۽ منگولن (1387ع) جي ايران تي ڪاهن دؤران، ملڪ وڏي سياسي انتشار جو شڪار رهيو. سال 1502ع ۾ صفوي سلطنت جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ۾ شاهه اسماعيل شاهه، طهماسپ ۽ عباسي اعظم وڏا بادشاهه هئا. وري ٿوري ٿوري عرصي لاءِ افغان، افشار ۽ زند اقتدار ۾ رهيا. 1794ع ۾ قاچاري حڪومت قائم ٿي. انهيءَ دؤر ۾ ايران جي عظمت ۽ اوج ختم ٿي ويا، تنهنڪري ايران، روس ۽ برطانيه جي هٿن ۾ ورهائجي ويو هو. 1736ع ڌاري، نادرشاهه ايراني تخت تي ويٺو. 1738ع ۾ هن، هندستان تي حملو ڪري، وڏي دولت هٿ ڪئي. 1747ع ۾ هن ظالم حڪمران کي قتل ڪيو ويو. 1797ع ۾ قاچار قبيلي جو هڪ سردار آغا محمد خان تخت تي ويٺو.

ايران جو ورهاڱو[سنواريو]

ملڪ جو حڪومتي نظام 1904ع تائين مطلق العناني (بادشاهت) تي ٻڌل هو، جنهن کان پوءِ مشروط دستوري حڪومت قائم ٿي. 31 آگسٽ 1909ع تي روس ۽ برطانيه جي وچ ۾، ايران بابت هڪڙو خفيه معاهدو ٿيو، جنهن مطابق ايران کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: اتريون حصو روس جي اثر هيٺ، ڏاکڻيون حصو برطانيا جي سنڀال هيٺ ۽ وچ وارو حصو غير جانبدار رکيو ويو؛ گڏوگڏ اهو به فيصلو ٿيو ته افغانستان، روسي حلقي جي اثر کان ٻاهر رهندو ۽ امير سان سڀئي معاملات، برطانيه جي معرفت طيءِ ڪيا ويندا. ان کان سواءِ، ”ٿٻيٽ“ تي چين جي حاڪميت تسليم ڪئي وئي. هن ٺاهه سان گڏ، ٻه ٻيون به يادداشتون شامل هيون، جن مان هڪڙي جو تعلق دره دانيال سان، اهڙيءَ طرح هو، جيڪو روس لاءِ فائديمند هو. ٻئي ضميمي جو تعلق ايراني نار سان هو، جنهن ۾ برطانيه جو گهڻو حصو تسليم ڪيو ويو. 1921ع ۾ ايراني فوجي جنرل رضا خان، قاچار خاندان جي بادشاهه جو تختو اونڌو ڪري ’رضا شاهه‘ جو لقب اختيار ڪرڻ بعد پهلوي خاندان جو بنياد وڌو. رضا شاهه ٿوري عرصي ۾ ئي، ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن کي زور وٺرائي، ملڪ جي حالات بدلائي ڇڏيون.

ٻولي ۽ ادب[سنواريو]

ايران هڪ قديم ملڪ آهي، جنهن جو پنهنجو رسم الخط ۽ ادب هو. ان جو گهڻو حصو زماني جي گردش جو شڪار ٿي ويو، پر يوناني، يهودي، اسلامي ۽ خود ايراني ماخذ ان جي نشاندهي ڪن ٿا ته ايرانين، حضرت عيسيٰ کان اڳ ”ماد“ بادشاهن جي اقتدار واري دؤر ۾ (708 550 ق. م) بابل جو ميخي خط (مٽيءَ جي ڦرهين تي لوهه يا ڪاٺيءَ جي ڪلين سان لکڻ جو طريقو) اختيار ڪيو. اهو خط، ميخي خط جي ٻين سڀني نمونن کان سادو ۽ متوازن هو. هخامنشي دؤر (550 330 ق. م) جا ڪتبا انهيءَ خط کي ”پارسي باستان“ يا قديم فارسيءَ جو نالو ڏين ٿا. انهيءَ دؤر ۾، ايران ۾ هڪ ٻيو خط ”اويستائيءَ“ جي نالي سان پڻ هلندڙ هو، جيڪو زردشتي مذهب جي ڪتابن لاءِ مخصوص هو. اشڪاني دؤر (348 224 ق. م) ۾ ملندڙ ٻوليءَ ۽ رسم الخط کي ”پهلوي“ نالي سان سڏيو ويو آهي. ساساني دؤر (224 651 ق. م) ۾ پڻ ساڳيو ئي رسم الخط رائج هو. پهلوي خط جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا: هڪڙو قديم خط يا ’خط ڪنده‘ جي نالي سان، جيڪو ڪتبن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ نٿو ملي؛ ٻئي خط کي ساساني يا پهلوي چوندا آهن. ساساني دؤر جون باقي سڀ لکتون ۽ تحريرون، هن خط ۾ لکيون ويون آهن. قديم ايران جي انهن سڀني ٻولين جو واسطو، ٻولين جي هند يورپي گروهه سان آهي. اهڙيءَ طرح ايران جي ٻولين ۽ تمدن جو، دنيا جي ٻين ٻولين، مثلاً: سنسڪرت، يوناني ۽ لاطيني وغيره سان گهرو تعلق آهي. پهلوي زبان جي ڪن اهڙن ڪتابن جو ذڪر، قديم ايراني ۽ عربي زبان جي ڪتابن ۾ موجود آهي، جيڪي يوناني يا سنسڪرت ٻولين مان، پهلوي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيا ويا هئا. بهرحال، پهلوي زبان جي ادب جو وڏو حصو، ايران تي عربن جي تسلسلي ۽ پهلوي رسم الخط جي متروڪ ٿي وڃڻ سبب، رفته رفته ناپيد ٿي ويو. ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي ادبي تاريخ جو اختصار انهن چند جملن سان ڪري سگهجي ٿو ته: قديم دؤر ۾ ايراني ادب جو دامن نهايت وسيع نه هو؛ ادب صرف درٻارين ۽ مذهبي رهنمائن تائين محدود هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ساساني دؤر سان شاندار روايتون منسوب ڪيون وڃن ٿيون. ان دؤر جي آخري ڏينهن ۾، درٻارين ۽ مذهبي طبقن ۾ اخلاقي پستي گهر ڪري وئي هئي، تنهنڪري درٻار فتنن جو آکاڙو بڻجي وئي هئي. نوان نوان مذهبي فرقا وجود ۾ اچڻ لڳا ۽ عام زندگي به زوال جي اثر کان بچي نه سگهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ايران ۾ اسلام جي آمد وقت، ايراني ادب جي حيثيت قابل ذڪر نه هئي. عرب، اسلام جو جهنڊو کڻي اٿيا؛ نهاوند وٽ بادشاهه يزدگرد ٽئين کي شڪست ڏيئي، 21 هه/ 642ع ۾ ساساني حڪومت جو خاتمو آندائون. انهيءَ فتح کان پوءِ ٻن سون سالن تائين، عرب خليفا ايران تي حڪومت ڪندا رهيا. اهو عرصو ايران جي لاءِ، هر لحاظ کان انقلاب جو دؤر هو. ايراني سماج، زبان، ادب، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾، اسلام جي اثر هيٺ، هڪ نئين صورت جنم ورتو. اها تبديلي، فارسي ادب جي مختصر خاڪي سان پيش ڪجي ٿي. عربن جي حملي وقت، ايران جو عام زبان پهلوي هئي. اها به حقيقت آهي ته خود ساساني دؤر ۾، ايران جي مختلف حصن ۾ جدا جدا ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون؛ جيئن: خوزلي، ديملي، طبري، ڪوچي، ڪُردي ۽ آذيري وغيره. ان کان سواءِ، ايران جي اتر ۾، سمرقند جي علائقي ۾ ’ختني‘ ٻولي هلندي هئي.

  • اسلامي دؤر ۾، ايران اندر هڪ نئين ٻوليءَ جنم ورتو. ٽيئن صدي هجريءَ جي وچ ۾ ايران جي ٻولي کي دري، پارسي دري، يا صرف پارسي يا فارسي نالو ڏنو ويو. اهو هڪ عام لهجو هو، جيڪو ساساني عهد جي آخر ۾ ۽ اسلامي دؤر جي اوائل ۾، ايران ۾ رائج ٿيو ۽ ان هڪڙي مستقل ٻوليءَ جي صورت ورتائين. ٽيئن ۽ چوٿينءَ صدي هجريءَ ۾، سيستان، خراسان، ماوراءُ النهر، گرگران، ري ۽ ٻين مرڪزن ۾ شاعرن ۽ اديبن انهيءَ زبان کي خيال جي اظهار جو ذريعو بڻايو. اُها ئي اها زبان هئي، جنهن تي اسلامي عهد ۾، پهريون دفعو مشرقي ايران جي شاعرن ۽ نثرنگارن جي نظر پئي.

اسلامي دؤر جي ايران ۾ انهيءَ دري، فارسي دري ۽ فارسيءَ جو ادبي ۽ علمي حلقن ۾ مرتبو وڌيو. اسلامي دؤر جي اوائل کان اڄ تائين،ا ها ئي ٻولي، ايران جي علمي ۽ ادبي ٻولي آهي. اهو پهلو به اهم آهي ته گذريل يارهن ٻارهن صدين جي، طويل سفر جي باوجود فارسي زبان ۾ ڪو خاص فرق نه آيو.

طاهري دؤر (820 872ع )[سنواريو]

هن دؤر ۾ ايران تي عرب مسلط رهيا. عباسي خليفي مامون جي حڪم سان، ظاهر کي خراسان جي امارت ملي. ان سان ايرانين ۾ قومي طرفداريءَ جو اظهار به ملي ٿو. عربن جي خلاف، ايرانين جي تحريڪ جو مرڪز خراسان هو. اهوئي علائقو، ايندڙ صدين تائين فارسي زبان ۽ ادبي توسيع جو مرڪز رهيو. چيو وڃي ٿو ته حنظله بادغيسي (835ع) ۽ محمود وراق (836ع) هن دؤر جا شاعر آهن.

صفاري دؤر (862_ 900 )[سنواريو]

يعقوب بن ليث صفار، پهريون ايراني شخص آهي، جنهن مڪمل طور آزاد ۽ مستقل حڪومت جو بنياد رکيو. صفاري سربراهه، فارسي زبان ۽ ادب سان گهڻو تعلق رکندا هئا. ان دؤر جا معروف شاعر فيروز مشرقي (896ع) ۽ ابوسليڪ گرگائي هئا. اهي ٻئي عمرو بن ليث (782هه) جا معاصر چيا وڃن ٿا.

ساساني دؤر (900_ 998 )[سنواريو]

ساساني بادشاهن جو هي دؤر فارسي ادب جو ترقيءَ جو زمانو آهي. سندس تخت گاهه بخارا هو، مگر ماوراءَ النهر، سيسان ۽ خراسان کان وٺي، مشرقي صحرائي علائقي تائين، هن خاندان جي حڪومت هئي. انهن باشاهن، ايران جي تهذيبي روايتن جو احياءَ ڪيو ۽ ايراني رسمن رواجن کي فروغِ ڏنو. هن دؤر جا مشهور شاعر مسعود مروزي ۽ رُودڪي، شهيد بلخي، شاعر بخاري ۽ دقيقي آهن.

غزنوي دؤر (976 1039ع )[سنواريو]

فارسي ادب لاءِ هيءُ ترقي، ترويج ۽ توسيع جو زمانو هو. غزنوي بادشاهن، فارسي ادب جي دل کولي سرپرستي ڪئي. هن گهراڻي جي معروف حڪمران سلطان محمود غزنوي (1030ع) جي ادب دوستي ۽ علم پروريءَ جي ڪري، هڪ روايت مطابق سندس درٻار سان چار سؤ شاعر لاڳاپيل هئا ۽ بخارا، غزنه، سمرقند ۽ ٻيا شهر علم ۽ ادب جا مرڪز هئا. غزني دؤر جي فارسي شاعريءَ جو گهڻو حصو قصيدي تي آهي. اهي قصيدا، تاريخي، سماجي ۽ خود ادبي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا. ابوالقاسم بن احمد عنصري بلخي (1039ع) جا گهڻا قصيدا سلطان محمود غزنويءَ، سلطان مسعود ۽ امير يوسف جي دؤر جا چيل آهن. هو سلطان سان هر جنگي معرڪي ۾ گڏ هوندو هو. ٻين شاعرن ۾ ابوالحسن بن لوغ، ابو نصر عبدالعزيز بن منصور مروزي، ابوالنجم ۽ احمد منوچهر شامل هئا. شاهنامي جو خالق ابوالقاسم منصور بن حسن فردوسي (1025ع) ايرانين جو قومي شاعر آهي. شاهنامو نه صرف ساساني ۽ غزنوي عهد جو بيش بها ۽ عظيم شعري ڪارنامو آهي، بلڪه درحقيقت اهو فارسيءَ جي عظمت جي اهم سند آهي ۽ قديم ايران جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت جو آئينه دار آهي. فردوسي 365هه/ 975ع يا 380هه/1009ع ۾ يا ان کان ڪجهه پوءِ مڪمل ڪيو. شاهنامي جو بنيادي مقصد قديم زماني کان مسلمانن جي آمد تائين، ايران جي تاريخ نظم ۾ لکڻ آهي. شاهنامه فردوسي ۾ دقيقيءَ جا هڪ هزار شعر پڻ شامل آهن. ان کان علاوه 50 فرمانروارئن جا احوال، ايران جي افسانوي بادشاهه ”ڪيومرث“ ۽ ساساني بادشاهه يزد گرد سوم جي عربن هٿان شڪست جو احوال، ايران تي عربن جي فتح، ڪيڪائوس جي دؤر ۾ حڪومتن جو بيان ۽ رستم ۽ سندس پٽ سهراب وچ ۾ جنگ ڪرڻ جا احوال پڻ شامل آهن. هن دؤر ۾، ايراني شاعرن ۽ اديبن، عربيءَ کي فارسيءَ تي ترجيح پئي ڏني آهي؛ باوجود ان جي ڪي ڪتاب فارسي نثر ۾ پڻ لکيا ويا آهن. ابو علي حسن عبدالله ابن سينا جو شمار، دنيا جي مشهور فلسفين ۾ ٿيندو آهي. هن جدا جدا موضوعن تي هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب تصنيف ڪيا. سندس گهڻا ڪتاب عربي ۾ آهن، جڏهن ته فارسي ۾ به ڪي ڪتاب ملن ٿا. ابو ريحان محمد بن احمد البيروني ۽ شيخ ابوالحسن فرقاني به هن دؤر جا وڏا عالم ٿي گذريا آهن.

سلجوقي دؤر (1039 1230 )[سنواريو]

هي دؤر غز، ترڪن جي هڪ سردار ”سجلوق“ ڏانهن منسلڪ آهي، جنهن سلجوقي سلطنت جو بنياد وڌو. سندس ٻن پوٽن: چغري ۽ طغري خراسان ۾ غزنوين کي هارايو. ان کان پوءِ هيءُ خاندان، پنهنجي سلطنت ۾ اضافو ڪندو رهيو. سلجوقي دؤر، عظيم شاعرن، اديبن، مؤرخن، فقيهن ۽ مشائخن جو دؤر آهي. هن دؤر ۾ فارسي ادب ۾، عارفانه عقيده به عام ٿيا. هن زماني ۾ غوري، خوارزم شاهي ۽ غزنويءَ کان سواءِ ٻيون به حڪومتون موجود آهن. هن دؤر ۾، شيخ ابو سعيد ابن الخير (1048ع)، خواجه عبدالله انصاري هروي (1088ع)، ابوالمجيد مجدد بن آدم سنائي (1150ع)، شيخ فريد الدين عطار (229ع)، وغيره اهڙا صوفي هئا، جن فارسي غزل کي توجه جو مرڪز بڻايو. هن دؤر جو، فارسيءَ جو عظيم شاعر عُمر خيام آهي. ابوالفتح بن ابراهيم نيشاپوري، (1133ع) سلجوقي دؤر جو اهو عظيم دانشمند، عالم ۽ شاعر آهي، جيڪو ’عمر خيام‘ جي نالي سان ادب جي دنيا ۾ مشهور آهي. هو نجوم، حڪمت ۽ هيئت جو ماهر هو. سندس شهرت جو باعث، سندس رباعيون آهن. هن دؤر ۾ فخرالدين اسعد گرگاني (1054ع) حڪيم ابو محمد الياس بن يوسف بن زڪي بن مريد نظامي گنجوي (1217ع)، جنهن جون 5 مثنويون ادب جي دنيا ۾ بي مثال آهن. پنجئي مثنويون جدا جدا بحرن ۾ چيل آهن. پهرين مثنوي، مخزن الاسرار آهي، جنهن جو موضوع زهد ۽ تقويٰ آهي: ٻي مثنوي ”خسرو ۽ شريف“ آهي، جنهن ۾ فرهاد، ڪوهه بي ستون کي ٽُڪي، کير جي نهر ٺاهي ٿو ٽين مثنويءَ جو موضوع ”ليليٰ مجنون“ آهي، ۽ چوٿين مثنويءَ جو نالو ”هفت پيڪر“ آهي، جنهن ۾ بادشاهه بهرام گور جي سرمستين ۽ سرشارين جا قصا بيان ڪيل آهن. هن کي ”هفت گنبذ“ پڻ چوندا آهن. پنجين ۽ آخري مثنوي ”سڪندرنامه“ آهي. ايلخاني ۽ تيموري دؤر (1230 1505ع ):هيءُ دؤر پاڻ سان قيامت خيز هنگامه کڻي آيو. هن صديءَ جي آغاز ۾ ئي چنگيز خان، وچ مشرق تي حملو ڪيو. ان حملي ۾ خوارزم شاهي فنا ٿي ويا. هن ايران ۽ ان جي پاڙيسرين جي قتل عام کان پوءِ اڳتي هلي، عباسي خلافت کي به پاڙئون ڪڍي ڇڏيو. چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جي اولاد مان هڪ فرمانروا غازن خان اسلام قبول ڪيو. ايلخاني 1329ع تائين حڪومت ڪندا رهيا، بعد ۾، 50 سالن کان پوءِ تيمور خان ايران کي فتح ڪيو، جنهن جي اولاد 16 هين صديءَ تائين ايران ۾ حڪومت ڪئي. ايران تي منگولن ۽ تيمورين جي وحشتناڪ حملن، شهر جا شهر ۽ علائقن جا علائقا ويران ڪري ڇڏيا؛ بيشمار عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب قتل ڪيا ويا؛ مدرسا ۽ مسجدون ڊاٺيون ويون؛ زندگيءَ جي هر شعبي تي وحشت ڇانيل هئي. ان کان پوءِ جڏهن منگول مسلمان ٿيا ته امن امان جي فضا قائم ٿي ۽ ادب جي اجراءَ جو وري سلسلو شروع ٿي ويو. منگولن جي اسلام قبولڻ کان اڳ وارن حملن ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب، ڀر وارن ملڪن ۾ هجرت ڪري ويا. ان لڏپلاڻ جي ڪري فارسي ادب ۾ وسعت ٿي. ايران کان ٻاهر فارسي مرڪزن ۾، هندستان کي وڏي اهميت حاصل آهي، جتي امير خسرو دهلوي ۽ امير حسن سنجري ۽ ٻين فارسي ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي. تاريخ جو اهو عجب طنز آهي ته فارسيءَ جي ٽن عظيم شاعرن: مولانا جلال الدين روميءَ، شيخ سعديءَ ۽ خواجه حافظ جو تعلق به انهيءَ دؤر سان آهي. اهو پڻ اتفاق آهي ته فارسيءَ جي عظيم ڪلاسيڪي شاعري به انهيءَ دؤر ۾ ختم ٿئي ٿي. شرف الدين مسلم بن عبدالله سعدي شيرازي (1291) گلستان بوستان کان سواءِ غزل، رباعيون ۽ قطعا وڏي انداز ۾ چيا آهن. مولانا جلال الدين رومي (1273) فارسيءَ جو عظيم شاعر آهي؛ منگولن جي حملن کان پوءِ هجرت ڪري ترڪي هليو ويو ۽ اتي سندس ملاقات هڪ درويش شمس تبريزيءَ سان ٿي. ان ملاقات، سندس زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو؛ درس و تدريس ڇڏي، معرفت ۽ طريقت جي راهه تي هلڻ لڳو. سندس مشهور مثنوي جا ڇهه دفتر آهن، جن کي ”هفت قرآن در زبان پهلويءَ“ جو درجو ڏنو ويندو آهي. خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي (1390ع) غزل جو مايه ناز شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو بدل اڄ تائين فارسي شاعريءَ ۾ ملي نه سگهيو آهي.

صفوي ۽ قاچاري دؤر (1501 1906ع )[سنواريو]

ايران ۾ تيموري سطلنت جي خاتمي کان پوءِ صفوي بادشاهن جو سلسلو شروع ٿيو. هن خاندان، ايران تي ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو حڪمراني ڪئي. صفوين کي نادرشاهه افشار ختم ڪيو . دنيا جي تاريخ جو مشهور فاتح نادر شاهه افشار، ننڍپڻ ۾ ٻڪرار هو ۽ جواني ۾ ايندڙ ويندڙ قافلن کي پيو ڦريندو هو. بهادر به هو، صفوي حڪمرانن جي دشمنن سان وڙهڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪيائين. جنگجو مزاج رکڻ سبب گهڻو اُڀري آيو ۽ شاهه عباس صفوي ثالث جي مرڻ کان پوءِ قسمت 1148هه/1736ع ۾ نادر شاهه کي افشار ايران جو بادشاهه بڻايو. ايران جي اندروني معاملن کان آجو ٿي هن قنڌار فتح ڪيو، ان کان پوءِ هندوستان تي حملو ڪيائين، جنهن ۾ نادر شاهه فتح حاصل ڪئي ۽ دهلي ۾ وڏو قتل عام ڪرايائين. صلح طور محمد شاهه پنهنجي ڌيءَ نادر جي پٽ نصر الله سان نڪاح ڪري ڏني. دهلي جا معاملا نبيري ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن پيغام موڪليائين ته، باقاعده خراج موڪليندو رهي ۽ ٻيو ته پنهنجو پٽ ڏهه هزار فوج سان گڏ روانو ڪري. ميان نور محمد جي انڪار تي نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو،ميان نور محمد حملي جو ٻڌي عمرڪوٽ وڃي نڪتو، پر پوءِ پنهنجي وطن ۽ رعيت کي نادر شاهه جي ظلم کان بچائڻ خاطر پنهنجي ڌيءَ نادر شاهه جي پٽ نصرالله کي نڪاح ڪرائي ڏني، جنهن بعد نادر شاهه، ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب عطا ڪيو ۽ سالياني خراج لاءِ نادر شاهه، ميان نور محمد جا ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه يرغمال ڪري پاڻ سان وٺي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ نادر شاهه، ميان نور محمد جو ٽيون پٽ عطر خان به پاڻ وٽ گهرائي ورتو. 1160هه/1747ع ۾ نادر شاهه جي قتل ٿيڻ بعد احمد شاهه ابدالي بادشاهه ٿيو، جنهن ميان نور محمد کي ”شاهنواز خان“ جي لقب سان نوازيو. ميان نور محمد اٺن سالن تائين پنهنجن پٽن جي وڇوڙي ۾ پيو تڙپندو هو، ليڪن آخرڪار نادر جي مرڻ کان پوءِ اهي ٽيئي پٽ اچي پنهنجي پيءُ ميان نور محمد سان مليا. 20 صدي جي آخر ۾ قاچارين جي حڪومت ڊانوان ڊول ٿي وئي. آخرڪار رضا شاهه پهلويءَ جي هٿان حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو لڳو. صفوي بادشاهه ڪٽر مذهبي هئا؛ تن مذهب ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو، جنهنڪري ديني عالمن کي عروج حاصل ٿيو؛ فقہ اسلام تي گهڻا ڪتاب لکجڻ لڳا ۽ ٿوري گهڻي شاعريءَ جي پڻ گونج اچڻ لڳي. هن دؤر جي مشهور شاعرن ۾ مرزا حبيب قانيءَ (1853ع) جو نالو شامل آهي. قانيءَ کي فارسيءَ جو آخري قصيده گو شاعر چيو وڃي ٿو.

مغل دؤر (1526 1857ع )[سنواريو]

هن دؤر ۾ شعر جو مرڪز ايران مان منتقل ٿي هندستان ۾ آيو. دهلي ۽ آگري، شيراز ۽ افغانستان جي جاءِ والاري. مغل دؤر جي شاعرن، قصيدي ۽ غزل ۾ ڪمال حاصل ڪري ورتو. مغل بادشاهن پنهنجن درٻارن ۾ ملڪ الشعراءَ مقرر ڪيا. مغلن جا امير ۽ وزير به فارسي ٻوليءَ ۽ ادب جا شيدائي هئا. امير خسروءَ کان پوءِ فيضي، عرفي، نظيري، بيدل ۽ غالب غزل جي شمع روشن رکندا آيا. ناصر علي سرهندي، مُلا طغريٰ شهري، ابو طالب عليم همداني، صائب، فطرت موسوي قمي، عاقل خان رازي، بينش ڪاشميري، نعت خان عالي، اشرف مازند راني ۽ مير عبدالجليل بلگرامي به مغل دؤر جا وڏا نالا هئا. نظم نسق: ايران هيٺين تيرهن صوبن ۾ ورهايل آهي: (1) گيلان، جنهن ۾ زنجان، قزوين ۽ ارڪ شامل آهن. هن جو صدر مقام ’دشت‘ آهي. (2) مازندران، جنهن ۾ گورخان، دامغان ۽ شاهه رُود شامل آهن، ’سُودي‘ هن جو گادي وارو هنڌ آهي، (3) مشرقي آزربائيجان؛ هن جو صدر مقام تبريز آهي، (4) مغربي آزربائيجان، جنهن جو صدر مقام ”رضائيه“ آهي؛ (5) ڪرمان شاهه، جنهن ۾ همدان شامل آهي، صدر مقام ”ڪرمان شاهه“ اٿس؛ (6) خوزستان، هن ۾ لرستان شامل آهي، صدر مقام ”اهواز“ اٿس؛ (7) فارس، جنهن جو صدر مقام ”ڪرمان“ آهي؛ (9) خراسان، هن جو صدر مقام مشهد آهي؛ (10) اصفهان، جنهن جو صدر مقام پڻ ”اصفهان“ آهي؛ (11) ڪردستان، جنهن جو صدر مقام ”سَنندج“ آهي؛ (12) سيستان وبلوچستان، جنهن جو صدر مقام ”زاهدان“ آهي ۽ (13) وسطي صوبو تهران ۽ سمنان، جنهن جو صدر مقام تهران شهر آهي.

ايران جو سنڌ تي اثر[سنواريو]

تقريباً ٻن هزارن سالن تائين، سنڌ ۽ ايران هڪ ٻئي کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. زندگيءَ جي هر شعبي ۾، ٻنهي مُلڪن هڪ ٻئي کي ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ورتو آهي، پر مجموعي طور تي ايران، سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، ڇوته ايران کي حڪمراني واري حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ هميشه باج گذار رهندي آئي آهي. ٻولي، ادبي ۽ علمي سرمايي، ثقافتي روين، مصوري ۽ هنرمندي، فنِ سنگتراشي، نقشِ نگاري ۽ ڪاشي، عمارت سازي، باغ ۽ باغباني، اهڙا موضوع ۽ ڪارج آهن، جن جا اثر اڄ به سنڌ تي ساڳيا آهن. ايران جي تاريخي، تهذيبي، تمدني، ثقافتي، جاگرافيائي، مذهبي ۽ لساني حالتن سميت ايران جي سماجي ۽ گهرو ڀڃ ڊاهه جو اثر، وقت بوقت سنڌ تي پوندو رهيو آهي. سنڌ جا ٻيڙياتا، سامونڊي سوداگر تجارتي قافلا وٺي، ايشيا، يورپ، انڊونيشيا، چين، جپان، سيلون ۽ ٻين مُلڪن تائين ويندا هئا. انهيءَ ڪري گهڻن ملڪن جي ماڻهن کي ”سنڌ“ بابت گهڻي ڄاڻ هُئي. خود سنڌ جا ماڻهو به علم جي حصول ۽ تجارتي مقصدن خاطر مصر ۽ ٻين ملڪن تائين ويندا هئا. سنڌ جا جت قبيلا اسلام کان اڳ مصر، عربستان ۽ ايران مان گهڻي قدر واقف هئا. انهيءَ لحاظ سان سنڌ جو لاڳاپو عرب اسلامي دؤر کان گهڻو اڳ جو آهي، تنهنڪري جڏهن تاتارين، ايران ۾ تباهي مچائي، تڏهن ايران جي عوام توڙي عالمن جو رُخ سنڌ ڏانهن ٿيو. هنن هتي مستقل رهائش اختيار ڪئي. ان ئي دؤر ۾ ايراني طرزِ تعمير تي مسجدون، مزارون، ڇتين تي گول بيضوي گنبذ، مُنارا ۽ قبا تعمير ڪرڻ جي روايت جنم ورتو. ايرانين هتي اچي ڇتين ۽ ڀتين کي نقشن سان سينگاريو، جاين تي رنگين پٿرن جي جڙاوت ڪئي. سنڌ ۾ ڪاشيءَ جون سرون به ايراني فنِ تعمير مان آندل آهن. ايراني شاعرن جي طرز تي، سنڌي شاعرن به قصيدا غزل، رباعيون ۽ مثنويون چيون. ڪيترائي سنڌي شاعر درٻارن سان منسلڪ ٿيا ۽ قضا جي عهدن تي قاضي مقرر ٿيا. فارسي نظامِ تعليم ”درس نظامي“ اڄ تائين سنڌ جي ديني درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. لڙاين ۽ ويڙهن ۾ استعمال ٿيندڙ جنگي ساز، مثلاً: ڪرنايون، پيريون، ۽ نغارا وغيره به ايراني اثر هيٺ سنڌ اندر رائج ٿيا، گڏوگڏ گهوڙيسواريءَ، تلواربازيءَ، ڪمانگريءَ، نيزي بازي ۽ تيراندازيءَ جا طريقا ۽ گُر، چالون ۽ انداز پڻ ايرانين ئي آندا. ساقي خانه، ساز وسرود جون محفلون، ذڪر فڪر ۽ سماع جو سلسلو، شاهي لباس، رزق برق ٽوپ ۽ پٽڪا، عماما، قبائون ۽ شيروانيون پڻ ايراني تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ نمونو آهن. سنڌي ادب، خاص طور تي سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ ايرانين جو اثر وڌيڪ رهيو آهي. پنهنجي نالي سان گڏ ”تخلص“ رکڻ پڻ ايران جي روايت آهي، جڏهن ته پنهنجي شهر جي حوالي سان ڪي سڃاڻپ رکڻ وارن شاعرن جو انداز به ايراني آهي؛ جيئن: بخشاپوري، حيدرآبادي، لاڙڪاڻوي، خيرپوري ۽ هالائي وغيره. خود ”پور“ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اولاد. اهڙيءَ طرح شڪارپور، خيرپور، خانپور، نصرپور، شاهپور وغيره پڻ فارسي ٻوليءَ جي اثر جو نمونو آهن. شاعريءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا پڻ فارسي شاعرن جي فن جو نمونو آهن، خاص طور تي ”تشبيهه“ ڏيڻ، فارسي شاعرن جي فن جو ڪمال آهي. ساڳيءَ طرح سنڌي شاعرن به، فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ گهڻي وقت تائين ’رخِ ماهتاب‘، ’شيرين بدن‘، ’غنچه چمن‘، ’رخسار‘، ’لب شيرين‘، ’گل و بلبل‘، ’جانِ بهاران‘ ۽ ’چشمِ تر‘ جهڙا اصطلاح، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندا آهن. اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، ڪيترن ئي شاعرن، درٻاري شعر چئي، قصيدا ۽ رباعيون پڙهي، وقت جي حڪمرانن کان انعام ۽ اڪرام پئي وصول ڪيا آهن. مطلب ته فارسي ادب ۽ فارسي ٻوليءَ جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ تي وڏو اثر رهيو آهي، جڏهن ته ايران جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ لساني ڀڃ ڊاهه پڻ، سنڌ جي سياست، مذهب، ادب، ۽ معاشري تي گهڻي قدر اثرانداز ٿيندي رهي آهي.

ايران، 20 صدي ۾[سنواريو]

1921ع ۾ ايران کي فوجي انقلاب جو منهن ڏسڻو پيو. رضا شاهه پهلوي، هڪ فوجي آفيسر ايران تي قبضو ڪيو. ساڻس سيم ضياءُ الدين تباتاني پڻ شامل رهيو. 1925ع ۾ رضا شاهه ايران جو بادشاهه بڻجي پهلوي خاندان جو بنياد رکيو. هن قوميت،فوجي آمريت، معتدل مزاجي ۽ ڪميونزم مخالف عنصر کي ملائي ملڪ ۾ معاشي سڌارا، انتظامي سڌارا ۽ معاشرتي سڌارا آندا، پر هن جي جدت پسندي تي گهڻي تنقيد ڪئي ويئي. ان کان سواءِ هن تي ڪرپشن جا ڪافي الزام لڳا. هن تي اهو به الزام لڳو ته هن خاص پوليس جوڙي مخالفن تي بدترين تشدد ڪيو آهي. 19 آگسٽ 1953ع تي سندس پٽ محمد رضا شاهه پهلوي اقتدار ۾ آيو، جڏهن ٻي جنگ عظيم هلي رهي هئي ته محمد رضا شاهه پهلوي به ڪافي سڌارا آندا، جن ۾ جديد رستن تي ايران کي معاشي طور سگهارو بڻائڻ به شامل هو. تنهن هوندي به عوامي سطح تي انهن سڌارن جو اثر ڪو نه پيو. هن تي اسلامي مذهبي تحريڪن ۽ ٻين سياسي گروهن وڏي تنقيد ڪئي. جن ۾ آيت الله روح الله خميني سڀني کان اڳيان هو، جنهن کي 1963ع ڌاري گرفتار ڪيو ويو. شاهه محمد رضا پهلوي، حسن علي منصور جي اڳواڻي ۾ سواڪ (SAVAK) نالي هڪ تنظيم ٺاهي ته جيئن مخالفن سان منهن ڏئي سگهجي. هن تنظيم ٻن سالن جي اندر سياسي مخالفن ۽ سياسي قيدين جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو ماري ڇڏيا ۽ ڪيترن کي تشدد جو نشانو بڻايو. 1964ع کان ماڻهو آيت الله روح الله خميني کي پنهنجو سياسي اڳواڻ سمجهڻ لڳا. 1970ع تائين خميني کي ڪافي پٺڀرائي حاصل ٿي وئي. 1971ع ۾ عراقايران جنگ لڳي. 1973ع ۾ شاهه ايران تيل کي حڪومتي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. 1973ع ڌاري عربن جو ساٿ نه ڏنو، پر هن تيل جون قيمتون به وڌائي ڇڏيون. ايران ۽ عراق جي سرحدن جو فيصلو 5 مارچ 1975ع تي ٿيو. 1977ع ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي چوڻ تي شاهه ايراني ڪن قيدين کي آزاد ڪيو ۽ ريڊ ڪراس کي اجازت ڏني ته هو ڀلي قيدين جو جائزو وٺن. انهيءَ وچ ۾ مجاهدين خلق ۽ رستا خز نالي سياسي پارٽين ايران ۾ پنهنجا پير پختا ڪري ورتا. هنن شاهه جي کليل مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ساڳي سال مشهور اسلامي اڳواڻ علي شريعتي سواڪ جي تشدد سبب مارجي ويو. هي ايران جو تمام مشهور اڳواڻ هو، جنهن ڪري شريعتي جي پوئلڳن ۾ شاهه جي خلاف ڪاوڙ پيدا ٿي. ساڳي سال خمينيءَ جو پٽ مصطفيٰ هڪ حادثي ۾ مارجي ويو. ماڻهن ۾ اڃا غصو وڌيو ۽ خمينيءُ سان همدرديون ٿيون. جنوري 1978ع ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب آيو. محمد رضا شاهه کي هٽائي اسلامي ريپبلڪ ايران جي نالي سان ملڪ تي آيت الله روح الله خمينيءَ جو قبضو ٿيو. خميني ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ هڪ سپريم ڪائونسل قائم ڪئي. پهرين فيبروري 1979ع ۾ آيت الله خميني، جيڪو ملڪ بدري جي زندگي گذاري رهيو هو واپس تهران پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ شاهه محمد رضا پهلوي کي ملڪ ڇڏڻو پيو. آيت الله روح الله خميني 1979ع کان سپريم ليڊر آف ايران جي اڳواڻ طور پنهنجي وفات تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سندس دور ۾ ملڪ ۾ اسلامي نظام جو نفاد ٿيو. آيت الله خمينيءَ جي وفات 3 جون 1989ع ۾ ٿي. هن وقت به ڪجهه ضروري ترميمن سان ايران ۾ اسلامي نظام نافذ آهي، جڏهن ته هن وقت ملڪ جو صدر محمود احمدي نجاد آهي، جيڪو ڪاميابي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ بعد هڪ دفعو وري 2009ع جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو آهي .[1]

حوالو[سنواريو]

  1. http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%B1%D8%A7%D9%86