جميڪا
جميڪا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"سڀني مان ڪو ھڪ ڄڻو" | |||||
| گادي جو هنڌ | ڪنگسٽن 17°58′17″N 76°47′35″W / 17.97139°N 76.79306°W | ||||
| دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
| قومي ٻولي | Jamaican Patois (de facto) | ||||
| نسلي گروھ (2011[1]) | |||||
| مذهب | |||||
| مقامي آبادي | جيميڪن | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
| اليزبيٿ ٻين | |||||
| پئٽرڪ ايلن | |||||
• وزيراعظم | اينڊريو ھولنيس | ||||
• چيف جسٽس | برائن سائڪيز | ||||
| مقننه | پارليامينٽ | ||||
| سينيٽ | |||||
| ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز | |||||
| آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان | |||||
• منظوري | 6 آگسٽ 1962 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 10,991 km2 (4,244 sq mi) (160th) | ||||
• پاڻي (%) | 1.5 | ||||
| آبادي | |||||
• 2017 اندازو | 2,890,299[4] | ||||
• گھاٽائي | 266[5]/km2 (688.9/sq mi) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $26.981 billion[6] (134th) | ||||
• في سيڪڙو | $9,434 (109th) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $15.424 billion[6] (119th) | ||||
• في سيڪڙو | $5,393[6] (95th) | ||||
| جِينِي (2016) | وچولو | ||||
| ايڇ ڊي آء (2017) | اعلیٰ · 97th | ||||
| ڪرنسي | جيميڪن ڊالر (JMD) | ||||
| معياري وقت | (متناسق عالمي وقت-5) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +1-876 +1-658 (Overlay of 876; active in November 2018) | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .jm | ||||
جميڪا (انگريزي: Jamaica) ڪيريبئن سمنڊ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو جنھن جي پکيڙ 10,990 چورس ڪلوميٽر آهي. ھي ملڪ ھڪ ٻيٽ تي مشتمل آهي جيڪو ڪيريبئن سمنڊ جو چوٿون وڏو ٻيٽ آھي ۽ ڪيوبا کان 145 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. ھن ملڪ جا اصل رھاڪو اراواڪ ۽ ٽائنو ماڻھو ھيا. ھن ملڪ جي آبادي 69 لک آھي. ھتان جي ٻولي انگريزي آهي. آمريڪا، ڪئناڊا کان پوء جيميڪا انگريزي ڳالھائيندڙ ماڻھن جو آمريڪي کنڊن جو ٽيون وڏو ملڪ ۽ ڪيريبئن سمنڊ جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارو ملڪ آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ڪنگسٽن آهي جنھن جي آبادي 937700 آھي.
سال 1494ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان پوء سنڌو سنئون ھي ملڪ اسپين جي حاڪميت ۾ اچي ويو ۽ سال 1655ع تائين اسپین جي قبضي ۾ رھيو ۽ ان سال برطانيا جي قبضي هيٺ آيو جنھن ان جو نالو جميڪا رکيو. برطانوي ڪالوني واري دور ۾ ھي ملڪ کنڊ برآمد ڪندڙن ملڪن ۾ سرفهرست بڻجي ويو ۽ ھن ملڪ جي معيشت جي طاقت آفريڪي غلام ھيو. برطانيا آخرڪار 1838ع ۾ سڀني غلامن جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. 6 آگسٽ 1962ع ۾ ھن ملڪ يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي حاصل ڪئي.
ھن ملڪ جي تقريبن سموري آبادي آفريڪي نسل جي آھي باقي ٿورن ۾ يورپي گورا، چيني، لبناني ۽ ھندوستاني شامل آهن. ھن ملڪ جي معيشت مٿين درجي واري درمياني آمدني واري آهي.[9] ھن ملڪ م سياحن جي آمد جي سالياني شرح 43 لک آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedWorldFactbook - ↑ "CIA World Factbook (Jamaica)". United States Government.
- ↑ "The World Factbook — Central Intelligence Agency". Cia.gov. Retrieved 2017-09-25.
- ↑ "Data Query Total Population by sex (thousands)". UNITED NATIONS/DESA/POPULATION DIVISION. Retrieved 18 April 2018.
- ↑ "Data Query - Population density (persons per square km), as of 1 July". UNITED NATIONS/DESA/POPULATION DIVISION. Retrieved 18 April 2018.
- 1 2 3 "World Economic Outlook Database, October 2018". IMF.org. International Monetary Fund. Retrieved 12 March 2019.
- ↑ "The World Factbook". CIA.gov. Central Intelligence Agency. Retrieved 12 March 2019.
- ↑ "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2018. Retrieved 14 September 2018.
- ↑ "Jamaica (country)". World Bank.