ڊومينيڪن ريپبلڪ
ڊومينيڪن ريپبلڪ | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Dios, Patria, Libertad" (اسپيني) "God, Homeland, Freedom" | |||||
| گادي جو هنڌ | سانتو ڊومنگو 19°00′N 70°40′W / 19.000°N 70.667°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | سانتو ڊومنگو | ||||
| دفتري ٻوليون | اسپيني ٻولي | ||||
| نسلي گروھ | |||||
| مقامي آبادي | ڊومينيڪن [2] | ||||
| حڪومت | وحداني، صدارتي ريپبلڪ [1] | ||||
• صدر |
ڊينيلو ميڊنا | ||||
• نائب صدر |
مارگريٽا سئڊينو ڊي فرننڊئز | ||||
| مقننه | ڪانگريس | ||||
| سينيٽ | |||||
| چيمبر آف ڊپٽي(ز) | |||||
| آزادي | |||||
• اسپين کان |
پھرين ڊسمبر، 1821ع [3] | ||||
• اسپين کان |
16 آگسٽ، 1863ع [4] | ||||
• آمريڪا کان آزادي |
12, جولاء، 1924ع [5] | ||||
• گڏيل رياستن کان |
پهرين جولاء، 1965ع[6] | ||||
• موجوده آئين |
13 جون، 2015ع[7][8] | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
48٬671 km2 (18٬792 sq mi) (128th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.7[1] | ||||
| آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
10,735,896[9] (86th) | ||||
| 9,478,612[10] | |||||
• گھاٽائي |
220 /km2 (569.8 /sq mi) (65th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
186.983 ارب آمريڪي ڊالر [11] | ||||
• في سيڪڙو |
18,164 آمريڪي ڊالر[11] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$81.653 ارب ڊالر [11] | ||||
ڊومينيڪن ريپبلڪ (انگريزي: Dominican Republic؛ اسپينش:República Dominicana) ڪيريبين سمنڊ واري خطي ۾ ھسپانيولا ٻيٽ تي واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي. جيڪو ھسپانيولا ٻيٽ جي 62.5 سيڪڙو حصي تي مشتمل آهي ۽ ٻيٽ جي باقي حصي تي هڪ ٻيو ملڪ ھيٽي واقع آھي.[12][13] ھي ملڪ پکيڙ ۾ ڪيوبا کان پوءِ ڪيريبئن سمنڊ جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ آبادي ۾ ٽيون نمبر آھي. سندس ھڪ ڪروڙ جي آبادي مان ٽيھ لک ماڻھو گاديء جي ھند، سانتو ڊومنگو ۾ رھن ٿا.[14][15]
تاريخ
[سنواريو]
ستين صدي عيسويءَ کان ھتي ٽائنو نسل جا ماڻھو رھندڙ ھيا. 5 ڊسمبر 1492 ھتي ڪرسٽوفر ڪولمبس پھتو. سانتو ڊومنگو واري جاء تي آمريڪا جي سڀ کان پھرين يورپي ڪالوني قائم ٿي. يورپين جي آمد کان پھرين اصل مقامي ماڻھن سڄي ھسپانيولا جي ٻيٽ کي پنجن سردارين (انگريزي: chiefdoms)۾ ورھائي ڇڏيو ھو. ڪرسٽوفر ڪولمبس ان ٻيٽ دريافت ٿيڻ کانپوءِ ان پھرين سفر ۾ ئي ان جي مالڪي جي دعویٰ ڪئي. ان ٻيٽ کي اسپين پنھنجو اڏو بڻايو جتان پوء ان کي ڪيريبين جي ٻين علائقن ۽ آمريڪا کي فتح ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي. 1697 ۾ اسپين ٻيٽ جي اولھ واري ٺئين حصي تي فرانس جو ڪنٽرول تسليم ڪيو جيڪو 1804 م ھيٽي بڻيو.

ھيٽي جي قيام وقت موجوده ڊومينيڪن ريپبلڪ جو علائقو سانتو ڊومنگو سڏبو ھيو ۽ 1821 ۾ ان خودمختيار ٿيڻ چاھيو پئي پوء بہ ان تي 22 سال ھيٽي جي حاڪميت رھي آخرڪار 1844 ۾ ھيٽي کان آزادي حاصل ڪئي.1861 م ڊومينيڪن پنھنجي مرضيءَ سان اسپين جي ايمپائر ۾ شامل ٿيا پر ٻن سالن بعد اسپين سان جنگ شروع ڪري 1865 ۾ اسپين کان آزادي ورتي.

1930 ۾ رافيل ليونائيڊس ٽروجيلو ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي جيڪا 1961 تائين جاري رھي.

1962 ۾ جئان بوش اليڪشن ۾ صدر چونڊيو ويو پر 1963 ۾ فوج بغاوت ڪري اقتدار پنھنجي قبضي ۾ آندو. 1965 ۾ آمريڪا جي مدد سان جئان بوش جي بحالي جي تحريڪ ھلي.

1966 جي صدارتي اليڪشن ۾ جوئڪئين بلاگر بوش کي شڪست ڏني ۽ ٽيھ سالن تائين اقتدار ۾ رھيو.1996 ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي ڪري عالمي دٻاءُ جي ڪري ھن اقتدار ڇڏيو ۽ پوء صدارتي اليڪشن ٿي جنھن ۾ مخالف ڌر جو اميدوار ليونيل فرننڊيز رينا چونڊون کٽي آيو ۽ 1996 کان 2000 تائين صدر رھيو . آئين ۾ ترميم ذريعي ٻئي مدي لاءِ چونڊ جي اجازت ملڻ بعد 2004 ۾ وري چونڊجي آيو ۽ لاڳيتو ٻئي مدي لاءِ وري چونڏجي آيو. 2012 ۾ ڊينيلو ميڊينا صدر چونڊجي آيو جيڪو ٻئي مدي لاءِ 2016 ۾ وري چونڊجي آيو[16].
ملڪ جو نالو
[سنواريو]ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ آھي. مقامي نالو ريپبلڪا ڊومنيڪنا آھي. مختصرن ان کي لا ڊومينيڪنا چوندا آهن. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ سانتو ڊومنگو جي نالي جو مطلب سينٽ ڊومينڪ اھي. ان شھر جي نالي تان ھن ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ رکيو ويو[16].
سياسي نظام
[سنواريو]
ملڪ جو سياسي نظام صدارتي آھي. حڪومت جي گادي سانتو ڊومنگو ۾ آهي. انتظامي طور تي ھي ملڪ ڏھن خطن ۾ ورھايل آھي[16]:
- نارٿ ايسٽ ريجن (اسپيني:Cibao Nordeste)
- نارٿ ويسٽ ريجن (اسپيني:Cibao Noroeste)
- نارٿ ريجن (اسپيني:Cibao Norte)
- سائوٿ ريجن (اسپيني:Cibao Sur)
- ال ويئييي(اسپيني:El Valle)
- انرڪئييو (اسپيني:Enriquillo)
- ھگئامو (اسپيني:Higuamo)
- اوزاما (اسپيني:Ozama)
- والديسيا (اسپيني:Valdesia)
- يوما (اسپيني:Yuma)
ھتان جو ديواني قانوني نظام فرانس جي سول ڪوڊ تي مشتمل آهي. ھتان جي فوجداري ڪوڊ کي 2004 ۾ ڪافي تبديل ڪيو ويو. ھي ملڪ ڄمڻ جي بنياد تي شھريت نہ ڏيندو آهي. ٻٽي شھريت کي تسليم ڪري ٿو. بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ماڻھن کي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آھي پر شادي شده ماڻھو لاءِ ووٽ جي حق استعمال ڪرڻ ۾ عمر جي حد ڪانھي. ھن ملڪ ۾ فوج ۽ پوليس کي ووٽ جو حق ناھي مليل[16].
ھن ملڪ ۾ رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ صدر ھوندو آھي. ڪابينه جي نامزدگي صدر ڪندو آهي.ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس(اسپيني: Congreso Nacional) آھي جيڪا ٻہ ايواني آھي. مٿيون ايوان سينيٽ(اسپيني:Senado) آھي جنھن جون 32 سيٽون آھن. ميمبر تڪن مان سڌي چونڊ وسيلي سادي اڪثريت سان چئن سالن لاءِ چونڊبا آھن. ھيٺيون ايوان ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز (اسپيني:Camara de Diputados) سڏبو آهي جنھن جون 190 سيٽون آھن. ميمبر گڏيل سيٽ جي تڪ مان سڌي طرح اليڪشن سان متناسب نمائندگي جي بنياد تي چئن سالن جي لاء چونڊبا آھن[16].
جاگرافي
[سنواريو]

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 19 00 N, 70 40 W آھي ۽ دنيا جي نقشي ۾ ھي ملڪ وچ آمريڪا ۽ ڪيريبين واري خطي ۾ آھي. ان جي پکيڙ 48,670 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 48,320 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 350 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ دنيا اندر 132 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 376 ڪلوميٽر آھي جيڪا ھيٽي سان ملي ٿي. بحري سرحد ٽوٽل 1288 ڪلوميٽر آهي.سمنڊ ۾ ھن ملڪ جي ايراضي 12 ناٽيڪل ميل آھي ۽ ان سان گڏوگڏ 24 ناٽيڪل ميلن جو علائقو بہ دعویٰ ۾ اٿس ۽ ان جي مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آهي[16].

ھن ملڪ جي آبهوا ٽراپيڪل آھي۽ برساتن ۾ موسم تبديل ٿي ويندي آهي. ھن ملڪ جي سراسري اوچائي 424 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام پيڪو دئارٽي آھي جيڪو 3098 ميٽر بلند آھي. ھتان نڪرندڙ معدنيات ۾ نڪل، باڪسائيٽ، سون ۽ چاندي آھن[16].

ملڪ جي 51.5 سيڪڙو زمين زرعي آھي ۽ 16.6 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان 10.1 سيڪڙو زمين تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 24.8 سيڪڙو زمين تي مستقل چراگاھون ۽ 40.8 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 ۾ 3070 چورس ڪلوميٽر آهي[16].
ڊومينيڪن ماڻھو
[سنواريو]
ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 10,734,247 ھئي ۽ آبادي ۾ دنيا ۾ 86 نمبر تي ھيو. ھتان جي آبادي جو وڏو حصو مڪسڊ يا گڊرن وارو آھي جيڪي آبادي جو 70.4 سيڪڙو آھن.، جن مان 58 سيڪڙو ميسٽيزو ۽ 12.4 سيڪڙو مولاٽو آھن. ان کان علاوه ڪارا آفريڪي 15.8 سيڪڙو، گورا 13.5 سيڪڙو آھن. ھتان جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي. ماڻھن جو 95 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 5 سيڪڙو باقي ٻين مذھبن وارا آھن[16].

سياحت
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedCIADemo - ↑ Roorda, Eric Paul (28 اپريل 2016), "Historical Dictionary of the Dominican Republic", Rowman & Littlefield – ذريعي وٽان Google Books۔
- ↑ "Embassy of the Dominican Republic, in the United States", اصل کان 26 جون 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 فيبروري 2009۔
- ↑ Historia de la República Dominicana. Ediciones Doce Calles, S.L.. 2010. p. 409. ISBN 978-84-00-09240-5. https://books.google.com.do/books?id=Wor3UqsHkToC&printsec=frontcover#v=onepage&q=Espa%C3%B1a. Retrieved 1 July 2013.
- ↑ "12 de julio de 1924, una fecha relegada al olvido". Diario Libre. August 18, 2012. http://www.diariolibre.com/opinion/lecturas/12-de-julio-de-1924-una-fecha-relegada-al-olvido-APDL348392. Retrieved September 24, 2014.
- ↑ "Segunda intervención norteamericana: Violó soberanía dominicana" (castellano ۾). El Día. April 28, 2016. http://eldia.com.do/segunda-intervencion-estadounidense/. Retrieved March 12, 2018.
- ↑ "Constitución de la República Dominicana, Votada y Proclamada por la Asamblea Nacional en fecha trece (13) de junio de 2015. Gaceta Oficial No. 10805 del 10 de julio de 2015." (ٻولي ۾ Spanish), Santo Domingo: Judicial Branch (Poder Judicial), حاصل ڪيل 11 September 2018۔
- ↑ "Proclaman nueva Constitución en República Dominicana que permitirá reelección presidente" (Spanish ۾). EFE. El Comercio. 13 June 2015. http://www.elcomercio.com/actualidad/proclaman-nueva-constitucion-republica-dominicana.html. Retrieved 11 September 2018.
- ↑ "Estimaciones y proyecciones de la población total" (xlsx), Oficina Nacional de Estadística, حاصل ڪيل 25 April 2018۔
- ↑ Official census data. "Dominican Republic Census data"
- 1 2 3 International Monetary Fund, "Gross domestic product based on purchasing-power-parity (PPP) valuation of country GDP", حاصل ڪيل 12 July 2018۔
- ↑ Dardik, Alan, وڪي نويس (2016), "Vascular Surgery: A Global Perspective", Springer, ص: 341, آئي ايس بي اين 978-3-319-33745-6۔
- ↑ Josh, Jagran, وڪي نويس (2016), "Current Affairs November 2016 eBook", ص: 93۔
- ↑ "Dominican Republic | Data", data.worldbank.org, حاصل ڪيل 28 اپريل 2016۔
- ↑ "Estimaciones y Proyecciones de la Población Dominicana por Regiones, Provincias, Municipios y Distritos Municipales, 2008", اصل کان 11 مئي 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2008۔ Context:"Estimaciones; Población en Tiempo Real", اصل کان 8 آگسٽ 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 جنوري 2008۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - 1 2 3 4 5 6 7 8 9 (سي آء اي فيڪٽس بڪ)https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/do.html آرڪائيو ڪيا ويا 2012-05-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| Dominican Republic بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
| معني ڏسو وِڪِشنري تي | |
| تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
| تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
| نيوز اسٽوريز وڪي نيوز تان | |
| چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
| سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
| درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان | |
- (in اسپيني) Presidency of the Dominican Republic (archived October 1, 2012)
- Official country website آرڪائيو ڪيا ويا July 1, 2018, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ريپبلڪ جي صدارت(آرڪائيو ٿيل 1 آڪٽوبر 2012)
- سرڪاري ملڪ جي ويب سائيٽ آرڪائيو ڪيا ويا 1 July 2018[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- مضمون جن ۾ اسپيني ٻولي جا اکر آھن
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- Articles with اسپيني-language sources (es)
- چتاءُ ويب آرڪائيو سانچو
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Coordinates on Wikidata
- ڊومينيڪن ريپبلڪ
- ملڪ
- جمهوريتون
- وچ آمريڪا
- عيسائي رياستون
- ڪيريبين ۾ ملڪ
- ٻيٽ وارا ملڪ
- اتر آمريڪا جا ملڪ
- وچ آمريڪا جا ملڪ
- اڳوڻي اسپيني ڪالونيون
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- اڳوڻي فرانسيسي ڪالونيون
- هيٽي ۾ 1822 قائم ڪيل رياستون
- هيٽي ۾ 1844 قائم ڪيل رياستون
- 1860ع واري ڏهاڪي جون قائم ڪيل رياستون
- اهي ملڪ ۽ علائقا جتي اسپيني هڪ سرڪاري ٻولي آهي
- اتر ۾ اڳوڻيون ڪالونيون آمريڪا
- نيو اسپين
- وڏو اينٽيلس
- ننڍي ٻيٽ واري ترقي پذير رياستون
- اسپيني ويسٽ انڊيز
- اسپيني ويسٽ انڊيز ۾ 1490ع واري ڏهاڪي جون قائم ڪيل رياستون
- ڊومينيڪن ريپبلڪ ۾ 1821 قائم ڪيل رياستون
- آمريڪا جي اسپيني نوآبادي
- 1844ع ۾ قائم ڪيل رياستون ۽ علائقا
- 1844 establishments in North America
- 1490s establishments in the Spanish West Indies
- 1821 establishments in the Dominican Republic
- 1822 establishments in Haiti
- 1844 disestablishments in Haiti
- 1860s establishments in the Spanish West Indies
- 1861 establishments in the Spanish Empire
- 1860s disestablishments in the Spanish West Indies
- 1865 disestablishments in the Spanish Empire
- Spanish colonization of the Americas
- States and territories established in 1844
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا