ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڊي جي سنڌ ڪاليج
ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي

ڏيارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج (المعروف ڊي جي سائنس ڪاليج) ڪراچي، سنڌ ۾ واقع آھي، جيڪو سائنس توڙي آرٽس جي تعليم ڏئي رهيو آهي.

پرنسيپال[سنواريو]

سال 2006ع لاءِ ڪاليج جو پرنسيپال ڪاليج جي فزڪس فيڪلٽيءَ جو پروفيسر روي شنڪر مقرر ٿيو آھي.

تاريخ[سنواريو]

ممبئي جي گورنر، لارڊ ريئي 17هين جنوري 1887ع تي ان ڪاليج جو افتتاح بطور سنڌ آرٽس ڪاليج ڪيو، جنھن تي بعد ۾ ڏيارام ڄيٺمل جو نالو رکيو ويو، جنهن ان ڪاليج جي اڏاوت تي خرچ ٿيندڙ سموري خرچ جي ھڪ وڏي حصي جو بندوبست ڪيو ھو. چيو وڃي ٿو تھ ڪاليج جي اڌاوت تي تن ڏينھن ۾ ھڪ لک ڇهاسي هذار پنج سَو چوڏهن (186514) رپيا خرچ آيو ھو، جنھن مان حڪومت جي ڀاڱيداري ستانوي ھزار ھڪ سَو ٽيانوي (97193) رپيا هئي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار سانگي ننڍي کنڊ ۾ آئي، پر ترت انهن هتان جو سڄو وهنوار هلائڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. انهن سڀ کان اڳ بنگال ۾ ديواني اختيار حاصل ڪيا. جنهن بعد انهن بنگال تي مڪمل قبضو ڪري ورتو. ڪمپني سرڪار عام ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ عوام جي مرضيءَ موجب تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا جديد انگريزي تعليم بدران قديم مدرسن ۽ مڪتبن واري تعليم هئي. ان جي شروعات ڪلڪتي ۾ مدرسو کولي ڪئي وئي. “ڪلڪتي مدرسي جو بنياد آڪٽوبر 1780ع ۾ انگريز عملدار ‘وارين هيسٽنگس’ رکيو. ان طريقي سان ڪمپني سرڪار مسلمانن کي پنهنجي ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڪمپنيءَ هندن کي خوش رکڻ لاءِ بنارس ۾ سنسڪرت ڪاليج قائم ڪيو. ڪلڪتي جي مدرسي جو انچارج هڪ مولوي ۽ بنارس سنسڪرت ڪاليج جو انچارج هڪ پنڊت کي ڪيو ويو، پنڊت جي ڀيٽ ۾ مولويءَ جي پگهار وڌيڪ مقرر ڪئي وئي”.1

ڪمپني سرڪار جو اهو ارادو قطعي نه هو ته ڪو ڪمپني ننڍي کنڊ ۾ تعليم جو سڄو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻندي، تنهن دؤر ۾ برطانيا ۾ به تعليم ڏيڻ سرڪار جي ذميواري نه هئي، تنهن ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ به برطانيا سرڪار جي پاليسي جاري رکڻ چاهي. ڪمپني سرڪار جو خيال هو ته بس ڪجهه ماڻهن کي پڙهائجي، جيڪي ڪمپنيءَ کي ڪار وهنوار هلائڻ ۾ مدد ڏين. ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جو خيال هو ته جيڪڏهن سڄي گڏيل هندستان کي تعليم ڏني ويندي ته پوءِ هتان جي ماڻهو پڙهي آزاديءَ جو مطالبو ڪندا.

ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو عملدار چارلس گرانٽ پهريون انگريز هو، جنهن کي احساس ٿيو ته جديد انگريزي تعليم ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو حق آهي. هو 1773ع ۾هندستان آيو هو. جنهن واپس وڃي برطانوي پارليامينٽ کي لکيو ته هندستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ خاص گرانٽ مخصوص ڪئي وڃي، ان تي مٿس تمام گهڻي تنقيد به ڪئي وئي.

اڳتي هلي سندس تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪيو ويو ۽ 40 سالن جي بحث کانپوءِ نيٺ برطانوي پارليامينٽ سندس چارٽر 1813ع ۾ منظور ڪيو. جنهن کي چارلس گرانٽ چارٽ سڏيو وڃي ٿو. چارلس گرانٽ کي هندستان ۾ جديد تعليم جو ابو سڏجي؛ ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن برطانوي سرڪار تي زور ڀريو ته هندستان ۾ تعليم انگريزيءَ سان گڏ اتان جي مادري ٻولين ۾ به ڏني وڃي.

               1813ع کان 1833ع واري دؤر کي هندستان ۾ تعليم جي حوالي سان سونهري دؤر سڏيو وڃي ٿو. ان دؤر ۾ عيسائيت جي تبليغ لاءِ مشنريز جو به رواج پيو. برطانوي پارليامينٽ هندستان ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ساليانو هڪ لک رپيا منظور ڪيا، پر اهي خرچ ڪيئن ڪيا وڃن، ان بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي ڪي به هدايتون نه ڏنيون ويون. ٻيو ته “چارٽر ايڪٽ 1813ع جي شق 43 هيٺ تعليم ڏيڻ جي ميڊيم بابت ٻه رايا سامهون آيا، هڪ راءِ اها هئي ته هندستان ۾ تعليم ديسي ٻولين ۾ ڏني وڃي، جڏهن ته ٻي راءِ هئي ته تعليم انگريزيءَ ۾ ڏني وڃي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ لارڊ ميڪاؤلي کي قانون جو ڄاڻو ڪري برطانيا مان موڪليو ويو”. 2

لارڊ ميڪاؤلي 13 جون 1834ع تي هندستان آيو ۽ هتان جي صورتحال جو مطالعو ڪري هن پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي، جيڪا هن 2 فيبروري 1835ع تي پيش ڪئي، ان رپورٽ ۾ هن ڄاڻايو ته “مشرقي ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد مستقبل جي ترقيءَ کي ٻنجو ڏيڻ آهي. يورپي ادب جي لائبريريءَ جو هڪ ڪٻٽ سڄي هندستاني ۽ عربي ادب کان گهڻو آهي”. 3

لارڊ ميڪاؤليءَ جو خيال هو ته هندستاني ٻولين خاص طور تي سنسڪرت تي تمام گهڻي ٺٺول ڪئي. “هن جو خيال هو ته هندستان ۾ فقط انگريزي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي”. 4

هندستان جي گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽنڪ جي تجويز تي برطانيا سرڪار لارڊ ميڪاؤليءَ جي سفارشون منظور ڪري ورتيون. جنهن کي ‘1835ع وارو ٺهراءُ’ سڏيو وڃي ٿو.  صديءَ جي شروع ۾ برطانيا سرڪار اهو محسوس ڪيو ته هندستان جي غريب ماڻهن ۾ مشنريز وسيلي عيسائيت جي تبليغ ڪري ماڻهن کي عيسائيت ڏانهن مائل ڪري سگهجي ٿو.

1845ع ۾ ڪمپني سرڪار تي ڪلڪتي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ زور پيو. ان کان اڳ بنگال جي ايجوڪيشن ڪميٽيءَ جو اڳوڻو سربراهه سي ايڇ ڪئميرون 1852ع ۾ برطانيا جي پارليامينٽ ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي رٿ رکي چڪو هو. 1854ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بورڊ آف ڪنٽرول جي اڳوڻي صدر آزاد خيال سياستدان ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر چارلس ووڊ برطانوي سرڪار کي هندستان ۾ تعليم عام ڪرڻ جي تجويز ڏيندي سفارش ڪئي ته هندستان جي هر صوبي ۾  ڌار تعليم کاتو قائم ڪيو وڃي. لنڊن يونيورسٽيءَ جي طرز تي هندستان جي ٽن وڏن شهرن ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. هر ضلعي اندر هڪ سرڪاري اسڪول کوليو وڃي. سلهاڙيل اسڪولن کي مالي امداد فراهم ڪئي وڃي. هندستاننين کي سندن مادري ٻولين ۾ به تعليم ڏني وڃي، هندستان ۾ پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تي تعليم لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن.

سر چارلس ووڊ جي مشهور خط “Wood's despatch” کانپوءِ هندستان جي هر پرڳڻي ۾ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو، 1857ع ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ ۾ يونيورسٽيون کوليون ويون. جڏهن ته لاهور ۾ 1882ع ۽ الهه آباد ۾ 1887ع ۾ يونيوسٽي قائم ڪئي وئي. 1858ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي پهرئين امتحان ۾ 13 شاگرد بي اي ۽ بي ايس سي جي ڊگريءَ لاءِ ويٺا، انهن مان ٽن امتحان پاس ڪيو.

               1857ع واري بغاوت کانپوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو راڄ پورو ٿيو ۽ برطانوي سرڪار سڄو ڪار وهنوار پنهنجي هٿ کنيو. اڳتي هلي جڏهن روشن خيال سياستدان وليم گليڊسٽون William Ewart Gladstone)) برطانيا جو وزير اعظم ٿيو ته هن ننڍي کنڊ ۾ سياسي ۽ انتظامي سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن لارڊ رپن کي هندستان جو وائسراءِ مقرر ڪيو ويو ته هن وزير اعظم جي هدايت تي هندستان ۾ مڪاني حڪومتن جي قيام، تعليم عام ڪرڻ سميت تمام گهڻا سڌارا تجويز ڪيا.

لارڊ ميو 1869ع ۾ هندستان جو وائسراءِ ٿيو ته هن ٻين سڌارن سان گڏ هندستان ۾ ڪاليجن جو ڄار وڇائڻ جي به تجويز ڏني ۽ سندس صلاح سان 1872 ع ۾ لکنؤ ۾ هندستان جو پهريون ڪاليج کوليو ويو. جنهن لاءِ سڀ کان وڏو چندو اوڌ جي مهاراجه ڏنو. جڏهن ته ٻين اميرن به ججهو چندو ڏنو. اهو ڪاليج بعد ۾ لکنؤ يونيورسٽي بڻيو. لارڊ رپن جي صلاح تي وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽوِ ڪائونسل جي ميمبر وليم هنٽر جي سربراهيءَ ۾ هندستان لاءِ تعليمي ڪميشن 3 فيبروري 1882ع تي جوڙي وئي. ان کان اڳ هنٽر 1869ع ۾ The Imperial Gazetteer of India لکڻ شروع ڪيو هو، جيڪو 1881ع پڌرو ٿيو، جنهن کي هندستان جو پهريون گزيٽيئر ۽ اهم دستاويز مڃيو وڃي ٿو. وليم هنٽر جي سربراهي ۾ جوڙيل 20 رڪني ڪميشن هندستان ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون.

سنڌ ۾ انگريزي تعليم لاءِ ڪوششون:

انگريزن هندستان جي ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي دير سان فتح ڪيو، جنهن سبب سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ ڪوششون به دير سان ورتيون ويون. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ مڪتبن ۾ فارسي پڙهائڻ تي خاص زور هوندو هو.

سنڌ ۾ انگريزي تعليم جي لاءِ سڀ کان پهرين ڪوشش حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن 1845ع ۾ ورتي، هن هندستان سرڪار کي ساليانو ٽي هزار رپين جي منظوريءَ لاءِ لکپڙهه ڪئي. پر ان تي کانئس مختلف سوال پڇيا ويا. اصل مسئلو استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. هو ٽي سال لک پڙهه ڪندو رهيو. سنڌ گزيٽيئر موجب “ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڪاميابي ملي وئي ۽ هن جي ڪوشش سان 1946ع ۾ فري اسڪول جوڙيو، جيڪو هڪ مقامي ڪميٽيءَ کي ان شرط سان ڏنو ويو ته تعليم ۽ تربيت عيسائي مذهب موجب ٿيندي. ان ۾ انجيل به شامل هوندو. اهو اسڪول 1853ع ۾ ساڳين شرطن تي چرچ مشن سوسائٽيءَ کي سونپيو ويو. ... شڪارپور ۾ به هڪڙو انگريزي اسڪول کوليو ويو ۽ اهو ڪئپٽن گولڊ سمڊ جي نظرداريءَ هيٺ هلندو هو . نيٺ بمبئي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ تعليم کاتو جوڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اٽڪل ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي حمايت ۾ به هلچل هلندڙ هئي”.5

1853ع ۾ سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرڻ کانپوءِ 1855ع ۾ سنڌ ۾ پهريون سرڪاري اسڪول نارائڻ جڳن ناٿ  وديا (اين جي وي) جي نالي سان کوليو ويو. جنهن ۾ پڙهندڙ اڪثر شاگرد هندو هئا، جو ڪراچيءَ ۾ سندن اڪثريت رهندي هئي، پر اسڪول ۾ ڪنهن جي داخلا تي پابندي نه هئي.

سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ قابل استادن جي کوٽ هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ  1854ع ۾ ڪراچيءَ ۾ استادن جي سکيا لاءِ اسڪول کوليو ويو، جيڪو پوءِ حيدرآباد آڻي ان کي ٽريننگ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. سنڌ گزيٽيئر موجب “انهن اُپائن جو اهو نتيجو نڪتو ته 1864-65ع ۾ صوبي ۾ چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول ۽ 56 پرائمري اسڪول کُوليا ويا. انهن ۾ شاگردن جو تعداد 2440 ٿي ويو”.6

1863ع ۾ لوڪل فنڊ جوڙي زمين تي ٽين پتي سيس يا في لاڳو ڪئي وئي، جيڪا تعليم تي خرچ ڪئي ويندي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻا اسڪول کلي ويا. 1875ع تائين سنڌ ۾ ڇوڪرين جا به ويهه اسڪول کلي چڪا هئا. انهيءَ سال سرڪاري طور مڃيل اهڙن ادارن جو تعداد 230 ٿي ويو. جن ۾ 14299 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.  ڏيهي مڪتبن جي سرڪاري امداد جو سلسلو به تيز ڪيو ويو. 1872ع ۾ سول سروس جو ملازم اِي ايم فَلٽن سنڌ ۾ پهريون مڪمل تعليمي انسپيڪٽر مقرر ٿيو. جنهن سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا، پر اهي اڃا اڻپورا هئا. سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ برطانوي سرڪار جنوري 1887ع ۾  انگريز عملدار  اِي گائلس کي ذميواري ڏني وئي. جولاءِ 1887ع ۾ جان جيڪب جي ڀائٽيي ايڇ پي جيڪب کي سنڌ جو تعليمي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. هو مرڻ گهڻي 1885ع تائين ان عهدي تي فائز رهيو. هن سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا.

انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پرائمري ۽ ثانوي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو پر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري پاسي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، جنهن سبب سنڌ جا شاگرد تمام گهڻي تڪليف ڪري بمبئي امتحان ڏيڻ ويندا هئا، صرف مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ انهن کي ٽي ٽي مهينا سفر ڪرڻو پوندو هو.

1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي  جي  سنڌ ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن ايلفسٽن ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ڏنو. انهن ۾ (1) چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي ، 1865ع، (2) سيٺ نائون مل جو پوٽو آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، 1867ع، (3) مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي فريدون بيگ، 1872ع، (4) ٽيڪچند اوڌؤداس واسواڻي، 1875، (5) ڏيارام گدو مل شهاڻي، 1878ع، (6) هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي، 1882ع، (7) ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، 1884ع، (8) بولچند ڪوڏو مل جڳتياڻي، 1884ع، (9) هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي، 1886ع، (10) مٿرا داس جواهري، 1886ع، (11) همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي، 1886ع، (12) دلپتراءِ روچيرام لالواڻي، 1886ع، ۽ (13) وزير مل اُتمچند لالواڻي، 1887ع، شامل آهن. انهن کانسواءِ به ٻن ٻين شاگردن جو ذڪر ملي ٿو.

سنڌ جي پهرئين تنظيم “سنڌ سڀا” جون تعليمي ڪوششون:

               هندستان ۾ انگريزن جڏهن سماجي، قانوني، تعليمي ۽ مڪاني سڌارا پئي آندا ته سڄي هندستان ۾ تنظيم ڪاريءَ جي شروعات ٿي، 1851ع ۾ بنگال ۾ برٽش انڊين ايسوسيئيشن، 1852ع ۾ بمبئيءَ ۾ بمبئي پريزيڊنسي ايسوسيئيشن، 1867ع ۾ بمبئيءَ  ۾ بنگال جي برهمو سماج  جي شاخ قائم ٿي. 1870ع ۾ مهاراشٽر ۾ سر وَجنڪ سڀا برپا ٿي. سنڌ جا شاگرد تنهن دؤر ۾ اعليٰ تعليم بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج  ۾ حاصل ڪندا هئا. بمبئي ۾ رهي انهن ۾ نئين سجاڳي پيدا ٿي. سنڌ جي اهڙن شاگردن ۾ ڏيارام گدو مل شاهاڻي به شامل هو. هن بمبئي ۾ ويهي هندستان جي بدلجندڙ حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ واپس سنڌ اچي 1882ع ۾ هن سنڌ جي سماجي، سياسي، علمي ۽ انساني حقن جي سلسلي ۾ جدوجهد لاءِ  هڪ جماعت جو خيال پيش ڪيو. ڏيارام گدو مل جي ڪوششن سان سنڌ ۾، 1882ع ڌاري سنڌ سڀا نالي سان غير مذهبي، سماجي ۽ سياسي تنظيم قائم ڪئي وئي. جنهن جا ميمبر، هندو، مسلمان، پارسي ۽ عيسائي هئا. سنڌ سڀا قائم ڪندڙن ۾ ڏيارام گدو مل، ڏيارام ڄيٺمل، هرچند راءِ وشنداس، ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، حسن علي آفندي، يوسف علي علوي، ديوان اڌا رام مولچند، ساڌو هيرانند جهڙا قابل انسان شامل هئا. هيءَ جماعت قائم ڪندڙن جو واسطو گهڻي ڀاڱي وڪالت جي پيشي سان هو. مليل رڪارڊ موجب سنڌ سڀا جا مختلف وقتن تي هيٺيان عهديدار رهيا.

ڏيارام گدومل (سرپرست، باني ۽ آفيس سنڀاليندڙ)، حسن علي آفندي (آڪٽوبر 1884ع تائين)، سيٺ آتمارام ڀوڄواڻي (وفات پهرين آگسٽ 1885ع تائين)، ۽ ڏيارام ڄيٺمل(وفات، 21 آگسٽ 1887ع تائين)، هي بزرگ جدا جدا وقتن تي، سنڌ سڀا جا صدر يا مجلسن جا جز وقتي چيئرمن وغيره رهيا. جڏهن ته دولترام ڄيٺمل، سيڪريٽري، ساڌو هيرانند، پريس ۽ اطلاعات سيڪريٽري رهيا.

“سنڌ سڀا پاران، سنڌ جي سوالن، مسئلن، گهرجن طرف چڱو موچارو ڌيان ڏيڻ ۾ آيو. اُنهيءَ ڏس ۾، وقت به وقت، ميڙ سڏايا ويندا هئا. ميڙن ۾، سنڌ جي سوالن، مسئلن تي، پيپر پڙهيا ويندا هئا ۽ انهن تي ميڙ ۾ بحث ٿيندا هئا. راين ۽ ويچارن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. انهن ڪوششن سبب، سنڌين ۾، سنڌ جي مسئلن، گهرجن ۽ ضرورتن طرف ضروري ڌيان ڇڪجڻ لڳو . هڪ قسم جي جاڳرتا جي لهر پيدا ٿي”.7

               سنڌ سڀا سڀ کان اڳ سنڌ ۾ مڪاني حڪومت ۾ سڌارا آڻڻ تي زور ڀريو ، ان سان گڏ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جي قيام لاءِ جدوجهد به شروع ڪئي وئي. 1882ع ۾ لارڊ رپن مڪاني حڪومتن ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو ته سنڌ سڀا مڪاني حڪومتن لاءِ لائق ماڻهو چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ سڀا سنڌ جي عوام ۾ سجاڳيءَ لاءِ ‘سنڌ ٽائيمز’ ۽ ‘سنڌ سڌار’ اخبارون به جاري ڪيون. “آڪٽوبر 1884ع ۾ ميونسپل ايڪٽ جو سڌارو ٿيو. سنڌ سڀا، اُنهن بلن تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو هو، تنهن ۾ ڏيارام گهڻو بهرو ورتو هو. عريضيون جيڪي سرڪار کي ڪيون ويون، تنهن ۾ به سندس هٿ هو”.8

               ديوان گدو مل ۽ سندس ساٿين جي ڪوشش سان سنڌ سڀا انهن چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ميونسپل ادارن ۾ سٺي هلت وارا ماڻهو چونڊرائڻ ۾ ڪامياب وئي. پروفيسر غلام محمد لاکي ‘سنڌ سڀا’ کي سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم سڏيندي لکيو آهي ته “بدقسمتيءَ سان ڪجهه مصنفن هن سڀا جي پس منظر ۾، ڪجهه سرڪاري ڪارندن کي ڏسي، هي راءِ ڏني آهي ته هي انجمن مذهبي ۽ ادبي هئي. هي راءِ صحيح نه آهي. سنڌ سڀا پنهنجي دور جي مڪمل سياسي تنظيم آهي، جنهن ڏهاڪو کن سال، سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، ۽ هتي جي ماڻهن کي پهريائين سياسي شعور ان ذريعي ئي ڏنو ويو”.9

لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ تي ‘سنڌ سڀا’ ۾ اختلاف:

               هندستان ۾ ميونسپل ۽ تعليمي سڌارا آڻڻ سبب لارڊ رپن سڄي هندستان ۾ مقبول ٿي چڪو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪا تعليمي ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي. سنڌ سڀا ان ڪميشن جي ڪاررواين ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ سڀا سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ هڪ ڪاليج کولڻ لاءِ ڀرپور ڪيس تيار ڪيو. ان سلسلي ۾ ديوان ڏيا رام گدو مل  هڪ يادداشت نامو تيار ڪيو. جنهن ۾ هن سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام جي ضرورت ڇو آهي؟ کي بنياد بڻائي تاريخي حوالا به ڏنا. اهو مئمورڊيم اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ شايع به ٿيو. هندستان جو  وائسراءِ لارڊ رپن پنهنجي ايامڪاريءَ جو مدو پورو ڪري، واپس وطن ورڻ جي تيارين ۾ هو. لارڊ رپن کي هندستان جي مختلف حصن مان، مان پتر (عزت ڀريو خط) ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون هيون. اٽڪل هڪ هزار مان پتر تيار ڪيا ويا، اُهي مان پتر، نومبر 1884ع تي، بمبئي جي ٽائون هال ۾، لارڊ رپن کي، هندستان جي جدا جدا جماعتن پاران ڏنا ويا.

“سنڌ سڀا پاران مان پتر ڏيڻ جي سلسلي ۾ آڪٽوبر 1884ع ۾ هڪ گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته لارڊ رپن کي مانپتر ڏنو وڃي. “سنڌ سڀا ۾ به اها رٿ آئي ته سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ کيس مان پتر ڏجي. خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ رٿ ڏني ته مان پتر ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، فقط خط لکي موڪلجيس ته بس آهي. ڏيارام ڄيٺمل انهيءَ جي مخالفت سخت لفظن ۾ ڪئي. چيائين ته جڏهن هندستان جي هر هڪ ڀاڱي مان کيس مان پتر ملي رهيا آهن، تڏهن جي سنڌ مانپتر نه ڏنو ته....... (هتي ڏيا رام ڄيٺمل اگرو لفظ ڪتب آندو). انهيءَ تي خان بهادر حسن علي صاحب کي تمام گهڻي چڙ لڳي ۽ لعنت، لعنت، چوندو سڀا مان نڪري ويو ۽ وڃي مسلمانن جي جدا انجمن ٺاهيائين، جنهن جي تحرڪ سان مدرسو برپا ٿيو. ڏيارام صاحب کي سخت اَفسوس ٿيو؛ ۽ ساري عمر چوندو هو ته زبان مان لفظ تمام سنڀالي ڪڍڻ گهرجن، جو ڏسو ته هڪڙي لفظ لعنت مان ڪيترو ڦيٽارو پئجي ويو”.10

ان جي باوجود لارڊ رپن کي اُهو مان پتر سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل نمائندن ديوان ڏيارام گدو مل، ساڌو هيرانند، فتح علي طيب جي، ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري ۽  لاڙڪاڻي جي وڏي ۾ وڏي زميندار سرائي ٺاري خان لاهوري جي وڏي پٽ ڏنو.

           حسن علي آفندي عليگڙهه جي نواب جي جوڙيل ‘انڊين محمدن ايسوسيئيشن’ جي طرز تي ‘سنڌ محمدن ايسوسيئيشن’ جوڙي. جنهن سنڌ مدرسو به قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ان سانحي سبب سنڌيت جو ٻج سڙي ناس ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيڻ لڳو ۽ صدين کان پيار ، محبت سان  رهندڙ مسلمان ۽ هندو مذهبي بنيادن تي ورهائجڻ لڳا. ‘سنڌ محمدن اسيسوسيئيشن’ اڳتي هلي مذهبي لاڙن کي هٿي ڏني ۽ مسلم ليگ جي قيام لاءِ ماحول تيار ڪيائين. ‘سنڌ سڀا’ به ‘سنڌ هندو سڀا’ جي نالي سان انڊين نيشنل ڪانگريس جي ويجهو ٿي پئي. ان ڏس ۾ حميد سبزوئي لکي ٿو ته “سنڌ جا ٻه ڏاها ان مامري تي اهڙو ته اٽڪيا جو سنڌ صدين جي صدمن ۾ اچي وئي ۽ فرقيواريت هٿان نهوڙجي اڃا تائين سک نه ٿي سنڀري”.11

ڏيارام گدو مل جو سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪيس:

        سنڌ سڀا مان حسن علي آفنديءَ جي وڃڻ جي باوجود ڏيا رام گدو مل سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ بنهه مايوس نه ٿيو، لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ کانپوءِ هن هندستان ۾ تعليم جي سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ کي سنڌ ۾ ڪاليج ڇو ۽ ڇا لاءِ ٺهڻ گهرجي؟ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪيس تيار ڪيو هو، اهو 1885ع ۾ هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع به ٿيو هو، جنهن جو ترجمو گل محمد عمراڻيءَ ڪيو آهي ۽ اهو سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل “سنڌي ٻولي” جي جنوري _ مارچ 2012ع واري شماري ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ ڏيا رام گدو مل دليل ڏئي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۾ انگريزي تعليم ۽ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جو قيام اڻٽر آهي. سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪيس جي مهڙ ۾ هارٽ ڊيوز کي لکيل خط ۾ ڏيا رام گدو مل لکي ٿو ته “ اِهو منهنجو پُختو اعتقاد آهي ته ڪاليجي تعليم اهم سياسي ضرورت آهي، اسان وٽ ٽي رستا آهن. (1) ڪجهه به نه پڙهائجي، (2) ٿورو پڙهائجي، (3) تمام گهڻو پڙهائجي. پهرين واٽ تي هلڻ جو مطلب ٿيندو ته هر قسم جي ترقيءَ کان انڪار، ٻي واٽ خطر ناڪ آهي، جو اڻپوري ڄاڻ هميشه خطر ناڪ هوندي آهي ۽ آخري واٽ نه منفي آهي نه خطر ناڪ. انهيءَ ڪري اِهو متبادل رستو هر حال ۾ اختيار ڪرڻو پوندو ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته سنڌ ڪاليج قائم ڪرڻا پوندا”.12

سنڌ ڪاليج ڪراچي:

               ديوان ڏيارام گدو مل بمبئيءَ ۾ رهي سمجهي چڪو هو ته سنڌ جي ترقيءَ جو دارو مدار انگريزي تعليم تي آهي. سنڌ ۾ تنهن دؤر ۾ اسڪول ته گهڻا کُلي چڪا هئا، پر ڪاليج نه هئڻ سبب شاگرد مئٽرڪ کان مٿي پڙهي نه پئي سگهيا، مئٽرڪ جو امتحان به بمبئي ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو هو. سنڌ ۾ هڪ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ ڏيا رام گدو مل جي زندگيءَ جو مقصد بڻجي چڪو هو. ان دوران هو سنڌ سڀا ۾ به مصروف رهيو ۽ سنڌ سڀا کي به ان مقصد لاءِ ڪتب آندائين. سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن پنهنجي دوستن مان جڏهن ڏيا رام ڄيٺمل سان صلاح ڪئي ته هن کي پهريائين اها ڳالهه نه پئي آئڙي. سندس چوڻ هو ته ڪاليج تي تمام وڏي رقم خرچ ٿيندي. ٻيو ته سنڌ ۾ ڪاليجي تعليم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد به ٿورا آهن. پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻيءَ موجب “ڏيارام به سولو هٽڻ وارو ڪونه هو. چيائينس پئسن کان توهين ڇُٽا؛ مان دادي ميٺارام (ڏيار رام گدو مل جو وڏو ڀاءُ) جي مدد وٺندس. لکپڙهه کان به توهين ڇُٽا، اها به مون پاڻ تي کنئين. رڳو اسان سان ٻِٽُ ٿي بيهجو”. 13

انگريز سرڪار انڊين ايجوڪيشن ڪميشن هيٺ 5 نومبر 1882ع تي سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام جي اصولي منظوري ڏني. جنهن لاءِ سنڌ جي تڏهوڪي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ايڇ پي جيڪب به گهڻي مدد ڪئي. ڏيا رام گدو مل سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي، جنهن ۾ ديوان اوڌا رام مولچند، ڏيا رام ڄيٺمل، رائو صاحب ديوان ميٺا رام گدو مل ، ديوان فتح چند چنديرام، ديوان واڌو مل اوڌا رام، سيٺ هر چند راءِ وشنداس ۽ خانصاحب پستونجي بيرم جي ڪوتوال ۽ ٻيا سندس شروعاتي ساٿي بڻيا. ڏيا رام گدو مل جي ڀاءُ ديوان ميٺا رام کيس آٿت ڏني ته ڪاليج لاءِ هو سندس هر ممڪن مدد ڪندو.، جيڪا هن اڳتي هلي وڏي خوشيءَ سان ڪئي. ڏيا رام سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ واسطي مختلف وقتن تي سنڌ جي ماڻهن کي اپيلون ڪيون، جنهن جي ماڻهن کيس تمام سٺي موٽ ڏني.

               سنڌ ۾ تعليم جي ضرورت ۽ بمبئيءَ ۾ سنڌ جي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ديوان ڏيا رام گدو مل، ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس کي ان ڪري وڌيڪ احساس هو، جو اُهي انهن مرحلن مان گذري چڪا هئا. سنڌ ڪاليج جي سلسلي ۾ انهن ٽن خاندانن سڀ کان گهڻي سرگرمي ڏيکاري، انهن خاندانن دل کولي نه رڳو پاڻ پر مٽن مائٽن، دوستن، يارن کان به وڏا چندا وٺي، ڪاليج جي قيام لاءِ بنيادي رقم گڏ ڪري ورتي. سنڌ ڪاليج لاءِ جيڪو چندو گڏ ٿيو، ڏيا رام گدو مل ان جو سڄو حساب ڪتاب لکندو ويو. جيڪو پروفيسر ايل ايڇ اجواڻيءَ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج (ڏيا رام ڄيٺمل) جي گولڊن جوبليءَ جي موقعي شايع ٿيل “گولڊن جوبلي ڪتاب” ۾ تفصيل سان شامل آهي. ان تفصيل موجب مٿين ٽن خاندانن کانسواءِ ڪراچيءَ جي پارسين، سڄي سنڌ جي هندو پنجائتن، هندو واپارين، سرنديءَ وارن چندو ڏنو. تنهن دؤر ۾ حسن علي آفنديءَ مسلمانن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي سنڌ ڪاليج لاءِ چندو ڏيڻ بدران سنڌ مدرسي لاءِ چندو ڏين. جنهن سبب سنڌ جي ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمانن ڪاليج لاءِ چندو ڏنو هو. شروعاتي طور ٽيهه هزار چندو گڏ ٿيو ته بمبئي سرڪار اهو چئي ڪاليج جي اجازت نه ڏني ته اها رقم گهٽ آهي. ان کانپوءِ ڏيا رام گدو مل ٻيهر چندي لاءِ اپيلون ڪرڻ کانسواءِ پاڻ به چندي لاءِ سنڌ جي دوري تي نڪري پيو. هن وڏي جاکوڙ ڪري 90 هزار چندو گڏ ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي مڪاني ادارن پڻ ساليانو 10 هزار 850 رپيا امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ 1886ع ۾ ‘سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن’ قائم ڪئي وئي، جو حڪومت ڪاليج جي لاءِ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

سنڌ آرٽس ڪاليج جو بنياد 17 جنوري 1887ع تي سول اسپتال ڀرسان بندر روڊ تي ٺٽائي ڪمپائونڊ جي هڪ بنگلي ۾ رکيو ويو، اهو بنگلو ٻن ڊپٽي ڪليڪٽرن ديوان شيونداس ۽ ديوان ٽيڪمداس جي ملڪيت هو، سنڌ ڪاليج جو افتتاح لارڊ ري ڪيو. ان بنگلي ۾ پهرين ماڙ تي ڪلاس ۽ هيٺ پرنسپال آفيس هوندي هئي. سنڌ ڪاليج جو پهريون پرنسپال هڪ انگريز ڊاڪٽر ايم آر وامسلي هو، جيڪو بنيادي طور انجنيئر هو ۽ اڳتي هلي کيس احساس ٿيو ته هن آرٽس ڪاليج ۾ اچي غلطي ڪئي آهي. هو ڪاليج جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ رهندو هو. ڪاليج هڪ پرنسپال سميت پنجن پروفيسرن سان شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ 28 شاگردن داخلا ورتي. ڪاليج جو پهريون وائيس پرنسپال هر دلعزيز پارسي پروفيسر (برجو جي جماسجي پادشاهه) بِي. جي. پادشاهه هو، هو انتهائي ملنسار ۽ فقير منش انسان هو. پروفيسر پادشاهه منطق، تواريخ ۽ فلسفو پڙهائيندو هو. پروفيسر ڀيم ڀائي جيون جي نائڪ حساب، پروفيسر راجواڙي سنسڪرت ۽ انگريزي، مرزا مخلص علي خان فارسي ۽ عربيءَ جو پروفيسر هو. بمبئي يونيورسٽيءَ 14 اپريل 1887ع تي سنڌ آرٽس ڪاليج جو ڳانڍاپو منظور ڪيو. مارچ 1888ع ۾ شاگردن جو تعداد وڌي 49 تي پهتو. ڪاليج جي پهرين بيچ ۾ ڪوبه شاگرد ننڍي عمر وارو نه هو، شاگردن جي عمر 20 کان 35 سالن جي وچ ۾ هئي. شاگردن جو تعداد وڌڻ سبب اپريل 1889ع ۾ ان کي بندر روڊ تي سنڌي جيم خاني لڳ ڊنشا خاندان جي هڪ ٻه ماڙ وڏي بنگلي ۾ منتقل ڪيو ويو. ڏيا رام ڄيٺمل جي ديهانت کانپوءِ سندس پٽن دولترام ڄيٺمل ۽ بولچند گدو مل 17 مئي 1891ع تي سنڌ ڪاليج بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ 25 هزار رپيا چندو ان شرط تي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ته ڪاليج جو نالو سندن والد ‘ڏيا رام ڄيٺمل’ سان منسوب ڪري ‘ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج’ رکيو ويندو، بورڊ سندن آڇ منظور ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت ساڳئي ڏينهن کان سنڌ آرٽس ڪاليج جو نالو ‘ڊي جي سنڌ ڪاليج’ پئجي ويو. ڊي  جي ڪاليج جي 28 شاگردن 1887ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي اي پارٽ ون جو امتحان ڏنو ۽ ٽي شاگرد ليلا رام ڄيٺمل عالمچنداڻي، تارا چند، عالمچند لالواڻي ۽ تلسي داس چٽر ڀوڄ اوجها پاس ٿيا.

               ڊي  جي ڪاليج جي موجوده عمارت جي پيڙهه جو پٿر هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن پنهنجي زال ليڊي ڊفرن سان گڏ 15 نومبر 1887ع تي رکيو، 16 هزار 485 چورس والن تي موجوده عمارت پنجن سالن اندر تيار ٿي وئي ۽ 1892ع ۾ ڪاليج هتي منتقل ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح سنڌ جي ڪمشنر جيمس 15 آڪٽوبر 1892ع تي ڪيو. ڪاليج جي عمارت جو نقشو ڪي ايم سي جي سيڪريٽري انجنيئر جي اسٽريچن تيار ڪيو، جنهن ڪري ڪاليج جي سامهون واري روڊ جو نالو اسٽريچن روڊ رکيو ويو، جيڪو اڄ به ان نالي سان سڏجي ٿو. ڊاڪٽر وامسلي جي وڃڻ کانپوءِ سندس صلاح تي جنوري 1897ع  ۾ پرنسپال ڊاڪٽر ايم جي جئڪسن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته وائيس پرنسپال پادشاهه ئي رهيو. هنن ٻنهي ڏينهن رات محنت ڪري ڪاليج کي مضبوط تعليمي ادارو نڻايو. سندن دؤر ۾ ڪاليج تمام گهڻي ترقي ڪئي.

سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ:

               سنڌ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڏيا رام گدو مل ‘سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن’ ٺاهي هئي، پر جڏهن ڪاليج قائم ٿيو ته ان جو وهنوار هلائڻ لاءِ 17 جنوري 1887ع تي ‘سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ’ جوڙيو ويو. جنهن ۾ سرڪار ۽ ميونسپالٽين جي نمائندن کانسواءِ سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جا ميمبر به رکيا ويا. بورڊ جي جوڙجڪ هن ريت هئي.

ايڪس آفيشو ميمبر: سنڌ جو ڪمشنر (بورڊ جو صدر)، سنڌ جو جوڊيشل ڪمشر (نائب صدر) ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ ڪراچي ڪئنالس جو انجنيئر (ميمبر).

سرڪار پاران مقرر ڪيل ميمبر: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪراچي ۽ سمال ڪازز ڪورٽ جو جج.

سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جا چونڊيل نمائندا: اُڌا رام مولچند، دولترام ڄيٺمل، ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، سيٺ هر چند راءِ وشنداس، آلو مل ٽيڪمداس ۽ پسٽنجي بئرامجي ڪوتوال.

سنڌ جي ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊ جا عيوضي: واڌو مل چنديرام، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي (ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نمائندو)، فيض محمد فتح علي (ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، نولراءِ شوقيرام، ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد (حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، جي ايڇ ائيلن (سکر ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، دولترام صورت سنگهه، پبلڪ پراسيڪيوٽر شڪارپور (شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، پارو مل خوبچند (اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نمائندو)، ۽ ڊاڪٽر آر ايم وامسلي، پرنسپال سنڌ آرٽس ڪاليج (صلاحڪار ميمبر ۽ بورڊ جو سيڪريٽري).

               سنڌ آرٽس ڪاليج بورڊ جي جوڙجڪ ظاهر ڪري ٿي ته ان ۾ سڄي سنڌ کي نمائندگي ڏنل هئي، ٻيو ته ديوان ڏيا رام گدو مل جي ڊائرين مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي سمورن آفيسرن، ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ چندو ڏنو. ڪاليج بورڊ جي اها جوڙجڪ ورهاڱي تائين رهي.

ميٺا رام هاسٽل:

               ڊي . جي ڪاليج نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو، سڄي سنڌ ۾ هڪ ڪاليج هئڻ سبب ڌار ڌار علائقن جي شاگردن هتي داخل ٿيڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. هندن جا ٻار گهڻي ڀاڱي ذاتي يا مسواڙي جاين ۾ رهڻ لڳا، پر اصل مسئلو پوئتي پيل هندن ۽ مسلمانن جو هو. ٻيو ته 1885ع ۾ سنڌ مدرسو قائم ٿيڻ جي ڪري به سنڌ ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، انهن شاگردن ۾ اڪثريت ٻهراڙين جي مسلمانن جي هئي. اها کوٽ محسوس ڪري ڪاليج جي وائيس پرنسپال پادشاهه ڪاليج جي سامهون خالي پيل ميدان تي هاسٽل اڏڻ جي تجويز ڏني، جيڪا رقم نه هئڻ سبب مشروط طور قبول ڪئي وئي ته هاسٽل لاءِ رقم جو بندو بست به پروفيسر پادشاهه پاڻ ڪندو، هن اهو شرط قبول ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ديوان ڏيا رام گدو مل جي وڏي ڀاءُ ديوان ميٺا رام جي گهر حيدرآباد هليو ويو، جنهن کان هو ڀوڳن ڀوڳن  ۾ 15 هزار رپيا وٺي آيو. جڏهن ته خيرپور جي مير به 5 هزار رپيا چندو ڏنو، ڪجهه چندو ڏيا رام گدو مل پاڻ ۽ سندس دوستن به ڏنو، پر هاسٽل جي اڏاوت لاءِ اها رقم اڻپوري هئي، اوچتو سندس ذهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه ڪاليج ۾ ڊراما رچائي رقم گڏ ڪئي وڃي.

سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:

سنڌ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات 1879ع ۾ ٿي، پهريون سنڌي ناٽڪ ‘هير رانجهو’  امام بخش خادم ۽ ٻيو ناٽڪ 1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ ‘ليليٰ مجنون’ لکيو، جڏهن ته ان کانپوءِ مرزا قليچ بيگ، 1885ع ۾ خورشيد ۽ ڪُوڙي مل چندن مل، 1888ع رتنا ولي لکيو، پر تنهن دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ سنڌي ناٽڪ پيش نه ڪندي هئي، هندستان تي ٻين شهرن مان ڪاروباري ناٽڪ منڊليون اينديون هيون، جيڪي اردو، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ ناٽڪ پيش ڪنديون هيون، جڏهن ته انگريز فوجين جي وندر لاءِ پرڏيهي ناٽڪ منڊليون اچي ناٽڪ رچائينديون هيون. پروفيسر پادشاهه جي ذاتي ڪوشش ۽ پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن جي سرپرستيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلي ‘سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊلي’ جي نالي سان 1893ع ۾ قائم ڪئي وئي. جنهن 1894ع ۾ پهريون ناٽڪ ڄيٺانند کلڻنداس ڀريائي جو لکيل ‘نل دمينتي’ پيش ڪيو. ان ناٽڪ لاءِ سڄي شهر جي معززن کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. اڳتي هلي اها ناٽڪ منڊلي ‘ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي’ جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن ويهن سالن تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ناٽڪ پيش ڪيا. اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ناٽڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي جي سرپرستيءَ هيٺ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. ان ناٽڪ منڊليءَ کان اڳ سنڌ ۾ لکيل ناٽڪن فقط ناٽڪن جا مسودا (Script)  سڏبو، ڇو ته اهي ڊرامي جو روپ تڏهن وٺندا، جڏهن اهي عملي طور اسٽيج تي پيش ڪجن. ان سلسلي ۾ سنڌي ننڍي ناٽڪ جي باني ۽ ڊي جي ڪاليج جي پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جي راءِ ڪجهه هن ريت آهي: “ياد رکڻ کپي ته ناٽڪي فن، ٻين فنن وانگر، پاڻ ۾ ئي پورو نه آهي، جنهن کي صرف ڪتب خاني ۾ ويهي مطالع ڪجي، ناٽڪ جو آخرين مقصد تڏهن پورو ٿيل سمجهبو، جڏهن ناٽڪ گهر  (Theater) ۾ اهو ڪري ڏيکاريو وڃي ۽ رنگ ڀومي (Stage)  تي، اداڪاريءَ (Acting) ، چترڪاري(Painting) ، وسترڪاري(Costume) ، سنگيت (Music)  ۽ ناچ (Dancing) جي اُن کي پوري پوري واهر وٺڻي پوي. هڪ عالم جو چوڻ آهي ته ناٽڪ هڪ مرڪب فن (Complex Art)  آهي، جنهن جو مڪمل تاثير تيسين حاصل نه ٿيندو، جيسين رنگ ڀوميءَ تي ڪري نه ڏيکاريو وڃي”.14

اهڙيءَ ريت چندا گڏ ڪري ميٺا رام هاسٽل جوڙائي وئي، جنهن جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر لارڊ نارٿ ڪوٽ 1900ع ۾ ڪيو. هاسٽل جي اڏاوت تي هڪ لک 20 هزار رپيا خرچ آيو. ميٺا رام هاسٽل جو نقشو ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي انجنيئر برنٽون ٺاهيو. هاسٽل 70 ڪمرن تي مشتمل هئي، هر شاگرد لاءِ هڪ ڌار ڪمرو هو. شروع ۾ شاگردن کان هاسٽل في ساليانو 18 رپيا ورتي ويندي هئي. پروفيسر پادشاهه هاسٽل لاءِ 8672 رپين جو فرنيچر هٿ ڪيو. هاسٽل جي آڏو شاگردن لاءِ سوئمنگ پول، ٽينس ڪورٽ ۽ راندين جو ميدان هوندو هو. اها هاسٽل 1990ع تائين شاگردن لاءِ کليل هئي، جيڪا پوءِ رينجرز حوالي ڪئي وئي ۽ اڄ تائين رينجرز جي قبضي هيٺ هئي. تازو ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري ميٺا رام هاسٽل کي ‘سب جيل’ قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا هن قبول ڪئي.

سنڌ جي ثقافت کاتي ان کي “محفوظ ورثو” قرار ڏنو آهي. بمبئي سرڪار ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد وڌڻ سبب ٻي هاسٽل آرٽلري ميدان تي ٺاهڻ لاءِ هڪ لک رپيا منظور ڪيا، پر ٻي مهاڀاري جنگ سبب ان رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڏيا رام گدو مل پنهنجي ڀاءُ ميٺا رام جي خاندان سان گڏجي برنس روڊ تي “شيوا ڪنج” بلڊنگ ٺهرائي، جيڪا شاگرد هاسٽل طور ڪتب آڻيندا هئا. شيوا ڪنج بلڊنگ هاڻي به سلامت آهي، ان جي هيٺئين منزل تي اڄ به دڪان هلندڙ آهي، انهن ۾ حڪيم سعيد جو مشهور همدرد دواخاني واري دڪان به شامل آهي. جڏهن ته مٿيون منزلون مڪمل طور کنڊر بڻجي ويون آهن.

پروفيسر پادشاهه جي دلچسپيءَ سبب سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ کانپوءِ ڪاليج ۾ ٽي سوسائٽيون، ريڊنگ روم سوسائٽي، جيمخانه سوسائٽي، لٽريري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي قائم ڪئي وئي. انهن سوسائٽين اڳتي هلي راندين سان گڏ سنڌي ادب، ثقافت ۽ ناٽڪ جي حوالي سان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.  

ڊي  جي  سنڌ ڪاليج جون تعليمي خدمتون:

               ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پروفيسر پادشاهه جي اڻٿڪ محنت سبب ڊي جي سنڌ ڪاليج سڄي هندستان ۾ نالو ڪڍيو. 1892ع بمبئي يونيورسٽيءَ جي پهرين امتحان ۾ هن ڪاليج جي شاگرد ڪي بي (کٽو مل بولچند) شاهاڻيءَ بي اي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو. مس متيلڊا هنٽ 1895ع ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي پهرين شاگردياڻي ۽ پهرين ايم اي پاس جو اعزاز ماڻيو. هن ڪاليج جا ٽي شاگرد ڪي اي ڀوڄواڻي، مسٽر واز ۽ ٽي ٽي سوڍا هن ڪاليج مان پڙهيل سنڌ جا پهريان شاگرد هئا، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ويا.

               1896ع ۾ ڊاڪٽر جئڪسن موڪل تي ويو ته پرنسپال جي چارج مارش هيس ڪيٿ کي ڏني وئي، جيڪا ڳالهه پروفيسر پادشاهه کي نه آئڙي ۽ هو انتظاميا سان اختلاف ڪري استعيفيٰ ڏئي، ٽاٽا انڊسٽريز ۾ هليو ويو. جيڪو تنهن دؤر ۾ وڏو نقصان ليکيو ويو. ساڳئي سال ڪاليج کي ٻيو وڏو ڌچڪو ڪراچيءَ ۾ پليگ سبب لڳو، سڄو شهر خالي ٿيڻ لڳو ۽ ڪاليج کي عارضي طور حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. پروفيسر پادشاهه جي جاءِ تي پروفيسر نائيڪ وائيس پرنسپل بڻيو. جيڪو اڳتي هلي، ميٺا رام هاسٽل جو پهريون سپرنٽينڊنٽ به ٿيو. شيخ عبدالستار لطف علي پهريون مسلمان شاگرد هو، جنهن هن ڪاليج مان 1919ع ۾ انٽر سائنس ۾ پاس ڪئي.

               1918ع تائين هن ڪاليج جا 5 ئي پروفيسر اعليٰ تعليم يافته يورپي هئا. اي سي مِلر جي وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 1918ع ۾ ايس سي شاهاڻي (صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي) پهريون سنڌي پرنسپال بڻيو. هو ان کان اڳ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو ۽ 1916ع کان 1917ع تائين وقتي پرنسپال به رهيو هو. ايس سي شاهاڻي 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. سندس وڃڻ کانپوءِ اين بي بوٽاڻي ڪاليج جو پرنسپال بڻيو. سندس دؤر ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي وائيس پرنسپال ۽ آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊين هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ اين بي بوٽاڻي پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٺهيا، ڇو ته لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر گر بخشاڻي پرنسپال جي عهدي جي دعويٰ ڪئي، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا. ڊاڪٽر گربخشاڻي فارسي ۽ اين بي بوٽاڻي فزڪس پاڙهيندو هو. ڊي  جي  ڪاليج کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌ جو پهريون آءِ سي ايس مسٽر سوڍا هن ڪاليج جو شاگرد هو، جڏهن ته پهريون سنڌي آءِ سي ايس ايڇ ڪي ڪرپلاڻي به هن ڪاليج شاگرد هو، جنهن سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪاليج جي گولڊن جوبلي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻيو سنڌي آءِ سي ايس اين پي ٿڌاڻي به هتان جو شاگرد هو.

اڳوڻو انجيئرنگ ڪاليج ۽ هاڻوڪي اين اي ڊي يونيورسٽي:

         جنهن جڳهه تي هاڻي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج آهي، اڳي اُتي سرويئرن جي ٽريننگ لاءِ انجيئرنگ جا ڪلاس هلندا هئا، ڊي جي ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن انجنيئر هو، جنهن جي صلاح تي اهي ڪلاس 1888ع ۾ حيدرآباد مان ڊي جي ڪاليج ۾ آندا ويا. تڏهن سنڌ ۾ انجنيئرنگ ۾ ڪا ڊگري يا ڊپلوما ڪانه ملندي هئي، ان ڪري سيٺ وشنداس نهالچند ڪاليج ۾ اندسٽريل شعبو قائم ڪرڻ لاءِ 15 هزار رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر ان رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو.

               ايس سي شاهاڻي جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج پرنسپال ٿي آيو ته ڪاليج ۾ قائم انجنيئرنگ، قانون ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. تنهن دؤر ۾ سکر بئراج جو اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ وارو هو، جنهن لاءِ انجنيئرن جي سخت ضرورت هئي. شاهاڻي صاحب ان موقعي مان فائدو وٺندي 29 آگسٽ 1921ع ۾ ڊي . جي    ڪاليج ۾ انجيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر وسيلي بمبئيءَ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي وئي، جو ڊي  جي ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل هو، يونيورسٽيءَ خراب مالي حالتن سبب سنڌ ڪاليج بورڊ کي انجيئرنگ ڪاليج جي اجازت نه ڏني. شاهاڻي صاحب نااميد نه ٿيو ۽ ان دوران هو پارسي واپاري جمشيد مهتا جي مدد سان ايڊلجي ڊنشا کان ڏيڍ لک، سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خاندان کان 40 هزار رپيا چندو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پرنس آف ويلز فنڊ مان به کيس 50 هزار رپيا مليا. اهڙيءَ ريت ايس سي شاهاڻي 1922ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊي) نالي پويان رکيو ويو. نارٿ ويسٽرن ريلوي جو رٽائرڊ انجنيئر راءِ صاحب ڀوپتاري اعزازي طور ڪاليج جو پرنسپل ٿيڻ لاءِ راضي ٿيو. جنهن کانپوءِ پبلڪ ورڪس کاتي جي انجنيئر جي اين گوڪلي کي انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. بمبئي يونيورسٽيءَ 23 مئي 1923 تي اين اي ڊي ڪاليج جو الحاق منظور ڪيو. پهرين سال ڪاليج ۾ 23 شاگردن کي داخلا ڏني وئي. 1947ع ۾ سنڌ حڪومت اين اي ڊي ڪاليج جو نالو تبديل ڪري اين اي ڊي گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪاليج رکيو ۽ ان جو الحاق بمبئي يونيورسٽيءَ سان ختم ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ سان ڪري ڇڏيو. 1964ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج جو الحاق ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڪيو ويو. پهرين مارچ 1977ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي اين اي ڊي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو.

ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج:

ڊي جي ڪاليج ۾ قانون جا ڪلاس 1890ع ۾ شروع ٿيا. جنهن لاءِ سنڌ جي مشهور قانوندان ۽ ڪاليج جي بانين مان هڪ ٽهلرام کيمچند وزيراڻيءَ پنهنجون خدمتون استاد طور پيش ڪيون، قانون جو شعبو 1908ع تائين يونيورسٽيءَ پاران ختم ڪرڻ تائين ڪم ڪندو رهيو. ايس سي شاهاڻي، اين اي ڊي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کانپوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان شاهاڻي صاحب 1926ع ۾ ڊي . جي   ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ‘سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج’ قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سي شاهاڻيءَ جي تعليمي خدمتن سبب اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تائين هي ڪاليج ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو. 1946ع ۾ حسن علي عبدالرحمان سنڌ مدرسي ۾ سنڌ مسلم ( ايس ايم) لا ڪاليج قائم ڪري ورتو هو، ورهاڱي سبب جڏهن ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ سمورا هندو استاد هتان لڏي ويا ته هن ڪاليج کي بند ڪيو ويو، پر بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان، سنڌ مسلم (ايس. ايم) لا ڪاليج، ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج  ۾ منتقل ڪيو، جنهن بعد ان جو نالو ايس ايم لا ڪاليج پئجي ويو.

سنڌ آرٽس ڪاليج:

           شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. آرٽس شعبي جو ڊين پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو اڳتي پرنسپال بٽاڻيءَ سان گڏ وائيس پرنسپال  ۽ ڊين آف آرٽس به رهيو. ورهاڱي کانپوءِ ڊي جي آرٽس ڪاليج واري عمارت تي قبضو ڪري ان ۾ سنڌ مسلم آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج قائم ڪيو ويو. جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

زرعي ڪاليج جو خيال:

شاهاڻي صاحب حقيقي تعليم دان هو، هو نه رڳو روشن خيال هو پر سندس نظر مستقبل جي تعليمي ضرورتن تي هئي، هن کي اهو احساس هو ته سنڌ زرعي طور خوشحال پرڳڻو آهي، ان لاءِ اڳتي هلي زرعي ماهرن جي ضرورت پوندي، ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ‘سنڌ زرعي ڪاليج’ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي ۽ سندس اهو خواب اڻپورو رهجي ويو.  

يونيورسٽيءَ جو خيال:

سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي پهرين تجويز  ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر جئڪسن ۽ وائيس پادشاهه ڏني هئي، پر بورڊ ان کي منظور نه ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ٻيهر  ايس سي شاهاڻيءَ سرگرمي ڏيکاري . ڊي . جي ڪاليج جي تاريخ لکندڙ پروفيسر ايل ايڇ اجواڻيءَ موجب “سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻ شاهاڻيءَ جو خواب هو، جيڪو هو ڏينهن جو به ڏسندو هو، ان لاءِ هن گذريءَ واري پاسي زمين به ڏٺي هئي. هن ان رٿا تي تمام گهڻو ڪم به ڪيو هو. هن ڊي . جي  ڪاليج بورڊ ۽ بمبئي سرڪار کان منظوري به وٺي ڇڏي هئي. پر يونيورسٽيءَ لاءِ تجويز ڪيل زمين جو اگهه مناسب نه هئڻ سبب ان تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو”. 15

ڇوڪرين جي تعليم:

               ڏيا رام گدو مل جو خواب هو ته سنڌ جي هر ڪنڊ پاسي ۾ رهندڙ سمورين جاتين جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڌرتيءَ جي خدمت ڪن. سندس ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏيندڙن ۾ ايس سي شاهاڻي مکيه ماڻهو هو، جنهن هڪ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ تعليم جي کوٽ کي محسوس ڪيو. 1921ع تائين سنڌ ۾ فقط 7 ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون هيون، 1922ع ۾ اهو تعداد 12 تي پهتو، شاهاڻي صاحب جي همٿائڻ سبب سندس رٽائرمينٽ (1927ع) وقت ڪاليج ۾ ڇوڪرين جو تعداد 39 تي پهچي ويو. شاهاڻي صاحب پنهنجي نياڻين، پوٽين ۽ ڏوهٽين کي به ڪاليج ۾ داخل ڪرائي مثال قائم ڪيو. ان کان اڳ سنڌي ڇوڪريون مئٽرڪ کان اڳتي تعليم حاصل نه ڪنديون هيون. هن ذاتي ڪوششون وٺي ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کي ڊي . جي    ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ بهرو ورتو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر ٿي. ورهاڱي کانپوءِ هوءَ هندستان ۾ به اعليٰ پائي جي سياستدان ليکي وئي.  

ڊي  جي  ڪاليج  ۾سنڌي ٻوليءَ جي تعليم :

ڊي جي ڪاليج جي مکيه عمارت مڪمل طور تي سائنس جي مضمونن لاءِ مخصوص ڪئي وئي. جڏهن ته آرٽس جي شعبي لاءِ وڪٽوريه ميوزيم واري عمارت 75 هزار رپين ۾ خريد ڪئي وئي، آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊين ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو فارسي پڙهائيندو هو، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سنڌي جو مضمون شروع ڪرايو. ان لاءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي سنڌي ۽ عربيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائود پوٽو هن ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وٽ پڙهي چڪو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪوشش سان 1937ع ۾ بي اي ۾ سنڌيءَ جو مضمون شروع ڪيو ويو. جڏهن ته ڪاليج جي ٻين ڪلاسن ۾ به سنڌي لازمي قرار ڏني وئي. بمبئي يونيورسٽيءَ لاءِ سنڌي مضمون جو نصاب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تيار ڪيو هو.

سنڌي ادب جي واڌاري ۾  ڊي . جي  سنڌ ڪاليج جو ڪردار:

ڊي . جي سنڌ ڪاليج گڏيل هندستان جو واحد تعليمي ادارو هو، جنهن سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. نثر، نظم، ناٽڪ، تحقيق، تنقيد، ترجمي سميت سنڌي  ادب جي ڪابه اهڙي شاخ ناهي، جنهن جي واڌاري لاءِ ڊي . جي    سنڌ ڪاليج ڪردار ادا نه ڪيو هجي. هيٺ ڊي جي  سنڌ ڪاليج جي ادبي خدمتن جو وچور ڏجي ٿو.

1. شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊي. جي  سنڌ ڪاليج:

               سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي  جي سنڌ ڪاليج جو ڪردار تاريخي آهي، ساڳئي وقت  تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان به هن ڪاليج جو ماضي شاندار رهيو آهي. سنڌي ٻولي، علم، ادب، تنقيد ۽ تحقيق جي حوالي سان  ڊي . جي    ڪاليج ۾ ٿيل مکيه ڪم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ‘شاهه جو رسالو’ آهي، جنهن کي اڄ تائين گهڻين غلطين کان پاڪ ۽ مستند تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌ جو پهريون عالم هو، جنهن وڏي تحقيق ڪري شاهه جي ڪلام مان ڌاريو ڪلام ڌار ڪيو. ان کان اڳ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو، جنهن رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪرايو. پيسن جي گهٽتائيءَ سبب هو رسالي جا باقي سُر ڇپائي نه سگهيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي جي شايع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پل بندري، شاهه جو رسالو سنگي حروفن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جي ڪتابت حاجي محمد سمي ڪئي. ڪاتب جي اڳيان ٻه يا ٽي قلمي نسخا موجود هئا، جو رسالي جي حاشين تي مختلف پڙهڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن رسالي بابت مقدمي ۾ لکيو ته، “هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو ڪڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾ جيڪوبه ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاهه جي نالي ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند وجهندي چوندا ويندا آهن وغيره، سي به سڀ سواءِ ڪنهن تميز جي منجهس ٿو ڦيا ويا آهن. هن نسخي جي صورتخطي جهوني آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي”.16

بمبئي واري رسالي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي سال 1900ع ۾، مسٽر تاراچند شو قيرام جي مدد سان نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي پوءِ گهڻي تنقيد ٿي. اُن ڳالهه کي مدنظر رکندي، مرزا قليچ بيگ سال 1913ع ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. مرزا صاحب سرڪاري ڇاپي کي سامهون رکندي، بمبئي ڇاپي وارا گهڻا بيت ۽ وايون رسالي ۾ داخل ڪيون ته جيئن پڙهندڙن کي سڀئي بيت هڪ هنڌ ملي سگهن. اڳتي هلي مرزا صاحب واري ڇاپي تي به تنقيد ٿي.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، انٽر جو امتحان ڊي جي  سنڌ ڪاليج مان پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ هو ولسن ڪاليج بمبئي ۾ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ بي اي ۽ 1907ع ۾ ايم اي ڪيائين.جنهن کانپوءِ سنڌ اچي ڊي . جي     ڪاليج ۾ فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. بعد ۾ ڪراچي ۾ ڊي . جي    سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جي پروفيسر طور مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي Ph.D جي ڊگري لنڊن مان حاصل ڪئي. کيس مشرقي ۽ مغربي علمن تي هڪجهڙو عبور حاصل هو. هو سنڌ جو پهريون عالم هو، جنهن سنڌ ۾ جديد سائنسي اصولن هيٺ سماجي سائنس جي شعبي ۾ تحقيق جو بنياد وڌو. جيئن ته هو لنڊن ۾ رهي، جديد تحقيق جي اصولن کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هن پهريون وڏو تحقيقي ڪم ‘شاهه جي رسالي’ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو کنيو. ڊاڪٽر صاحب، شاهه جو رسالو ترتيب ڏيڻ وقت لسانيات ۽ لغات جي اصولن کي نظر ۾ رکي تنقيدي ڪم ڪيو. سندس مرتب ڪيل رسالي جو پهريون ڇاپو 15 ڊسمبر 1923ع ۾ پڌرو ٿيو. جنهن جي منڍ ۾ هو لکي ٿو ته “جيتوڻيڪ شاهه جي رسالي جا ٻه چار جدا جدا ڇاپا موجود آهن، تڏهين به افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته هيل تائين ڪنهن تڪليف وٺي، سچو ۽ صحيح ڇاپو پڌرو نه ڪيو آهي. يورپ جو هيڏي وڏي اوج تي رسيو آهي، تنهن جو هڪ ڪارڻ هيءُ به آهي جو سڀ ڪنهن علم ۽ هنر ۾، خصوصن علم ادب ۾، سندس عالمن نهايت گهڻي کوجنا ڪئي آهي. جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جهڙو عاليشان عالم يورپ ۾ پيدا ٿئي ها، ته سندس ڪلام جي صحيح نسخي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترا عالم پنهنجون حياتيون صرف ڪن ها، ۽ هزارها ڇاپا معنائن ۽ شرحن سميت نڪري وڃن ها پر سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ شاعر جي، اڃا تائين، پوري قدر شناسي نه ڪئي ويئي آهي”. 17

ڊاڪٽر گربخشاڻي، پهرين ڇاپي کانپوءِ ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ هو مهينن جا مهينا ڀٽ شاهه تي وڃي راتيون جاڳي شاهه جي فقيرن کان ڪلام ٻڌندو ۽ ان جي اصلاح ڪندو رهيو، اهڙيءَ ريت هن شاهه جي رسالي جو ٻيو ڇاپو 1924ع ۽ ٽيون ڇاپو 1931ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهي ٽئي ڇاپا هن ذاتي خرچ سان پنهنجو الهه تلهه وڪرو ڪري ڇپايا. شاهه جي ڪلام جي شانائتي شرح تيار ڪري شاهه کي عوام تائين پهچائڻ وارو عالم ڊاڪٽر گربخشاڻي هو. ان ڏس ۾ پير علي راشدي لکي ٿو ته “وقت گذرندي، هوريان هوريان، ان ڪتاب جي برڪت سان، شاهه صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت ۾ سنڌين جي دلچسپي وڌندي وئي. 1930ع کان پوءِ ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو گويا سنڌين کي ڪو لڪيل خزانو نئين سر هٿ آيو آهي. گهڻي تحقيق ان کان پوءِ ٿيندي رهي. ڪيترن ئي ماهرن ۽ مهارت جي دعويدارن ڪلام جا مجموعا شايع ڪرايا ۽ شاهه جي ڪلام کي بوڊاڙيندا رهيا، پر ڊاڪٽر صاحب جي موتين مٽ نظر ڪو نه چڙهيو، ”.18

شاهه جي شارح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي جو چوٿون ڇاپو به تيار ڪيو هو، پر اهي چوري ٿيڻ جي ڪري پڌرو نه ٿي سگهيو. اها تاريخي حقيقت آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو انقلابي موڙ ثابت ٿيو، جنهن سنڌ ۾ تحقيقي علم کي هٿي ڏني. گربخشاڻيءَ پهريون ڀيرو شاهه جي شاعريءَ تان ڏند ڪٿائن ۽ پيري مرشديءَ جو پردو لاهي اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته شاهه جي شاعري سنڌ جي عام ماڻهن  جي جذبن ، اميدن ۽ چاهتن جي شاعري آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو لکيل شاهه جي رسالي جو مقدمو ‘مقدمه لطيفي’ سنڌيءَ ۾ تنقيد جي حوالي سان اهم مقام رکي ٿو. هن مقدمي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ باقاعدي تجزياتي  انداز ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي تنقيدي نظر وڌي آهي. اهو مقدمو 1936ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ‘مقدمه لطيفي’ جي نالي سان شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب، تڏهن ڊي . جي    ڪاليج ۾ پروفيسر هو. سندس مرتب ڪيل ٽنهي رسالن ۾ هن پاڻ کي مهتمم ۽ پروفيسر  ڊي  جي  سنڌ ڪاليج ڪراچي، لکيو آهي. شاهه جي رسالي جي سلسلي ۾ ٿيل تحقيقي ڪم ۾ ڊي  جي ڪاليج ۾ سندس شاگرد علامه دائود پوٽو ٻانهن ٻيلي هو، جنهن جي خدمتن جو اعتراف هن ٽنهي جلدن جي منڍ ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو “روح رهاڻ” به 1933ع ۾ شايع ٿيو، تڏهن هو ڪاليج جو نائب پرنسپال هو.

2. سنڌ ڪاليج مسلني:

           ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ علم سان گڏ ادب ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊليءَ وسيلي جڏهن سنڌي ناٽڪ اسٽيج ٿيڻ شروع ٿيا ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ترقي ڪئي، ان ناٽڪ منڊليءَ سنڌي ناٽڪ جي فن کي عروج ڏنو. اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ۽ ڪاليج جي شاگردن کي علم سان گڏ ادبي اظهار لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو. ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن جون ادبي لکڻيون شايع ڪرڻ لاءِ ڪاليج جو مخزن ‘سنڌ ڪاليج مسلني’ جي نالي سان1907ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن جو پهريون ايڊيٽر ننڍي کنڊ جو ڏاهو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. سنڌ ڪاليج مسلني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق جهڙوڪ: مرزا قليچ بيگ، لعل چند امر ڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي ايل واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، پروفيسر منگها رام ملڪاڻي، ايل ايڇ اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، رام پنجواڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا لکندا هئا. سنڌ مسلني انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڇهه ماهي شايع ٿيندي هئي. ان نه رڳو علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر سنڌي ناٽڪ ۽ ثقافت کي پڻ هٿي ڏني. ان دؤر ۾ لکيل گهڻي ۾ گهڻي سنڌي ناٽڪ هن مخزن ۾ شايع ٿيا. جڏهن ته مسلنيءَ ۾ شايع ٿيل مقالا ۽ مضمونن اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا. جنهن ۾ سنڌ ڪاليج مسلنيءَ جي ايڊيٽر ايل ايڇ اجواڻيءَ جا ڪتاب، ‘ويچار’، ‘اُڇل’ ۽ ‘اُمنگ’ به شامل آهن.

سنڌ ڪاليج مسلنيءَ سنڌي ادب جي هر صنف جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.1927ع ۾ ايل ايڇ اجواڻيءَ جي پروفيسر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ڪاليج مسلنيءَ جو ايڊيٽر پروفيسر ماڙيوالا ٿيو. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ جي فيبروري 1926ع واري شماري ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب پڙهائڻ بابت مقالو شايع ٿيو، جنهن جو بنياد سندس پاران بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ 14 نومبر 1921ع تي سنڌي ادب نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت هڪ رپورٽ تي هو. ان رپورٽ جي بنياد تي بمبئي يونيورسٽيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ ۽ سنڌيءَ جو مضمون نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. گربخشاڻيءَ صاحب جو  اهو مقالو هڪ تاريخي دستاويز آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ اياز به سنڌ ڪاليج مسلنيءَ جا ايڊيٽر رهيا. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ سنڌي نثر، شاعري، تحقيق، تنقيد، مضمون، مقالي نگاري ۽ ناٽڪ نويسيءَ سميت سنڌي ادب جي سمورين صنفن کي ترقي وٺرائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن جو وچور  ڏيڻ لاءِ هڪ ڌار مقالو گهرجي.

3. ڊي  جي  سنڌ ڪاليج لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي:

               ڊي جي سنڌ ڪاليج جي شاگردن جو ادب ۽ تقريري مقابلن ۾ چاهه وڌائڻ لاءِ 1909ع ۾ ڊي . جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن گڏجي “ڊي جي سنڌ ڪاليج لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي” به قائم ڪئي وئي. ان سوسائٽي ۾ ٽي ايل واسواڻي، ايس سي شاهاڻي، پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ٻيا سرگرم هئا. سوسائٽي جو مقصد شاگردن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير جي فن کان واقف ڪرائڻ هو. اڳتي هلي انهن شاگردن سياست ۽ ادب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سوسائٽي پاران هر هفتي ڪاليج اندر جلسو به منعقد ڪرايو ويندو هو. جنهن ۾ يورپي ۽ مقامي دانشورن کي تقريرن لاءِ گهرايو ويندو هو.

4. انڊين مجلس:

ڊي. جي سنڌ ڪاليج ان دور ۾ تعليم سان گڏوگڏ ادب ۽ ثقافت ۾ ڪراچي ۾ پنهنجو ڪردار خوب نڀايو. ادب جي ترقي لاءِ 1919ع ۾ ڪاليج جي شاگردن ‘انڊين مجلس’ قائم ڪئي. جنهن جي پليٽ فارم تان شاگردن ادب لاءِ بي مثال خدمتون انجام ڏنيون. هيءَ انجمن سنڌيت واري نظريي جي ترقي جو وسيلو بڻي. اڳتي هلي شاگردن انهي پليٽ فارم تان اڻ سهڪاري تحريڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو ته سرڪاري عتاب هيٺ آيا.

5. رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب:

               جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊلي ختم ٿي وئي ته، 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ‘رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب’ قائم ڪئي وئي. جنهن جي افتتاح لاءِ خود رابندر ناٿ ٽئگور سنڌ آيو. هن جي هڪ شاخ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڀرسان سرڻاگتي بلڊنگ ڪراچي ۾ قائم ڪئي ويئي. هن ڪلب پاران سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ خوب ڪم ڪيو. ڪلب پاران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا هئا. ان کانسواءِ مذاڪرو، بحث مباحثا ۽ ادبي ويهڪون ڪرايون وينديون هيون. سوسائٽي جي ڪراچي شاخ پاران ساليانو رسالو ‘ انڊس’ سنڌي ۽ انگريزي ۾ شايع ڪيو ويندو هو. جنهن جو ايڊيٽر ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزي ۽ سنڌي پاڙهيندڙ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هوندو هو. هن ڪلب جو روح روان ناٽڪ نويس خانچند درياڻي هو. هن ڪلب نه رڳو ادبي سرگرميون جاري رکيون پر سڀ کان وڌيڪ سماجي حقيقت نگاريءَ وارا  اصلاحي ناٽڪ پيش ڪيا.  

               ڊي  جي سنڌ ڪاليج ڪراچي، هميشه علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي. شروعاتي ڏينهن کان وٺي ڪاليج جي شاگردن کي تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين لاءِ همٿايو ويو. ‘سنڌ ڪاليج اميچوئر ناٽڪ منڊلي’ جي ڪري سنڌ ۾ نه رڳو ناٽڪ نويسيءَ زور ورتو پر نوان هدايتڪار ۽ اداڪار سامهون آيا. ان منڊليءَ جي شروعاتي ناٽڪن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار  ڇوڪرا، ادا ڪندا هئا، پر هوريان هوريان عامل گهراڻن جون ڇوڪريون به ان پاسي آيون. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي يا ڏيارام ڄيٺيمل سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جي سرگرمين کي ڏسي سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جو ناٽڪن سان  وڌيو، جنهن جي ڪري لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ نيون ناٽڪ منڊليون وجود ۾ آيون. جڏهن اها ناٽڪ منڊلي ڪن سببن جي ڪري پوئتي پئجي ويئي ته پرنسپال ايس سي شاهاڻيءَ ذاتي دلچسپي وٺي، ڊرئميٽڪ سوسائٽي ٺهرائي، جنهن جو وهنوار پروفيسر منگها رام ملڪاڻي ۽ پروفيسر جي وي لاکاڻي ڪاليج جي شاگردن سان گڏجي هلائيندا هئا. ان سوسائٽيءَ ۾ ڪاليج جي مختلف ڪلبن ۽ سوسائٽين سان لاڳاپيل شاگرد شامل هئا. ان کانپوءِ ڪاليج اندر 1936ع ۾ ڊي جي ڪاليج جي شاگردن جڳو آڏواڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ‘ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب’ ٺاهي. هن منڊليءَ لاءِ ڪجهه ناٽڪ پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ به لکيا، جيڪي جڳو آڏواڻيءَ پيش ڪيا. جڳو آڏواڻي اڳتي هلي هندستان جو مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ٿيو. 1942ع ڌاري پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ سندس سؤٽ ڪشنچند ناگراڻي، ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن سان گڏجي ‘ڊي  جي ڪاليج سرسوتي گروپ’ قائم ڪيو. هن گروپ طرفان سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان مختلف معلوماتي، تعليمي، تفريحي ۽ ادبي پروگرام ٿيندا هئا. معروف ناٽڪ نويس ڄيٺانند ناگراڻيءَ جاگامٽو سلسلي جا مزاحيه ڊراما، ‘گامٽو ايڊيٽر، گامٽو بئريسٽر ، گامٽو ڊاڪٽر، گامٽو فلم ڪمپني، گامٽو ايم. ايل. اي، گامٽو گھوٽ’ وغيره پيش ڪيا ويا، جيڪي ليکڪ پاڻ رام پنجواڻي جي سهڪار سان اسٽيج تي پيش ڪندو هو ۽ انهن ڊرامن جا خاص اداڪار به ڄيٺانند ناگراڻي ۽ رام پنجواڻي هوندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ اهي ناٽڪ هندستان ۾ به ڏيکاريا ويا. ڊي جي  سنڌ ڪاليج ۾ لکيل ۽ پيش ڪيل سنڌي ناٽڪن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن جي وچور لاءِ هي مقالو ناڪافي آهي.

6. سنڌي ساهت سڀا:

            سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري، سنڌي ٻوليءَ جي مرڪزي لائبريري ٺاهڻ ۽ ٻين ادبي مقصدن لاءِ ‘سنڌي ساهت سڀا’ 15 ڊسمبر 1929ع تي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ۾ قائم ٿي. ان سلسلي ۾ ناميارو محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته “ڪراچي وديارٿي سماگ؛ جي چيئرمين آسانند جي مامتورا؛ سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ صاحبن جي ڪانفرنس ڊي  جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي؛ جنهن ۾ پرنسپال ايس . سي شاهاڻي، جي . اين گوڪلي، اين . اي غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر اين . اي ڦيرواڻي، مسٽر جي . ايم سيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ‘سنڌ وديارٿي سماگ’ جي صدر پرنسپال جي . اين گوڪلي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ڪجهه بحث مباحثي کانپوءِ ايسوسئيشن ٺاهي وئي،  جنهن جو نالو ‘سنڌي ساهت سڀا’ رکيو ويو”. 19

            سنڌي ساهت سڀا، جي ان گڏجاڻيءَ ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ايس . سي، شاهاڻي پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، وائيس پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر دائود پوٽو، وائيس پريزيڊنٽ، لعلچند امر ڏنو مل، جوائنٽ سيڪريٽري، عبدالحق، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آسانند مامتورا، خزانچي چونڊيا ويا. جڏهن ته سڀا جي بنيادي ميمبرن ۾ تنهن دور جا وڏا عالم ۽ اديب جهڙوڪ، علامه آءِ . آءِ قاضي، ڄيٺمل پرسرام، اين . اي غلام علي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، نادر بيگ مرزا، پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻي، ٽي . ايم آڏواڻي ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.  

            سنڌي ساهت سڀا جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ  بورڊ جي رٿ رٿي وئي. آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي. ايم. سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌاري، تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ‘سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ’ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي،  علامه آءِ. آءِ. قاضي،  هرومل سدارنگاڻي خادم، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ‘فاني’، پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. ان بورڊ جي تجويز پڻ سنڌ ساهت سڀا ڏني هئي. جيڪڏهن اڄ به سنڌي ادبي بورڊ جا مول متا پڙهجن ته اهي ساڳيا ئي آهن، جيڪي سنڌي ساهت سڀا ترتيب ڏنا هئا. سنڌي ساهت سڀا ۾ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا. جن اڳتي هلي ‘سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ’ قائم ڪيو هو. سنڌي ساهت سڀا کي سنڌ جي پهرئين منظم ادبي تنظيم سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

7. سنڌي ساهت سميلن:

            گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچيءَ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران “ڪراچي ادبي ميلو” منعقد ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ اهڙن ادبي ميلن جي شروعات ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ٿي هئي. انهن ۾ سڀ کان اهم 15 اپريل 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿيل “سنڌي ساهت سميلن” (سنڌي ادبي ڪانفرنس) هو. جيڪو شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالي “سنڌو” جي ايڊيٽر بولچند وسومل راجپال جي ڪوششن جو نتيجو هو، هن آڪٽوبر 1932ع جي شماري ۾ “سنڌي ساهت سميلن جي ضرورت” جي عنوان سان ايڊيٽر نوٽ لکيو. جنهن کي سڄي سنڌ ۾ ساراهيو ويو، جيئن ته تنهن دور ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور سنڌي ادب ۽ ثقافت جا مرڪز هئا. ڪراچيءَ ۾ ان معاملي تي ڊي . جي    سنڌ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن ۾ تمام گهڻو بحث ٿيو ۽ ان رٿ کي تسليم ڪندي، ان ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

            ڄيٺمل پرسرام مسٽر راجپال هڪ لکيل خط ۾ لکيو ته “سنڌو، جي آڪٽوبر واري پرچي ۾ جيڪو اوهان نوٽ ‘سنڌي ساهتيه سميلن’ جي ضرورت تي لکيو آهي، تنهن چڱو ويچار لهڻو. سنڌي ساهتيه سميلن جي عظيم ضرورت آهي ۽ انهيءَ ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ ‘سنڌو’ هن وقت قدم کڻي سا پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. قوم جي عمارت جو مکيه ٿنڀو آهي، علم ادب. ٻيون ٻوليون ان ڏس ۾ گهڻو واڌارو ڪري رهيون آهن، رڳو سنڌي ٻولي پٺتي رهجي ويئي آهي. منهنجي راءِ آهي ته اوهين اهو سميلن بيشڪ شڪارپور ۾ سڏايو ۽ آواز ڪريو ته مڙيئي ساهتيه جا شائق اچي گڏ ٿين، ويچار ڪن ۽ رٿون رٿين. سنڌ کي هڪ باقانون ‘سنڌي ساهت سڀا’ Academy of Sindhi Literature جي ضرورت آهي. پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر لعلچند جڳتياڻي، مسٽر دائود پوٽي ۽ ٻين جي محنت سان مٿين سڀا ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل آهي ۽ ڪجهه ڪم پئي ڪيو آهيس. منهنجي راءِ آهي ته اوهين انهن مڙني بانيڪارن کي هاڪاريو ته هو سميلن ۾ انهيءَ سڀا جو پڪو پايو اچي وجهن......هندو ۽ مسلمان مڙيئي سنڌيءَ جا عاشق ڪٺا ٿي هن  ڪم کي لڳي وڃن ته گهڻي ڪلهين ڇپر کڄي پوندو. منهنجي توهان سان هن ڪم ۾ سورهن ئي آنا همدردي آهي.” 20

             ‘سنڌي ساهت سميلن’ 15 اپريل 1933ع تي شڪارپور جي ‘ڌرم اُپڪار اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي’ جي هال ۾ منعقد ٿيو. جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪئي. اڳ ۾ رٿيل سٽاءَ موجب سميلن جي صدارت نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي کي ڪرڻي هئي، پر هو پنهنجي پٽ جي بيماريءَ سبب اوچتو بمبئي ويل هو. ان سميلن ۾ “سنڌي ساهت سڀا” قائم ڪرڻ سميت ڪيترائي ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. جڏهن ته “سنڌي ساهت سڀا” جي پهرئين ڪاروباريءَ ڪاميٽيءَ لاءِ چونڊيل ميمبرن ۾ گهڻن اديبن جو واسطو ڊي جي سنڌ ڪاليج سان هو، جيڪي خاص طور ڪراچيءَ مان آيل هئا.

ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي پروفيسر، ڊاڪٽر گربخشاڻي هن سميلن ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، پر تنهن هوندي به ايندڙ مدي لاءِ کيس صدر چونڊيو ويو هو، جڏهن ته خزانچي پروفيسر ڦيرواڻيءَ جو تعلق به ڊي  جي  ڪاليج سان هو. ان کانسواءِ سنڌ جي جن 100 اديبن تي مشتمل ڪاروباري ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، انهن ۾ ڊي . جي سنڌ ڪاليج سان واسطو رکندڙ اديبن، استادن ۽ شاگردن ۾لعلچند امر ڏنومل،  ڀيرو مل مهرچند، ساڌو واسواڻي، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ڊي . جي  ڪاليج جو پرنسپال بٽاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، پروفيسر تاراچند گاجرا، غلام علي نانا  امر لعل هنڱوراڻي، جهامنداس ڀاٽيه، آسانند مامتورا،  پروفيسر اجواڻي،  پرمانند ميوارام، نارائڻداس ملڪاڻي،  خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻيا شامل هئا. اهو سميلن منعقد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڊي  جي سنڌ ڪاليج جي مختلف ادبي سوسائٽين، منڊلين، استادن ۽ شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو. ان سميلن ۾ هڪ ٺهراءُ بحال ڪري سنڌ جي ادب جي ترقيءَ لاءِ  ‘سنڌي ساهت سڀا’ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

8. ڊي  جي  سنڌ ڪاليج ۽ ترقي پسند ادب جي تحريڪ :

ڏيا رام گدو مل جي انسان دوست سوچ جو ڊي جي سنڌ ڪاليج تي هميشه اثر رهيو آهي. هن ڪاليج جو مقصد مذهبي فرق بنا سنڌين کي تعليم فراهم ڪرڻ هو. جيئن ته گدو مل سان گڏ ڪاليج ٺاهڻ وارا سمورا ماڻهو روشن خيال ۽ ترقي پسند هئا. تنهن ڪري هن ڪاليج سنڌ ۾ هميشه روشن خياليءَ جا ڏيئا روشن ڪيا.

1933ع ۾ جرمنيءَ ۾ هٽلر جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ فاشزم جي وڌندڙ خطرن سڄي دنيا جي روشن خيال ۽ انسان دوست اديبن کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ جولاءِ 1935ع ۾ فرانس جي شهر پئرس ۾ ‘ڪلچر جي تحفظ لاءِ’ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانگريس سڏائي وئي. 1936ع ۾ لنڊن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد پيو، انهيءَ زماني ۾ ئي هندستان جي ترقي پسند اديب سجاد ظهير يورپ ۾ رهائش دوران رالف فاڪس ۽ لوئي آراگون، جهڙن اديبن سان ملاقات ڪئي، ساڻن ترقي پسند تحريڪ هلائڻ ۽ هندستان ۾ ان کي وڌائڻ بابت مشورا ڪيا. فرانس جي وڏي اديب، آراگون ترقي پسند اديبن جي جماعت ٺاهڻ لاءِ صلاح ڏني. اهڙيءَ طرح لنڊن ۾ هندستاني ترقي پسند اديبن 1935ع ۾ پنهنجي تحريڪ جو پهريون منشور تيار ڪيو، جنهن تي ڊاڪٽر ملڪ راج آنند، سجاد ظهير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي. ايس .ڀٽ، ڊاڪٽر ايس. سنها ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون صحيحون هيون.

انهيءَ دور ۾ سنڌ جو ترقي پسند اديب ۽ دانشور حشو ڪيولراماڻي،  لنڊن ۾ ‘اديبن جي مجلس’ جو صدر هو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان جا ترقي پسند تحريڪ جي سلسلي ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن سان رابطا هئا. حشو جڏهن سنڌ واپس آيو ته هن شاگرد سياست جي اڳواڻي ڪئي، سندس مرڪز ڊي . جي  سنڌ ڪاليج، ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج ۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج هو. حشو ڊي  جي سنڌ ڪاليج سامهون ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي ڪنڊ تي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ميٺا رام هاسٽل به سندس فليٽ جي ويجهو هئي. تنهن دور ۾ ميٺا رام هاسٽل، شيوا ڪنج هاسٽل  ۽ سرڻا گتي بلڊنگ سنڌ جي روشن خيال شاگردن، استادن ۽ اديبن جي سرگرمين جو مرڪز هوندي هئي. جتي ڪاليجي شاگردن، استادن ۽ اديبن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا.

سنڌي ادب به ترقي پسند تحريڪ کان نه رڳو متاثر رهيو، پر مجموعي طرح سنڌي ادب خاص ڪري شاعري ڪلاسيڪي دور کان وٺي ترقي پسند روين ۽ لاڙن جي حامل رهي آهي، شاهه لطيف جي شاعري پنهنجي دور جي جاگيرداري لاڙن جي مخالف هئي، 1920ع کان سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو ترقي پسند ۽ جديد خيالن جو حامل نظر اچي ٿو.

9. ترقي پسند اديبن جي انجمن:

               گوبند مالهي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز ، سڳن آهوجا، سنتو درياڻي ۽ ٻين گڏجي 1945ع ۾ ‘ترقي پسند اديبن جي انجمن’ جو بنياد رکيو. جنهن جي پويان حشو ڪيولراماڻيءَ جي ترقي پسند سوچ به هئي، پر هو تنهن دور ۾ اديبن بدران شاگردن ۽ پورهيتن جي سرگرمين ۾ وڌيڪ مصروف هو. ‘ترقي پسند اديبن جي انجمن’  ڊي . جي  سنڌ ڪاليج، ايس سي شاهاڻي ۽ اين اي ڊي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جو ڌيان ڇڪايو. ٿوري ئي وقت اندر ادب سان چاهه رکندڙ استادن ۽ شاگردن جو وڏو تعداد هن انجمن  جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. هن انجمن جون گڏجاڻيون هر جمعي تي ان جي آفيس واقع بندر روڊ تي ٿينديون هيون. هن انجمن جي گڏجاڻين ۾ هڪ ئي وقت گوبند مالهي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جهڙا مارڪس وادي، توڙي ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي خيالن جا شاعر، اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا هئا. انهن ۾ ڪڏهن به ڪو مذهبي يا نظرياتي اختلاف نظر نه آيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته “هيءَ انجمن ڪاليجي استادن ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي ۽ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي، شاگردن جهڙوڪ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز ۽ مارڪس وادي  ليڊرن ڪامريد سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره جهڙن ڌڙن تي مشتمل هڪ “ٽمورتي انجمن” هئي، جيڪا ورهاڱي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم تي اثر وڌو. 1947ع ۾ هن انجمن طرفان ‘پرهه ڦٽي’ نالي سان نئين ادب تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو ويو”.21

ترقي پسند اديبن جي انجمن کي زور وٺائڻ ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ قائم ادبي ۽ ثقافتي انجمنن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انجمن جي ادبي ويهڪن جي بندوبست ۾ ڊي. جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جو وڏو هٿ هوندو هو. هن انجمن جي ڪوشش سان سنڌي افساني تي وڏو ڪم ڪيو ويو. 1946ع ۾ ‘سنڌي ترقي پسند ادب’ نالي هڪ سرڪل قائم ڪيو ويو. جنهن جي نظرداريءَ ۾ هڪ ٻه ماهي رسالو ‘مهراڻ’ جاري ڪيو ويو. ٻن سالن کان پوءِ رسالي کي ماهوار ڪيو ويو. اڄ به ‘مهراڻ’ رسالو سرڪاري سهڪار سان ٽماهي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي رهيو آهي.

10.  سنڌي ادبي سرڪل:

               سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙا ڊگهي عرصي کان موجود هئا. جنهن جي بنياد تي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي استادن ۽ شاگردن گڏجي سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد وڌو. سنڌي ادبي سرڪل قائم ٿيڻ جي سال بابت ٻه ٽي رايا آهن، ڪجهه ماڻهن ان جي قيام جو سال 1941ع، ڪن 1942ع ته ڪن وري 1943ع ڄاڻايو آهي. سرڪل جي بانين مان گوبند مالهيءَ جي آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي سنڌڙي منهنجي جندڙيءَ کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته  سرڪل 1942ع جي پوين مهينن يا 1943ع جي پهرين مهينن ۾ قائم ٿي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي پي ايڇ ڊي مقالي ۾ سرڪل جي قيام جو سال 1943ع ڄاڻايو آهي. گهڻي ڀاڱي محقق ان راءِ جا آهن ته شيخ اياز سنڌي ادبي سرڪل جي بانين مان هڪ آهي. جڏهن ته هو پاڻ لکي ٿو ته “1945ع ۾ مان ۽ منهنجو دوست عبدالرزاق راز ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ‘سنڌي سرڪل’ ۾ ويندا هئاسين. جتي مون پنهنجو نظم ‘او باغي، او راج دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني’ پڙهيو هو ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويا هئا. اهو نظم پوءِ ‘لهرون’ جي نالي سان سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام پنجواڻيءَ  اُن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مٺڙي آواز ۾ گهڙي تي ڳاتو هو. انهيءَ سرڪل ۾منهنجي نارائڻ شيام سان واقفيت ٿي”.22

هن سرڪل جي بانين ۾ شاگردن مان گوبند مالهي، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي سوڀو گيانچنداڻي، ارجن شاد ۽ ڊي  جي سنڌ ڪاليج جي استادن مان ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي، منگها رام ملڪاڻي، رام پنجواڻي هئا. هن سرڪل طرفان ٻين ادبي سرگرمين کان سواءِ سنڌي ڊراما به اسٽيج ڪيا ويندا هئا. هن سرڪل رام پنجواڻي جا ٻه مشهور لوڪ ناٽڪ ‘مومل راڻو’ ۽ ‘پکي ۾ پدمڻي’ پيش ڪيا هئا جن ۾ حصو اڪثر ڪري ڪاليج جي شاگردياڻين ورتو هو. پوين ڏينهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي سرڪل جو صدر ۽ شيخ عبدالرزاق راز سيڪريٽري هو. سنڌي ادبي سرڪل استادن ۽ شاگردن جو گڏيل ادبي ۽ ثقافتي محاذ هو. جنهن ترقي پسند سنڌي ادب جي سرجڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هيءَ سرڪل ورهاڱي تائين تمام گهڻو سرگرم رهي.

11. سنڌو ساهت ڪلب:

               ڊي جي ڪاليج ۾ ادبي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ ميٺارام هاسٽل، سرڻاگتي هال ۽ شيوا ڪنج هاسٽل اهم ڪردار ادا ڪيو. ‘سنڌو ساهت ڪلب’ جي پهرين تعارفي گڏجاڻي 3 جون 1944ع تي شام جو سرڻاگتي هال ۾ ٿي. جنهن ۾ ڏيا رام وسڻ مل مير چنداڻي، سوڀراج نرملداس فاني، منوهر داس ڪوڙو مل، آسانند مامتورا، ڄيٺمل پرسرام ۽ شاگردن ليکڪن، ٻڌاڻي امر، پريم جوتسنگهاڻي، ڀڳوان ٿڌاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ جي صدارت منوهر داس ڪوڙي مل ڪئي. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ هڪ ٺهراءَ وسيلي ‘سنڌو ساهت ڪلب’ قائم ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ اتفاق راءِ سان چندو مل لعل سنگهه جئسنگهاڻيءَ کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن ڪلب جو مقصد شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار سنڌي رسالي ‘سنڌو’ کي علمي ۽ ادبي سهڪار فراهم ڪرڻ، عالمن، اديبن ۽ دانشورن جا ڏينهن ملهائڻ، ادبي موضوعن تي بحث مباحثا ۽ مذاڪرا ڪرائڻ هو. هن ڪلب طرفان پهريون مذاڪرو 17 جنوري 1944ع تي ‘سنڌي ٻوليءَ جون خصوصيتون’ جي موضوع تي ڪرايو ويو. جنهن جو مکيه مقرر ڏيا رام چنداڻي هو.

12. سنڌي ادبي سنگت:

ورهاڱي کان گهڻو اڳ سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي. جنهن ۾‘سنڌي ساهت سڀا’، ‘سنڌي ادبي سرڪل’ ۽ ‘ترقي پسند اديبن جي انجمن’ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي اها انجمن سڄي هندستان سطح تي پاڻ مڃائي چڪي هئي. حشو ڪيولراماڻي، سوڀي گيانچنداڻي، برڪت آزاد، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، اي. جي. اتم، شيخ اياز، گوبند مالهي، ارجن شاد، محمد ابراهيم جويي، نورالدين سرڪي، احسان بدوي، جمال ابڙي، موهن ڪلپنا، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، ۽ ٻين اديبن جو تحريرن ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. تنهن دور ۾ لکيل سندن ڪتاب ۽ تحريرون شاهد آهن ته سنڌي ادب هميشه ترقي پسند سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌايو آهي. انهن اديبن جي گهڻي ڀاڱي لاڳاپو سنڌي ساهت منڊل، سنڌي ادبي سرڪل، سنڌي ادبي سنگت سان رهيو. جن جي سرگرمين جو مرڪز ڊي. جي ڪاليج جون سوسائٽيون، ڪلب ۽ ميٺا رام هاسٽل هو.

سنڌي ادبي سنگت جي بڻ بڻياد بابت مختلف رايا آهن، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌي ادبي سنگت، ڊي . جي    ڪاليج سنڌي سرڪل جو تسلسل آهي، ته ڪي وري ان خيال جا آهن ته سنڌي ادبي سنگت جو ان سرڪل سان ڪو به واسطو نه هو ۽ سنڌي ادبي سنگت 1956ع ۾ وجود ۾ آئي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز ۽ ٻين جون يادگيريون پڙهجن ٿيون ته اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان ڪجهه عرصو اڳ ‘سنڌي ادبي سرڪل’ مان ئي ٺهي هئي. سنڌي ادبي سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري تاج بلوچ، ۽ ادل سمورو به ان خيال جا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي راءِ آهي ته ‘سنڌي ادبي سنگت’ 1956ع ۾ قائم ٿي.

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جي جلد ستين ۾ سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته “ورهاڱي کان اڳ ‘سنڌي ادبي سرڪل’ جوڙيو ويو هو. جنهن جي ميمبرن اڳتي هلي 1946ع ڌاري ‘سنڌي ادبي سنگت’ جوڙڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر ان جي باڊي آگسٽ 1947 جي پهرئين هفتي ۾ چونڊي وئي.” 23

سنڌي ادبي سنگت جي بانين ۾ اي جي اُتم به شامل هو. تڏهن پاڻ ماهوار ‘نئين دنيا’ جو  ايڊيٽر  هو. هو  نئين دنيا جي آگسٽ 1947ع واري شماري ۾ لکي ٿو ته “ گذريل آرتوار (آچر) تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ ‘بايرس اينڊ شپرس چيمبر’ ۾ پروفيسر ايم يو ملڪاڻي (منگها رام اڌا رام ملڪاڻي)جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جتي پروفيسر ايم يو ملڪاڻي، لالچند امر ڏنو مل، آسا نند مامتورا، چوهڙ مل هندوجا، منوهر داس تيرٿ سڀاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن پنجابي، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا جهونا خواهه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. شروعات ۾ گوبند مالهيءَ ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار رکيا. جنهن کانپوءِ منوهر داس ڪوڙي مل، آسانند مامتورا ۽ لالچند امر ڏني مل پنهنجا پنهنجا ويچار رکيا. آخر ۾ ‘سنڌي ليکڪن جي جماعت بندي’ لاءِ حال ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌي ادبي سنگت’ جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. جيسين سنگت جون چونڊون ٿين، ڪاروبار هلائڻ ۽ جوڙ جڪ لاءِ  پنجن ڄڻن پروفيسر ملڪاڻي، آسانند مامتورا، چوهڙ مل، بهاري لال ڇاٻڙيا ۽ گوبند مالهي (ڪنوينر)تي مشتمل عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي. هيءَ جماعت سڄي سنڌ جي ليکڪن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. شڪارپور مان شيخ اياز جو احوال آيل آهي ته هو اتر سنڌ ۾ ترقي پسند ليکن جي جماعت بندي ڪري رهيو آهي”. 24

شاگرد سياست:

               سنڌ ۾ شاگرد سياست جو پايو به ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پيو. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ واران سالن ۾ ته ڊي جي سنڌ ڪاليج جي شاگرد سياست جي ناماچاري سڄي هندستان تائين پکڙيل هئي. تنهن دؤر ۾ شاگرد سياست جو مهندار حشو ڪيولراماڻي هو. هو ڊي جي سنڌ ڪاليج جو شاگرد ته نه هو، پر هو ڪاليج ڀرسان رهندڙ هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج، شاهاڻي لا ڪاليج ، اين اي ڊي ۽ ميٺا رام هاسٽل سندس سرگرمين جا مرڪز هئا. تڏهن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي واسواڻي، نارائڻ ڀيو ۽ ٻيا شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪارڪن هئا. ڪراچي اسٽوڊنٽس جو بنياد ته گهڻو اڳ پئجي چڪو هو، پر سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد حشو ڪيولراماڻي وڌو. ان تنظيم ۾ گهڻي ڀاڱي شاگرد حشوءَ جا پوئلڳ ۽ ڪميونسٽ خيالن وارا هئا. حشوءَ جي حڪمت عمليءَ سبب سنڌ جي شاگردن کي انگريزن کي نيڪالي ڏيڻ واري جدوجهد ۾ گهڻا سرگرم رهيا. تعليمي ادارن ۾ فين ۾ واڌ ۽ انتظاميه پاران شاگردن سان ڪنهن به ناانصافيءَ خلاف شاگردن شاندار جهوجهد ڪري ڪيترائي ڀيرا پنهنجا مطالبا تسليم ڪرايا. جن جو تفصيلي ذڪر ڪامريڊ سوڀي جي مضمونن، گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي يادگيرين ۾ تفصيل سان ٿيل آهي. شاگرد سياست جو ڳڙهه به ڊي جي ۽ ان سان سلهاڙيل ڪاليج هئا.  حشوءَ جي سرواڻيءَ “آل سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جو 10 شاگردن تي مشتمل وفد 1942ع ۾ پٽنا ۾ “آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جي مرڪزي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري چڪو هو.

ٽريد يونين سياست:

           شاگرد سياست سان گڏ ڊي جي سنڌ ڪاليج جو ٻيو ڪارنامو  ڪراچيءَ ۾ پورهيت سياست لاءِ بنيادي جدوجهد ڪرڻ آهي. ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حقن لاءِ گهڻي ڀاڱي جدوجهد ميٺا رام هاسٽل ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ شاگردن ڪئي. پورهيت اڳواڻن جي گهڻائي ڊي جي سنڌ ڪاليج، اين اي ڊي ۽ شاهاڻي لا ڪاليج جي شاگردن جي هئي. جن جو سرواڻ به حشو ڪيولراماڻي هو. جڏهن ته ڪامريڊ سوڀو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي ڪي هانگل، گلاب، ڪامريڊ پوهو ۽ ٻيا پورهيتن جي رهنمائي ڪندا رهيا.

ڏيا رام گدو مل (ڊي. جي. ڪاليج) حيدرآباد:

         سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان ڏيا رام گدو مل جي ڪوششون ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ کانپوءِ به ماٺيون نه ٿيون، هن پنهنجي آباڻي شهر حيدرآباد ۾ به اهڙو ئي ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. ان ڏس ۾ ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جي ڊاڪٽر ايني بسنت سندس مدد ڪئي. جڏهن ته ڪاليج جي لاءِ سڀ کان گهڻي مالي مدد ڏيا رام گدو مل پاران پنهنجي وڏي ڀاءُ جي نالي سان قائم ‘ميٺا رام ڌرمائو ٽرسٽ’ پاران ڪئي وئي. سنڌ آرٽس ڪاليج جي نالي سان ان ڪاليج جو افتتاح پهرئين آڪٽوبر 1917ع تي ڊاڪٽر ايني بسنت پاڻ اچي حيدرآباد ۾ ڦليليءَ ڪناري ڪيو. ڏيا رام گدو مل جي وفات کانپوءِ سندس تعليمي خدمتن جي ڪري هن ڪاليج جو نالو 20 جون 1928ع تي ڏيا رام گدو مل (ڊي. جي. ڪاليج) حيدرآباد رکيو ويو. ورهاکي سبب هي ڪاليج 10 مهينا بند رهڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي حيدرآباد جي نالي سان جون 1948ع ۾ ٻيهر شروع ٿيو.

ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ ڊي . جي ڪاليج جو نئون روپ:

         ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جا آثار جڏهن پڌرا ٿيڻ لڳا ته ‘ڊي جي سنڌ ڪاليج بورڊ’پاران ٽي ايم آڏواڻي، رام پنجواڻي، نهچلداس همتسنگهاڻي، ٽي جي خوبچنداڻي ۽ ٻيا سنڌيل لاءِ ڊي جي جهڙوڪاليج کولڻ لاءِ بمبئي ويا، جتي هنن روينيو واري وزير مرارجي ڊيسائيءَ سان ملاقات ڪئي، پر هن سنڌين جي وفد کي مناسب موٽ نه ڏني. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو بيمار ٿي پيو ته ساڳيو وفد هڪ گلدستو کڻي سندس تيمار داري ڪرڻ ويو، کيس اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ هن ترت ئي بمبئيءَ ۾ پوليس لاءِ مخصوص هڪ پلاٽ سنڌين کي ڪاليج اڏڻ لاءِ الاٽ ڪري ڇڏيو. 1948ع ۾ ‘جي هند ڪاليج’ منظور ٿيو. شروع ۾ عارضي طور ايلفسنٽن ڪاليج بمبئيءَ ۾ شام جو ‘جي هند ڪاليج’ جا ڪلاس هلائڻ جي منظوري ڏني وئي. اڳتي هلي 26 آگسٽ 1952ع ۾ جي هند ڪاليج موجوده عمارت ۾ آندو ويو. شروعاتي طور جي هند ڪاليج ۾ اهي سمورا استاد هئا، جيڪي هتي ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندا هئا. سنڌي شعبي جو سربراهه رام پنجواڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1971ع اُتان رٽائرٿيو. جي هند ڪاليج جو شمار ڀارت جي بهترين ڪاليجن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته ‘حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪالجيئٽ بورڊ’ پاران هندستان ۾ هلندڙ تعليمي ادارن جو تعداد تمام وڏو آهي.

               ورهاڱي کانپوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ادبي سرگرميون ڪجهه وقت لاءِ بيهجي ويون هيون، پر ڀارت ۾ جي هند ڪاليج ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ ڊي جي سنڌ ڪاليج وارن استادن ۽ شاگردن کي گڏ ڪري ‘سنڌي ساهت منڊل’ جوڙيو. جنهن ڀارت ۾ نه رڳو سنڌي ادب جي تخليق، تنقيد ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر سنڌي لپي توڙي سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.

               سنڌ جو پهريون ڪاليج هئڻ جي ڪري سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاگرد هن ئي ڪاليج جي پيداوار آهن، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو. انهن جا نالا لکڻ لاءِ هڪ الڳ ڪتاب گهرجي، هتي صرف ڪجهه ماڻهن جا نالا ڏجن ٿا. انهن ۾ننڍي کنڊ جا کوڙ سياستدان، سائنسدان، ڊاڪٽر، وڪيل، آءِ سي ايس آفيسر، واپاري ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ٻيا ماڻهو شامل آهن. انهن ۾ سنڌ جا اڳوڻا وڏا وزير محمد ايوب کهڙو، غلام حسين هدايت الله، پيرزادو عبدالستار، مير بنده علي ٽالپر، قاضي فضل الله، سيد مظفر حسين شاهه، سنڌ اسيمبليءَ جا اسپيڪر ڀوڄ سنگهه جي پهلاجاڻي، سيد ميران محمد شاهه، نثار احمد کهڙو (هاڻوڪو تعليم وارو وزير)، پهرين ڊپٽي اسپيڪر ڄيٺي سپاهيملاڻي، محمد هاشم گذدر، جمشيد نسراوانجي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جئرامداس دولترام، غلام علي چاڳلا، امداد علي ڀٽو، سوامي گوندا نند، ايس سي شاهاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، پرمانند ميوا رام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عطا الله شاهه موسوي، غلام علي نانا، اين آر ملڪاڻي، اي ڪي بروهي، رام ڄيٺملاڻي، عبدالحفيظ پيرزادو، آچاريه ڪرپلاڻي، گوبند رام پي مکي، هميمنداس واڌواڻي، ڏيا رام دولترام،  آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جو پهريون هندستاني صدر ڪارڪا ڊوسا ڀائي فرامجي، غلام رسول ڪيهر، پرمانند ميوا رام، لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي، دادا جشن واسواڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ايل ايڇ اجواڻي، خانچند درياڻي، منگها رام ملڪاڻي، ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، نارائڻ شيام، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، محمد اسماعيل عرساڻي، اياز قادري، هري دلگير، ايٽمي سياستدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان، ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ۽ ٻيا شامل آهن.

               ڊي جي سنڌ ڪاليج سنڌ ۾ ڏاهپ ۽ شعور ائين پکيڙيو، جيئن سنڌوءَ جو پاڻي سنڌ کي سيراب ڪندو آهي. افسوس ته جيڪو ڪاليج اڄ کان 100 سال اڳ يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري ها، ان کي صرف تعصب سبب يونيورسٽيءَ جو درجو نه ڏنو ويو.

حوالا:

1.        Ram Nath Sharma, Rajendra Kumar Sharma, History of Education in India, Atlantic Publishers & Dist, 1996 .P. 75

2.       Ibid. P. 80

3.       Ibid. P. 81

4.       Ibid. P. 81

5. سنڌ گزيٽيئر، (اي ايڇ ايٽڪن) ترجمو: حسين بادشاهه، روشني پبليڪيشن 2006، ص 566

6. ساڳيو، ص 568

7. رامواڻي موتيرام ايس، سنڌ ۽ اسان جو ورثو، شارڊا پرڪاشن بمبئي، 1987ع، ص. 82

8. ڦيرواڻي شيوارم نرسنگهداس پروفيسر، راج رشي ديوان ڏيا رام گدو مل، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص. 27_28

9. www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book84/Book_page4.html#”سنڌ سڀا”--- سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم

10. ڦيرواڻي شيوارام نرسنگهداس پروفيسر، راج رشي ديوان ڏيا رام گدو مل، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص 28_29

11. سبزوئي حميد، فاني جڳ لافاني ماڻهو (ڏيا رام گدو مل شاهاڻي)، ڪويتا حيدرآباد، 2011ع، ص. 22

12. گدو مل ڏيا رام، (ترجمو: گل محمد عمراڻي)، سنڌي ٻولي، سنڌي لئنگيج اٿارٽي. جنوري _ مارچ 2012

13. ڦيرواڻي شيوارم نرسنگهداس پروفيسر، راج رشي ديوان ڏيا رام گدو مل، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع. ص 30_31

14. ملڪاڻي منگها رام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007، ص. 110

15. Ajwani L.H, The Golden Jubilee Book of D.J Sind college Karachi, The Educational Printing Press Karachi, 1939. P. 135

16. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، شاھه جو رسالو: (ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل) ، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1977ع

17. گربخشاڻي هوتچند مولچند ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2012ع، ص. 9

18. راشدي علي محمد پير، اهي ڏينهن اهي شينهن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، (اِي بوڪ سنڌي ادبي بورڊ ويب سائيٽ)

19. پٺاڻ در محمد ، ڪراچي ضلعي جو سنڌ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو، (پي .ايڇ . ڊي، مقالو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ص. 459

20. “سنڌو”، شڪارپور: آڪٽوبر 1932ع، ص ص 323_ 325

21. پٺاڻ در محمد ، ڪراچي ضلعي جو سنڌ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو، (پي .ايڇ . ڊي، مقالو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ص. 459

22. اياز شيخ، “ساهيوال جيل جي ڊائري” ثقافت کاتو سنڌ: 2010: ص. 427. 428

23. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه، جلد ستون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ص. 470

24. ساڳيو. ص. 470

ڊاڪٽر قاسم راڄپر جو هي مقالو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جون 2015ع ۾ شايع ٿيو