پرمانند ميوا رام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم[سنواريو]

پرمانند ميوارام 1866ع ڌاري حيدرآباد ۾ هڪ عامل گهراڻي ۾ جنم ورتو[1].

سوانح[سنواريو]

پرمانند ميوارام (Parmanand Mevaram) جا وڏا سک ڌرم اختيار ڪري چڪا هئا. هو اڃا ٻارنهن سالن جو هو، جو هن جو پيءُ گذاري ويو، جنهن ڪري هو سيبتي نموني تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. هن شروعاتي تعليم مسلمانن جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي چرچ مشنري اسڪول حيدرآباد ۾ قدم رکيائين ۽ ماستري اختيار ڪيائين، جتي عيسائيت جي پرچار کان متاثر ٿي عيسائيت اختيار ڪيائين، جيڪا ڳالهه سندس مائٽن ۽ سک هندو سنتن کي نه وڻي ۽ هنن جي مخالفت جي ڪري ته هو ڪچڙن ذهنن ۾ عيسائيت جو ٻج ٿو پوکي، هن کي ماستري ڇڏڻي پئي. ان وقت هو يونين اڪيڊمي اسڪول ۾ (جيڪو اڳتي هلي نولراءِ اڪيڊمي جي نالي سان سڏجڻ لڳو) ماستر هو. ان کانپوءِ هو سڄي سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار کي لڳي ويو ۽ ايتري قدر جو ”هڪ حيدرآبادي“ جي نالي سان ”قرآن جو بنياد“ جي نالي سان هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو، انهيءَ ڪتاب جو دليلن سان جواب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”فتح محمدي“ ۽ ”فتح الهادي“ نالي ڪتاب لکي ڏنو[1].پرمانند ميوارام جا وڏا هندن جي منشياڻي آڪہ مان هئا. سندس ڏاڏو مورجمل پهريون عامل هو، جنهن دين اسلام قبول ڪيو. هن جي عمر جڏهن ننڍي هئي ته سندس والد به مسلمان ٿيو، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرمانند ابتدائي تعليم مسلمان آخوند وٽان ورتي. ان کان پوءِ انگريزي تعليم حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان ورتائين. کيس 1884ع ۾ ”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ ملازمت ملي. انهيءَ سلسلي ۾ سکر ۾ ۽ ڏيپلي به وڃڻو پيس. ٽن سالن بعد تعليمي، ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. ”ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“ حيدرآباد ۽ ”يونين اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“ رکيو ويو. مذهب بدلائڻ سبب کيس ”يونين اڪيڊمي“ ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ”ڊسٽرڪٽ ڪورٽ“، حيدرآباد ۽ پوءِ 1894ع کان 1897ع تائين ”سينٽ پيٽرڪ اسڪول“ ڪراچي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو پيو[2].

جوت اخبار[سنواريو]

جوت اخبار 1896ع ۾ شروع ٿي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ پرمانند به شامل هو، جيڪو انهيءَ جو سنڌي ڀاڱو ”کيمچند“. سان گڏجي سنڀاليندو هو. 1900ع پرمانند انهيءَ اخبار جو مُک ايڊيٽر ٿيو ۽ مرڻ گهڙِي تائين ان سان لاڳاپيل رهيو[1]. جوت اخبار جيئن ته عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ حيدرآباد مان جاري ڪئي ويئي ۽ ان جي لکيتن کي وري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. انهي ۾ ڇپجندڙ چونڊ لکڻين جو پهريون ڳٽڪو 1904ع ۾ ”دل بهار“ جي نالي سان شايع ٿيو. دل بهار چئن ڀاڱن ۾ ڇپيو، جن کي پرمانند پاڻ ترتيب ڏنو. جوت جي لکيتن جي ٻي چونڊ ”گل ڦل“ جي نالي سان پيش ڪئي ويئي. اهو به ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو. پهريون ڀاڱو 1925ع ۾ ۽ ٻيو 1936ع ۾. جوت جا سنڌي مضمون گهڻو ڪري پرمانند جا لکيل هوندا هئا. جوت جو انگريزي ڀاڱو به هوندو هو. جوت جي چونڊ جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. (1) دل بهار (2) گل ڦل (3) پروليون يا ڳجهارتون. جوت اخبار جيتوڻيڪ عيسائيت جي پرچار واسطي ڪڍي ويئي هئي، پر انهيءَ سنڌي سماج کي سڌارڻ ۽ ٻولي جي ترقي جي لاءِ به ڪوشش ڪئي. بقول ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي جي، ”جوت اخبار جيڪا سچ پچ سنڌي ساهت جي جوت هئي، پرمانند ان ۾ گوناگون، پنگتي، تعليمي، اخلاقي، ادبي، تاريخي، ۽ مذاقي لکڻيون ڏيندو هو. جن پاٺڪن کي نه رڳو سکيا، وندر ۽ سوچ ڏني. پر هنن ۾ پنهنجي ساهت ۽ ٻولي لاءِ سڪ پيدا ڪئي.جيڪڏهن جوت اخبار جاري نه ٿئي ها ته پرمانند ميوارام نڪي سنڌي عالم ٿئي ها، نڪي پرمانند ميوارام ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪتاب جوڙي سگهي ها“[1].

ڪرسچن ريڊنگ لائبرئري[سنواريو]

پرمانند رڳو جوت اخبار نه هلائيندو هو پر ”ڪرسچن ريڊنگ روم ۽ لائبريري“ (Christian Reading room and Library) به قائم ڪيائين، جتان عام ماڻهو فائدو وٺندا هئا[1].

ڊڪشنريون[سنواريو]

لغت نويسيءَ جي حوالي سان پرمانند ميوارام جو نالو بنهه مٿانهون آهي. هن جيڪي ٻه ڊڪشنريون سنڌي، انگريزي ۽ انگريزي سنڌي جوڙيون تن جو مٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ٻيو ٿي ناهي سگهيو. اڄ به انهن ڊڪشنرين جي بنيادي حيثيت آهي. هن پهريائين ”سنڌي-انگريزي“ ڊڪشنري (Sindhi-English Dictionary) جو ڪم هٿ ۾ کنيو، پر ڇاپي ۾ وري پهريائين ’سنڌي - انگريزي ڊڪشنري‘ آئي. هن ٻنهي ڊڪشنرين جي تيار ڪرڻ ۾ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. عام ماڻهو کان ويندي فني ۽ خاص ماڻهن، ڌندوڙين، عالمن، اديبن توڙي مختلف ڊڪشنرين، فني ڪتابن وغيره کي ڏٺو. هن انهيءَ ڪم ۾ ديوان روچيرام گجومل، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند ۽ سجهرام ٽهلرام کان پڻ ڪافي مدد ورتي. پوين لغت نويسن هنن ڊڪشنرين کان وڏو ڪم ورتو، ڊاڪٽر بلوچ ته هنن ڊڪشنرين ۾ ڪتب آيل لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن کي کڻي پنهنجي جامع سنڌي لغات ۾ شامل ڪيو آهي. هن جي سنڌي-انگريزي ڊڪشنري 1910ع ۾ ۽ انگريزي-سنڌي، ڊڪشنري 1933ع ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون. پر اڄ به انهن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي[1].

عيسائت جو پرچار[سنواريو]

پرمانند عيسائي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ عيسائيت (Christianity) جي پرچار لاءِ وڏو ڪم ڪيو. جوت اخبار کانسواءِ هن هڪ جرمن اٽامس آ ڪيمپس، جي لکيل هڪ ڪتاب جو سنڌي ۾ ڪرست جي پيروي (Follow the Christ) جي نالي سان ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب 1923ع ۾ چپيو[1]. سندس ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب ”هيرو-گلو“ آهي، جيڪو انگريز ليکڪ ”ڪئن سمٿ“ جي لکيل هڪ نصيحت آموز ڪهاڻي آهي. ترجمو ڪندي پرمانند ڪردارن جا انگريزي نالا مٽائي سنڌي هندن ۽ سکن جا رکيا آهن. هن ڪتاب جا خاص خوبي اها آهي ته ان ۾ نيڪي ۽ بدي ٻنهي جي گڻن ۽ اوگڻن کي نروار ڪري ڏيکاريو ويو آهي. پرمانند جي مشهور ڪتابن ۾ ”گل ڦل“ جي وڏي اهميت آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو، اڳتي هلي هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن کي گڏي هڪ جلد ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو. ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي وارتا بيان ڪندي پرمانند لکي ٿو: ”تنهن لاءِ ڪن دوستن جي صلاح ٿي، خاص ڪري پروفيسر ايڇ ايم گربخشاڻي ايم اي جي ته ”جوت“ ۾ ٽيهارو ورهين کان جي طرح طرح جا مضمون پئي پيا آهن. ڇا اخلاقي، ڇا تعليمي، ڇا تواريخي، ڇا سائنس جا، ڇا جيتن، پکين ۽ جانورن جا بيان، ڇا جهونن ۽ ڊٺلن شهرن جا احوال، ڇا سورمن ۽ نيڪ مردن ۽ زالن جا چريتر، ڇا جهنگ جا ٿيل شڪار، ڏند ڪٿائون ۽ عمديون ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ۽ نقل سي چونڊي هڪ هڪ ڪتاب ڇپائجي....سو اهڙا مضمون ڪڍي هن رسالي ۾ ڇپايا ويا آهن“[1].

لکڻيون[سنواريو]

پرمانند ميوارام جي لکيل /تيار ڪيل/ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي[1].
(1) هيرو گلو (1936ع)
(2) لورڊ جي ناري
(3) ڪرست جي پيروي (ترجمو)
(4) لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو
(5) قرآن جو بنياد (ترجمو)
(6) آتمڪ امرت
(7) ڌرم مورتي
(8) اپائڻهار جي هستي
(9) دل بهار 1904ع (چار ڀاڱا)
(10) گل ڦل (ٻه ڀاڱا)
(11) سنڌ باد سيلاني
(12) هيري جي منڊي
(13) يوسف مصري
(1945ع)،
(14) اپولو جو قصو،
(15) شاهه جي رسالي جو سرڪاپائتي
(16) انگريزي-سنڌي ڊڪشنري
(17) سنڌي-انگريزي ڊڪشنري
. ان کانسواءِ مضمون ”مياڻي جي جنگ“ جيڪو پوءِ ”سنڌ جا مير“ نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيو[1].

عبارت ۽ ٻولي[سنواريو]

پرمانند جي ٻولي سادي، مٺي، مائيدار ۽ دل لڀائيندڙ آهي. موقعي ۽ مهل سارو تز لفظ، محاورا، پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون استعمال ڪيون اٿس. پرمانند جي ٻولي بابت سنڌي نثر جي تاريخ ۾ منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو: ”پرمانند ميوارام عيسائي هوندي به ادب جي ميدان ۾ بنا ڪنهن ساڙ يا ڪٽرپڻي جي، سدائين ٺيٺ ۽ گهريچي سنڌي واپرائيندو هو. ديوان ڪوڙو مل وچ ۾ سنسڪرت اکرن ۾ وڃي اڙيو هو. مرزاقليچ بيگ پڇاڙي ۾ پنهنجي سليس لکڻي اڀوڳائي ۽ الوڻائي جي حد تي آڻي ڇڏي هئي. ديوان ڏيارام به ڪڏهن ڪڏهن ڏکيا سنسڪرت ۽ فارسي لفظ استعمال ڪندو هو، پر پرمانند صاحب، سنڌي نثر جي انهن چئن ٿنڀن مان هڪڙو ئي ليکڪ هو، جنهن ڪڏهن به ڏکيو يا گٿل يا گهرگهلو لفظ ڪتب ڪونه آندو ۽ سدائين اهي سرل فارسي ۽ هندي لفظ ڏيهي سنڌي سان ملائيندو هو. جي ڪَن رس پيدا ڪن ۽ نڙيءَ ۾ ڦاسي نه پون ۽ نڪي محاورن جون غير سنڌي صورتون ورتائيندو هو. سندس مضمون اڪثر ڪري ڌرمي. اخلاقي، تعليمي، وگياني، تواريخي ۽ پنگتي وشين تي لکيل هوندا هئا. تنهن کانسواءِ اعلى پرشن ۽ نارين جون مختصر جيوڻيون به لکندو هو ۽ سير سفر جا دلچسپ بيان پڻ ڪندو هو. جن کي سيلاني ليکڪن جي نئين شاخ سمجهڻ کپي. خريدار ٽوٽڪن ۽ پرولين معرفت، سنڌي ادب ۾ جيڪا مزاح جي کوٽ هئي، سابه پوري ڪيائين[1].“

ديهانت[سنواريو]

پرمانند 29 نومبر 1938ع تي پرلوڪ پڌاريو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-11 
  2. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مقالو: (قسط 2. آخري)؛ سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب"؛ رسالو؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو