بيليز
بيليز | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "Land of the Free" (آزاد ماڻهن جي سرزمين) شاھي ترانو: "God Save the Queen" (خدا بادشاهه جي حفاظت ڪري) | |||||
![]() بيليز جو آرٿوگرافڪ نقشو | |||||
![]() بيليز جو نقشو | |||||
گادي جو هنڌ | بيلموپان 17°15′N 88°46′W / 17.250°N 88.767°W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بيليز شهر | ||||
دفتري ٻوليون | انگلش بيليز ڪروئل | ||||
تسلیم شدہ ٻوليون | بيليزيئن ڪريئول، گيري فونا، مايان ٻولي، اسپيني ٻولي | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي | بيليز ڪروئل | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | اسپينش چائينيز جرمن مايا ٻولي گاريفونا ٻولي | ||||
سرڪاري ٻوليون | ٻيون | ||||
نسلي گروھ (2010[1][note 1]) |
| ||||
مقامي آبادي | بيليزيئن (1973ع کان) | ||||
حڪومت | وحداني، پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
چارلس ٽيون (Charles III) | |||||
• گورنر جنرل |
فلروئلا زلام(Froyla Tzalam) | ||||
• وزيراعظم |
جوني برائسينو (Johnny Briceño) | ||||
• مذهب (2022) |
● 61.9% عيسائيت
| ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
سينيٽ | |||||
نمائندن جو ايوان (House of Representatives) | |||||
آزادي | |||||
• گڏيل بادشاهت کان ورتائين |
21 سيپٽمبر، 1981ع | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
22٬966 km2 (8٬867 sq mi) (147هون) | ||||
• پاڻي (%) |
0.8 | ||||
آبادي | |||||
• 2017ع اندازو |
387,879[2] | ||||
• 2010ع مردم شماري |
324,528[3] | ||||
• گھاٽائي |
14.1 /km2 (36.5 /sq mi) (213th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
3.34 ارب آمريڪي ڊالر[4] | ||||
• في سيڪڙو |
8,445 آمريڪي ڊالر[4] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
1.91 ارب آمريڪي ڊالر[4] |
بيليز (انگريزي: Belize؛ i/bəˈliːz/ ) وچ آمريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس ھيو. ھي ملڪ وچ آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. ھن جي اتر اولهه ۾ ميڪسيڪو، اوڀر ۾ ڪيريبين سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھه ۾ گوئٽي مالا واقع اٿس. ھن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت آئيني بادشاهت ھيٺ نظام آھي. 22,800 چورس ڪلوميٽر جي ايراضي واري ھن ملڪ جي آبادي 2017ع ۾ 3,87,879 ھئي.[2] ھي ملڪ وچ آمريڪا جو ڇڊي آبادي وارو ملڪ آھي.[6] [1] ھن ملڪ ۾ تمام گھڻيون زميني ۽ آبي حياتياتي جنسون ملن ٿيون.[7] ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. بيليزيئن ڪروئل مقامي وڏي ٻولي آهي جنھن کانپوءِ ٻي وڏي ٻولي اسپينش آھي. هن ملڪ جا پاڙيسري ملڪن سان سٺا تعلقات آھن.[8] ھي ملڪ ڪيريبئن ڪميونٽي (CARICOM)، لاطيني آمريڪي ۽ ڪئريبين رياستن جي برادري (CELAC) جو رڪن ملڪ آهي.
تاريخ
[سنواريو]

بيليز عيسوي صدين جي پھرين ھزار سال ۾ ماين تھذيب جي ھڪ شھري رياست ھو جنھن کان پوءِ ھتي اسپين ۽ برطانيا جا تڪرار ھليا جيڪي 17 کان 18 صدي تائين جاري رھيا. اھڙي طرح 1862 ۾ ھي ملڪ برٽش ھونڊوراس جي نالي سان برطانوي ڪالوني بڻيو. گوئٽي مالا ۽ برطانيا جي علائقائي تڪرارن جي ڪري ھن کي ڏاڍي دير بعد 1981 آزادي ملي. گوئٽي مالا کيس تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو نيٺ 1992 ۾ کيس تسليم ڪيو پر پوء بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار برقرار آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 45 W آھي ۽ نقشي ۾ وچ آمريڪا ۾ واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ 22,966 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 22806 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 160 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 152 نمبر تي آهي. ملڪ جي خشڪي سان سرحد 542 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 266 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 276 ڪلوميٽر ميڪسيڪو سان ملي ٿي. بحري سرحد 386 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي 12 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون ھجڻ جي 200 ناٽيڪل ميلن تائين سندس علائقي ھجڻ جي دعویٰ اٿس. ھتان جي زمين ھموار ، ساحلي ميدان واري، گپ چڪ واري آھي ڏکڻ طرف ننڍا جبل پڻ واقع اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 173 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام ڊوائلس ڊيلائيٽ آھي جنھن جي بلندي 1124 ميٽر آھي[9].
آبهوا
[سنواريو]ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي.موسم تمام گرم ۽ نمي واري ھوندي آھي. مئي کان نومبر ۾ ھتي برسات پوندي آھي ۽ فبروري کان اپريل تائين موسم خشڪ رھندي آھي[9]
قدرتي وسيلا
[سنواريو]قدرتي وسيلن ۾ پوکي لائق زمين، عمارتي ڪاٺ ، مڇي ۽ ھائڊرو پاور شامل آهن[9]
زراعت
[سنواريو]ھتان جي 6.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 3.3 سيڪڙو پوکي لائق جنھن مان 1.4 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿئي ٿي. 2.2 سيڪڙو زرعي زمين تي چراگاھون آھن باقي 60.6 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. آبپاشي واري زمين پوري ملڪ ۾ 35 چورس ڪلوميٽر آهي[9].
بيليز جا ماڻهو
[سنواريو]
بيليز جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 360346 ھئي. دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ان جو نمبر 177 آهي. ھتان جي ماڻھن کي بيليزيئن چوندا آهن. انھن م 52.9 سيڪڙو ميسٽيزو، 25.9 سيڪڙو ڪريئول، 11.3 سيڪڙو مايا، 6.1 سيڪڙو گيريفونا، 3.9 سيڪڙو اوڀر انڊين، 3.6 سيڪڙو مينونائٽ ۽ 1.2سيڪڙو گورا آھن. آبادي جو 62.9 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي آھي. ان کان علاوه 56.6 ماڻھو اسپيني ٻولي، 44.6 ڪريئول ٻولي، 10.5 سيڪڙو مايا، 3.2 سيڪڙو جرمن ۽ 2.9 سيڪڙو گاريفونا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.آبادي جو 40.1 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب، 31.5 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 1.7 سيڪڙو يھوا جا شاھد، 10.5 سيڪڙو باقي ٻيا جن ۾ ھندو، مسلمان، راسٽافاريئن، سيلويشن آرمي وغيره شامل آهن[9].

نالو
[سنواريو]ملڪ جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس آھي . نئون نالو بيليز اتان جي بيليز نديءَ مان نڪتل آهي. بيليز لفظ ھڪ خيال مطابق مايا ٻوليء جي لفظ بيلڪس مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي گپ چڪ[9].
سياسي نظام
[سنواريو]
ھتي جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي جيڪو آئيني بادشاهت جي تحت ھلي ٿو جيڪو دولت مشترڪه واري نظام ۾ شامل آھي. حڪومت جي گادي بيلموپن شھر ۾ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 46 W تي آھي. ھن ملڪ جي انتظامي ورهاست ضلعن ۾ ٿيل آهي. ملڪ جا جملي ڇھ ضلعا آهن جن ۾ بيليز، ڪايو، ڪوروزال، اورينج واڪ، اسٽان ڪريڪ، ٽوليڊو شامل آهن. ملڪ 21 سيپٽمبر 1981 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو.[9]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]Belize بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
![]() |
معني ڏسو وِڪِشنري تي |
![]() |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي |
![]() |
تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي |
![]() |
نيوز اسٽوريز وڪي نيوز تان |
![]() |
چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان |
![]() |
سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان |
![]() |
درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان |
- Official website
– Government of Belize. آرڪائيو ڪيا ويا 10 January 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
- Official webpage of Queen Elizabeth II (as former Queen of Belize)
وڪيميڊيا اٽلس آف Belize
- Profile at U.S. Department of State
- Belize National Emergency Management Organization – Official governmental site
- Belize Wildlife Conservation Network – Belize Wildlife Conservation Network (archived 4 February 2013)
- CATHALAC – Water Center for the Humid Tropics of Latin America and the Caribbean (archived 5 February 2012)
- LANIC Belize page آرڪائيو ڪيا ويا 17 December 2024 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Belize. The World Factbook. Central Intelligence Agency.
- Belize at UCB Libraries GovPubs (archived 11 May 2013)
- Belize from the BBC News
- Key Development Forecasts for Belize from International Futures
- Hydromet.gov.bz – Official website of the Belize National Meteorological Service
- Bileez Kriol Wiki – A wiki in Belizean Creole about Belize
سانچو:Belize topics سانچو:Central America topic سانچو:North America topic سانچو:Commonwealth of Nations سانچو:Commonwealth realms
17°4′N 88°42′W / 17.067°N 88.700°W
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "Belize". CIA World Factbook. Central Intelligence Agency. وقت 13 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 January 2016.
- ↑ 2.0 2.1 POPULATION & HOUSEHOLD. sib.org.bz
- ↑ "Belize Population and Housing Census 2010: Country Report" (PDF). Statistical Institute of Belize. وقت 27 January 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 December 2014.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 "Belize". International Monetary Fund.
- ↑ "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018.
- ↑ "World Population Prospects: The 2008 Revision Population Database". United Nations. وقت 19 August 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 August 2010.
- ↑ "Ecosystem Mapping.zip". حاصل ڪيل 3 July 2012.
- ↑ "CARICOM – Member Country Profile – BELIZE". www.caricom.org. CARICOM. وقت 18 February 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 February 2015.
- ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2013-05-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ_
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/>
نہ مليو
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون جن ۾ Latin ٻولي جا اکر آھن
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Coordinates on Wikidata
- بيليز
- ملڪ
- وچ آمريڪا
- وچ آمريڪا جا ملڪ
- اتر آمريڪا جا ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- دولت مشترڪه جون رڪن قومون
- States and territories established in 1981
- Former British colonies
- Former Spanish colonies
- Member states of the Caribbean Community
- Small Island Developing States
- Countries and territories where English is an official language
- Countries and territories where Spanish is an official language
- Yucatán Peninsula
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا