مواد ڏانھن هلو

اثنا عشري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اثنا عشري اهل تشيع جي اُها شاخ، جيڪا اسماعيليه يا سبعيه جي برعڪس هن ڳالهه جي قائل آهي ته امامت ستين امام تي ختم نٿي ٿئي، بلڪ ٻين امامن ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. هن فرقي موجب امام ٻارهن آهن، جيڪي معصوم ۽ الله جي طرفان مامور ٿيل آهن. انهن جو تفصيل هن طرح آهي[1]:

  1. حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام،
  2. حضرت حسن بن علي عليه السلام،
  3. حضرت حسين بن علي عليه السلام،
  4. حضرت علي بن حسين (امام زين العابدين) عليه السلام،
  5. حضرت محمد بن علي (امام باقر) عليه السلام،
  6. حضرت جعفر بن محمد (امام جعفر صادق) عليه السلام،
  7. حضرت موسيٰ بن جعفر (امام موسيٰ ڪاظم) عليه السلام،
  8. حضرت علي بن موسيٰ (امام علي رضا) عليه السلام،
  9. حضرت محمد بن علي (امام محمد تقي) عليه السلام،
  10. حضرت علي بن محمد (امام علي نقي) عليه السلام،
  11. حضرت حسن بن علي (امام حسن عسڪري) عليه السلام،
  12. حضرت مهدي منتظر (امام قائم) عليه السلام.

حوالا

[سنواريو]
  1. اثنا عشري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، ڇپيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد.