ڊومينيڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪامن ويلٿ آف ڊومينيڪا

Flag of ڊومينيڪا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Apres Bondie, C'est La Ter"[1] (Dominican Creole French)
"Post deum terra est " (Latin)
"After God is the earth"
مڪانيت  ڊومينيڪا  (دائري ۾ ڳاڙھي رنگ ۾ ڏيکاريل) نقشو ڪيريبين  (ھلڪو پيلو رنگ)
مڪانيت  ڊومينيڪا  (دائري ۾ ڳاڙھي رنگ ۾ ڏيکاريل)

نقشو ڪيريبين  (ھلڪو پيلو رنگ)

جو مقامڊومينيڪا
گادي جو هنڌ روزئو
15°18′N 61°23′W / 15.300°N 61.383°W / 15.300; -61.383
سڀ کان وڏو شهر روزئو
دفتري ٻوليون انگريزي
مقامي ٻوليون ڊومينيڪن ڪريئول فرينچ
نسلي گروھ (2001[2])
مذهب 94.4% عيسائيت
3% لوڪ مذھب
0.5% لامذھب
0.1% اسلام ۽ ٻيا مذھب[3]
مقامي آبادي ڊومينيڪن يا ڊومينيڪئائس[2]
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
• صدر
چارلس سوارينا(2 آڪٽوبر 2013 کان)
روزويلٽ اسڪيريٽ(8 جنوري 2014 کان)
مقننه ھائوس آف اسيمبلي آف ڊومينيڪا
آزادي
1 مارچ 1967
• برطانيا کان آزاد ٿيو
3 نومب 1978
پکيڙ
• جملي
750 km2 (290 sq mi) (174th)
• پاڻي (%)
1.6
آبادي
• 2016 اندازو
73,543[4] (195th)
• 2011 مردم شماري
71,293[5]
•  گھاٽائي
105 /km2 (271.9 /sq mi) (95th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$688 ملين ڊالر [6]
• في سيڪڙو
$9,726[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$485 ملين ڊالر[6]

ڊومينيڪا(انگريزي: Dominica) /ˌdɒmɪˈnkə/ DOM-ih-NEE-kə;[8] ڪيريب ٻيٽ Wai‘tu kubuli جنھن جو سرڪاري نالو ڪامن ويلٿ آف ڊومينيڪا آھي ۽ اھو ويسٽ انڊيز جو ٻيٽ تي مشتمل ملڪ آھي. [9] ان جي گاديءَ جو هنڌ روزئو(انگريزي: Roseau) آهي جيڪو ھن ٻيٽ جي اولهندي پاسي واقع آهي. ھي ملڪ ڪيريبئن سمنڊ جي ونڊوارڊ ٻيٽن جو حصو آهي. ھي ٻيٽ گئاڊلوپ جي ڀرسان مارٽينيڪ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع آهي. ھن ٻيٽ جي پکيڙ 750 چورس ڪلوميٽر آهي.

تاريخ[سنواريو]

پينثنگ ۾ 1770 ۾ ڊومينيڪا واري برٽش ڪالوني جي ھڪ بازار جو منظر ڏيکاريل

ھن ملڪ ۾ پھرين ڪاليناگو اچي آباد ٿيا ۽ بعد ۾ يورپي جن م اڪثريت فرانس جي ماڻھن جي ھئي 1690 کان 1763 جي دوران آباد ٿيا. ڪولمبس ھن ٻيٽ جي ڀرسان 3 نومبر 1493 ۾ آچر جي ڏينهن تي گذريو ھو، اھڙي طرح ھن ٻيٽ جو نالو لاطيني بولي ۾ آچر رکيو ويو. يونائيٽيڊ ڪنگڊم ست سالا جنگ کان پوءِ ھن ملڪ تي 1763 ۾ قبضو ڪيو ۽ انگريزي کي ھتان جي سرڪاري ٻولي بڻائي ڇڏيو. 1978 ۾ ھن ٻيٽ برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ٻيٽ کي ڪيريبن سمنڊ جو قدرت جو ٻيٽ پڻ چوندا آھن.[10]

جاگرافي[سنواريو]

ڊومينيڪا جو ٻيٽ گئاڊلوپ واري فرانس جي ٻيٽ ۽ مارٽينيڪ ٻيٽ جي وچ ۾ واقع آهي
ڊومينيڪا جو نقشو

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 15 25 N, 61 20 W آھي ۽ دنيا جي نقشي ۾ ان جو شمار وچ آمريڪا ۾ ڪيريبئن سمنڊ ۾ ٿئي ٿو. ملڪ جي پکيڙ 751 چورس ڪلوميٽر جنھن ۾ پاڻي ڪانہ آھي ۽ ان جي سموري زمين خشڪي تي مشتمل آھي.پکيڙ ۾ دنيا ۾ ان جو شمار 189 تي ٺئي ٿو. ملڪ جي زميني سرحد ڪانھي ۽ ساحلي سرحد 148 ڪلوميٽر اٿس. سمنڊ جي اندر سندس علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميلن تائين ، ان سان لاڳاپيل علائقو 24 ناٽيڪل ميل ۽ ان جو مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميلن تائين آھي. ھتان جي موسم ٽراپيڪل آھي ۽ ھتي تيز برساتون پونديون آهن. ھتي جا جبل اصل ۾ ٻرندڙ جبل ھوند ھئا.سڀ کان اوچو مقام مورني ڊائبلوٽنس آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 1447 ميٽر بلند آھي.ھتان جي قدرتي وسيلن ۾ عمارتي ڪاٺ، ھائڊرو پاور شامل آهن. ھتان جي زرعي زمين 34.7 سيڪڙو آھي جنھن مان 8 سيڪڙو پوکي لائق آھي ۽ ان جو وري 24 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿئي ٿي. مستقل چراگاھون ڪل. زرعي زمين جو2=7 سيڪڙو ۽ ٻيلا 59.2 سيڪڙو آھن[11].

نالو[سنواريو]

ملڪ جو نالو ڪامن ويلٿ آف ڊومينيڪا آھي ۽ مختصر ان کي ڊومينڪا سڏيو ويندو آهي. ان جو نالو ڪرسٽوفر ڪولمبس جي ڪري پيو جيڪو ھن ٻيٽ تي آچر ڏينھن 3 نومبر 1493 تي پھتو ھو. آچر کي لاطيني ٻولي ۾ ڊومنگو چوندا آهن اھڙي طرح ھن ٻيٽ کي آچر وارو ٻيٽ يعني ڊومينيڪا سڏيو ويو [11].

سياسي نظام[سنواريو]

ملڪ جي رياست وحداني ۽ نظام پارلياماني ريپبلڪ وارو آھي. حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ روزئو آھي.ملڪ ڏھن پارشن(انگريزي: parishes) ۾ ورھايل آھي[11]:

  • سينٽ اينڊريو
  • سينٽ ڊيوڊ
  • سينٽ جارج
  • سينٽ جان
  • سينٽ جوزف
  • سينٽ ليوڪ
  • سينٽ مارڪ
  • سينٽ پيٽرڪ
  • سينٽ پال
  • سينٽ پيٽر

رياست جو سربراھ صدر ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي. صدر جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ گڏجي ڪندا آهن ۽ کيس ھائوس آف اسيمبلي جا ميمبر پنجن سالن لاءِ چونڊيندا آهن ۽ ساڳيو صدر ٻہ وارا ڪم ڪري سگھي ٿو. وزيراعظم جي لاءِ اليڪشن تيندي اھي ھن ملڪ جي پارليامينٽ ھائوس آف اسيمبلي ھڪ ايواني آھي جنھن جا 32 ميمبر آھن جن مان 21 جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. 9 ميمبرن جي مقرري اسيمبلي ڪندي آهي باقي 2 ايڪس آفيشو ميمبر ھوندا آھن.اسپيڪر ۽ ھائوس جو ڪلرڪ بہ پنجن سالن لاء ڪم ڪندا آهن[11].

ڊومينيڪن ماڻھو[سنواريو]

ڊومينيڪا جي اوڀر وارو ڪنارو جتي ڪيريب آبادي رھندڙ آھي

ھن ملڪ جي آبادي 2017 جي تخميني مطابق 73,897 آھي ۽ دنيا اندر آبادي ۾ ھن ملڪ جو شمار 202 نمبر تي ٿئي ٿو. آبادي جو 86.6 سيڪڙو ماڻهو آفريڪي نسلن وارا ڪارا آھن ، 9.1 سيڪڙو گاڏڙ ، 2.6 سيڪڙو مقامي ڪيريب آھن جيڪي ھتان جا اصل رھاڪو آھن. ھتان جي سرڪاري ٻولي انگريزي آھي. ٻي ٻولي فرينچ پيٽوئس آھي.. 61.4 سيڪڙو آبادي جو تعلق رومن ڪيٿولڪ مذھب سان آھي، 28.6 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ آھن جن ۾ انجيلي فرقي، ستين ڏينھن وارا، بپٽسٽ، پينٽيڪوسٽل، ميٿڊسٽ، خدا جي چرچ، يھوا جا شاھد وغيره پڻ شامل آهن[11].

حوالا[سنواريو]

  1. "Coat of Arms – Government of the Commonwealth of Dominica". www.dominica.gov.dm. 
  2. 2.0 2.1 "Dominica Ethnic groups 2001 Census". Cia.gov. حاصل ڪيل 2013-09-29. 
  3. Pew Forum Research Data 2010 آرڪائيو ڪيا ويا 24 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Page 46. December 2012. Retrieved 28 May 2017.
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. "2011 POPULATION AND HOUSING CENSUS" (PDF). Dominica.gov.dm. حاصل ڪيل 29 August 2017. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 "Dominica". International Monetary Fund. 
  7. "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 December 2015. 
  8. "One woman's fight to get David Dimbleby to correctly pronounce Dominica". the Guardian. 12 November 2014. https://www.theguardian.com/media/mediamonkeyblog/2014/nov/12/one-womans-fight-to-get-david-dimbleby-to-correctly-pronounce-dominica. 
  9. "Dominica's Constitution of 1978 with Amendments through 1984". Constitute. حاصل ڪيل 2016-07-20. 
  10. P. C. Evans & L. Honychurch, Dominica: Nature Island of the Caribbean. Hansib (1989)
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/do.html آرڪائيو ڪيا ويا 2012-05-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (سي آء اي فيڪٽس بڪ)