رام ڄيٺملاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رام ڄيٺملاڻيءَ جي تصوير

رام ٻولچند ڄيٺملاڻي (14 سيپٽمبر 1923 - 8 سيپٽمبر 2019) هندستاني وڪيل ۽ سياستدان هو. هن ڀارت جي قانون ۽ انصاف وزير، انڊئن بار ڪائونسل جي چيئرمين، ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت ۾ خدمتون ڏنيون. ھو ڏوھاري (فوجداري) قانون (ڪرمنل لا) ۽ اعليٰ سطحي ديواني مقدمن (ھاءِ پروفائيل سول ڪيسن) ۾ ماھر ھجڻ سبب ھندستاني قانوني برادريءَ ۾ مشھور ھيو.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

رام ڄيٺملاڻي پٽ ٻولچند ڄيٺملاڻي ڀارت جو ناليوارو سياستدان ۽ قانوني ماهر، 14 سيپٽمبر 1923ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ 17 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي.

ننڍي ۾ ننڍو وڪيل[سنواريو]

جيئن ته ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد 21 سال هئي، پر هن جي ڪري هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ عمر ۾ ئي وڪيل بڻجي ويو.

عملي زندگي[سنواريو]

رام ڄيٺملاڻيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جـو آغـاز هڪ اسـتـاد جي حيـثيـت ۾ ڪيـو. اُن بعد هن پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي وزير قانون اي. ڪي. بروهيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ هڪ قانوني فرم جو بنياد وڌو. پاڪستان جي قيام بعد فبروري 1948ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهنڪري رام ڄيٺملاڻي، اي. ڪي بروهيءَ جي مشوري سان ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ڌاري هو گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ جو پروفيسر ٿيو، جتي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي پڙهائيندو هو. هو 4 دفعا ڀارت جي بار ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو.

سياسي سفر[سنواريو]

رام ڄيٺملاڻي 1971ع ڌاري باقاعدي سياست ۾ قدم رکيو. 1971ع ۾ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي سهڪار سان الهاس نگر مان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هي ڇهين ۽ ستين لوڪ سڀا ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1975ع کان 1977ع تائين ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾ هندستان جي بار ائسوسيئيشن جو صدر رهيو.

جيل ياترا[سنواريو]

هن ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم انڌرا گانڌيءَ کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو، ان ڪري ڪجهه وقت جيل ۾ رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪئناڊا هليو ويو ۽ اٽڪل ڏهن مهينن کان پوءِ ملڪ موٽي آيو.

وزارت[سنواريو]

1980ع جي عام چونڊن ۾ بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ 1988ع ۾ راجيه سڀا جو ميمبر بڻيو، 1996ع ۾ وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر ۾ قانون جو وزير رهيو ۽ بعد ۾ اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو قلمدان سنڀاليائين. 1996ع ۾ عالمي بار ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو. آڪٽوبر 1998ع ۾ ٻيهر وزير ٿيو. 2004ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طؤر لکنؤ مان اٽل بهاري واجپائيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو، پر ٻين پارٽين جي عدم سهڪار سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. 2010ع ۾ ڀارتيا جنتا پارٽيءَ (BJP) جي ٽڪيٽ تي راجسٿان رياست مان راجيه سڀا جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو. 7 مئي 2010ع تي کيس انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو.

ايوارڊ[سنواريو]

رام ڄيٺملاڻيءَ کي سـندس سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سندون مليل آهن، جن ۾:

  • (1) ’انٽرنيشنل جيوريسٽ‘ اوارڊ‘
  • (2) ’ورلڊ پيس ٿرو لا‘
  • (3) هيومن رائيٽس اوارڊ (جيڪو کيس فلپائين ۾ آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي مليو).

ڪتاب[سنواريو]

سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ:

  • (1) Conscience of Maverick (2007)
  • (2) Big Egos, Small Men

پاڻ تي ڪتاب[سنواريو]

رام ڄيـٺمـلاڻيءَ جي سوانح حيات جي باري ۾ ’نالين گيرا‘ جو ڪتاب: ’Biography: Ram Jethmalani‘ پڻ ڇپيل آهي.

هڪ نجو سنڌي[سنواريو]

رام ڄيٺملاڻي انڊيا جي وڏن وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏهن ڪن معتصب ماڻهن هندستان جي ٽئگور جي لکيل تراني مان ’سنڌ‘ لفظ ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو ته هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت ۾ دليل ڏئي، تراني مان ’سنڌ‘ نالو ڪڍڻ نه ڏنو. رام ڄيٺملاڻيءَ جا ٻه فرزند به ملڪ جا ناميارا وڪيل آهن. رام ڄيٺملاڻيءَ جو شمار انهن سياستدانن ۽ قانوندانن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي هند پاڪ ۾ بهتر لاڳاپن جي هر دور ۾ وڪالت ڪندا رهندا آهن. هي ڏکڻ ايشيا ۾ جنگ ۽ دهشتگرديءَ جو سخت مخالف آهي.[2]

حوالو[سنواريو]

  1. "Ram Jethmalani: Biography: Famous Sindhi Lawyer: Popular Politician: Union Law Minister: India". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-09-12. 
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012