آچاريه ڪرپالاڻي
| آچاريه ڪرپالاڻي | |
|---|---|
| (هندي ۾: आचार्य कृपलानी) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| جماعت | انڊين نيشنل ڪانگريس |
| زال | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان |
| ڪم جي ٻولي | |
| ترميم | |
آچاريه ڪرپالاڻي جو پيدائشي نالو جيوترام ڀڳوانداس ڪرپالاڻي هو، پر سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ”آچاريه ڪرپالاڻيءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. 1888ء ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ولسن ڪاليج بمبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. بنگال جي ورهاڱي خلاف هلچل ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪاليج ڇڏڻو پيس. انکان پوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. 1912ء ۾ ايم. اي پاس ڪري، سکر ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ بهار صوبي جي مظفر ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو. جيئن ته ڪرپالاڻي سنڌي هو، تنهنڪري بهاري شاگرد کانئس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. 1917ء ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ ستيا گره هلچل شروع ڪئي ته ان جو ساٿ ڏنائين. مهاتما گانڌي مظفرپور ۾ وٽس اچي ترسندو هو، انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. ان کان پوءِ آچاريه ڪرپالاڻيءَ سڄي زندگي مهاتما گانڌيءَ جو ساٿ ڏنو. 1918ء ۾ پنڊت مدن موهن مالويه جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1919ء ۾ بنارس جي هندو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ سياسيات جو استاد بڻيو. 1920ء ۾ جليانوالا باغ واري واقعي تي مهاتما گانڌيءَ سِول نافرماني تحريڪ شروع ڪئي ته آچاريه ڪرپالاڻي به وديشِي ڪپڙن کي ساڙي هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ائين سال کن کان پوءِ وري اچي گانڌيءَ سان شريڪ ڪار ٿيو. 1922ء کان 1937ء تائين هو ”گجرات وديا پيٺ“ جو پرنسپال رهيو، 1934ء ۾ انڊيا ڪانگريس آل انڊيا ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1946ء تائين اهو عهدو وٽس رهيو، آڪٽوبر 1946ء ۾ انڊيا ڪانگريس آل انڊيا ڪانگريس جو صدر منتخب ٿيو، پر پوءِ پارٽيءَ ۾ اختلافن سبب استعيفا ڏنائين. انگريزن خلاف سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي بعد ڀارت جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1951ء ۾ پنهنجي ڌار سياسي پارٽي ”ڪانگريس نيشنل ڊيموڪريٽ فرنٽ“ قائم ڪيائين، 1952ء کان 1957ء تائين لوڪ سڀا جو به ميمبر رهيو. آزاد خيال ۽ ڪشاده دل انسان هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس وفات 1982ء ۾ ٿي.[1]