ڪيريبئن سمنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيريبئن سمنڊ
Amerikanisches Mittelmeer NASA World Wind Globe.jpg
ڪيريبئن سمنڊ جي مصنوعي سياري مان نڪتل تصوير
پاڻي جو قسم سمنڊ
حصو آهي ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ
درياءَ جو ڇوڙ
سامونڊي طاس
سطحي پکيڙ 2٬754٬000 km2 (1٬063٬000 sq mi)
وڌ کان وڌ اونھائي 7٬686 m (25٬217 ft)
ٻيٽ ويسٽ انڊيز (گريٽر اينٽيليس ۽ ليسر اينٽيليس)
کاھيون ڪيمئن کاھي ۽ پورٽو ريڪو واري کاھي
آباديون

ڪيريبئن سمنڊ(انگريزي: Caribbean Sea) ڌرتي جي اولھندي اڌگول ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو آمريڪي ميڊيٽرينئن سمنڊ سڏبو آهي. ان جي اولھ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ميڪسيڪو ۽ سينٽرل آمريڪا، اتر ۾ گريٽر اينٽيليس جتان ڪيوبا شروع ٿئي ٿو، اوڀر ۾ ليسر اينٽيليس ۽ ڏکڻ ۾ ڏکڻ آمريڪا جو اتريون ڪنارو آھي. ھن سڄي سمنڊ ۾ ڪيترائي ٻيٽ گڏجي ويسٽ انڊيز سڏبا آهن ۽ انھن جي پسگردائيءَ وارا پڻ گڏائي انھن سڀني کي ڪيربيئن سڏيو ويندو آهي. ھن سمنڊ جي پکيڙ 2٬754٬000 km2 (1٬063٬000 sq mi) آهي[1][2] ھن سمنڊ جو سڀ کان اونھو مقام ڪيمئن کاھي آھي جيڪا ڪيمئن آئلينڊز ۽ جيميڪا جي وچ ۾ سامونڊي سطح کان 7٬686 m (25٬217 ft) ھيٺ واقع آهي. ڪيريبئن جي ڪناري کي کوڙ نار ۽ اپسمنڊ آھن جن ۾ وينزئيلا وارو نار، گَانَائِوِ نار

ارضيات[سنواريو]

ھي سمنڊ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو حصو آهي ۽ گھڻي ڀاڱي ڌرتي جي ڪيربيئن پليٽ مٿان واقع آهي. ڪيريبئن سمنڊ جي ارضياتي عمر جو تخمينو 16 کان 18 ڪروڙ سال آھي. ھي سمنڊ ميسوزوئڪ دور ۾ عظيم کنڊ پئنگيئيا جي ٽٽڻ وقت کنڊ جي ڌرتي ۾ ھڪ افقي چير ٿيڻ سان ٺھيو ھو[3].

ڪيريبئن سمنڊ ۽ ميڪسيڪو جي نار جو نقشو[4][5]

ھڪ خيال مطابق پورٽو ڪيريبئن سمنڊ جو حوض يا طاس ڊہوونيائي دؤر ۾ موجود ھيو. اينٽلاٽڪ وڏو سمنڊ پئنگيئيا جي وڌيڪ ڀڃ ڊاھ کان پوء پوئين جيوراسڪ دور ۾ وجود ۾ آيو ھو. ڪيريبئن ۽ ميڪسيڪو واري نار جي تري واري تھ جي ٿولھ لڳ ڀڳ ھڪ ڪلوميٽر آهي.


ڪيريبئن پليٽ جا ٽيڪٽونڪ

حوالا[سنواريو]

  1. The Caribbean Sea All The Sea. URL last accessed May 7, 2006
  2. "The Caribbean Sea". 
  3. Iturralde-Vinent, Manuel (2004), The first inhabitants of the Caribbean , Cuban Science Network . URL accessed on 28/07/2007
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named GLOBE
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ETOPO1