نارايڻ شيام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

نارايڻ شيام ولد گوڪلداس ناگواڻي، 22 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم، ضلع نوشهري فيروز سنڌ ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم بي-اي 1942ع ۾ ڊي-جي سنڌ سائنس ڪاليج، ڪراچي مان حاصل ڪيائين. پهرين 46-1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ دهلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

ادبي سفر[سنواريو]

نارايڻ شيام (Narayann Shayaam)، ڪشنچند ’بيوس‘ جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان هو ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي سنڌي ادبي سرڪل ۾، ورهاڱي کان ٿورو اڳ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. هنن سنڌي شاعري کي نين صنفن (آزاد نظم ۽ سانيٽ) ۽ نون رِدمن کان واقف ڪيو. نوان تجربا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون واٽون ٺاهيون. نارايڻ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1953ع ۾ هري دلگير جي شاعري سان گڏ ”ماڪ ڦڙا“ جي نالي سان ڇپيو. ”ماڪ ڦڙا“ ۾ شيام جي اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي، جنهن ۾ آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، نظم وغيره شامل آهن. تنوير عباسي جي لفظن ۾: ”ماڪ ڦڙا ۾ ڪن نظمن جو موضوع سنڌي شاعريءَ لاءِ ان وقت به انوکو هو ۽ اڄ پڻ انوکو آهي.“ شيام جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”پنکڙيون“ جي نالي سان 1955ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس 54-1953ع جي شاعري شامل آهي. هن مجموعي ۾ هڪ سئو رباعيون ۽ هڪ ڊگهو نظم ’روپ مايا‘ شامل آهن. رباعي فارسي شاعري جي صنف آهي، جيڪا هڪ خاص بحر ’فرج‘ ۽ ان جي ’زحافن‘ تي لکي سگهبي آهي. چئن سٽن ۾ خيال جي اونهائي ۽ موضوع جي هميھ گيري سان گڏوگڏ ڪنهن حد تائين چوٽ جو عنصر ضروري آهي. نارايڻ شيام انهيءَ ٺيٺ فارسي صنف کي عام فهم سنڌي ٻوليءَ جو ويس پهرايو، سو به ان طرح جو سنڌي جو لهجو، اُچار ۽ ردم قائم رهي. اهو فقط شيام ئي ڪري سگهيو آهي. شيام جو ٽيون مجموعو ’رنگ رتي لهر‘ 1956ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ رڳو غزل اٿس. ’رنگ رتي لهر‘ کان سواءِ ’واريءَ ڀريو پلاند‘، (1968ع) آڇيندي لڄ مران (1972ع) ۽ مهڪي ويل صبح (1983ع) پڻ غزلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ”روشن ڇانورو“ (1962ع) ۾ به ڪافي غزلن جو تعداد شامل آهي، روشن ڇانورو ۾ دوها، سورٺا ۽ ترائيل پڻ شامل آهن. ۽ ’ماڪ ڀنا رابيل‘ (1964ع) ۾ وايون ۽ هائڪو (جن کي شيام ”تصويرون“ سڏيو آهي)، دوها، سورٺا، بيت، رباعيون ۽ نظم شامل آهن. پر ’غزل شيام جي سموري شاعريءَ تي ڇانيل ٿو نظر اچي. نارايڻ شيام جي انهن غزلن جي حوالي سان شاعر ارجن حاسد هڪ هنڌ راءِ ڏيندي لکيو آهي: ”نارايڻ شيام جي غزل جون بي مثل ۽ نراليون وصفون کيس عالمي شاعرن ۾ بيهارين ٿيون. جهڙيءَ طرح اردوءَ ۾ مير، غالب ۽ فراق گور کپوري جهڙن شاعرن جي غزل جون خوبيون تواريخي سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون، تهڙيءَ طرح نارايڻ شيام جو غزل به سنڌي شاعري ۾ سنگ ميل جي قدر و قيمت رکي ٿو. در حقيقت سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن جو مقابلو نارايڻ شيام جي غزل سان ٿي سگهي. مقابلو ته مقابلي جي ماڳ، سندس معيار جي اوچاين جي نزديڪ به اڃا تائين ڪوئي شاعر نه پهچي سگهيو آهي.“ تنوير عباسي، شيام جي شعري مجموعي ”بُوند، لهر ۽ سمنڊ“ ۾ شيام جي غزلن جي اڀياس ڪندي لکي ٿو، ”شيام جي غزلن ۾ حقيقت نگاريءَ سان گڏوگڏ انسان دوستي، بي تعصبي، امن ۽ محبت جا اعلى قدر موجود آهن. هن وٽ جنگ کان نفرت جا جذبا تمام چٽا ۽ پڌرا آهن. نارايڻ شيام جي هڪ غزل ۾ به اوپرو ماحول نه ٿو ملي. هن جي ذري گهٽ هر غزل جوماحول سنڌي آهي، ڪٿي ڪٿي دهليءَ جي شهر جا نظارا آهن، جيڪو پڻ شيام جو پنهنجو مشاهدو آهي، پر شيام غزل جهڙي ڌارين صنف ۾، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار، سنڌ متعلق پراڻين يادگيرين جا عڪس اهڙي ته فنڪاريءَ سان آندا آهن، جو غزل جو روايتي تغزل به نه ٿو زخمي ٿئي ۽ شيام، پنهنجو اظهار به ڪري ٿو وڃي. حالانڪ اُن دور ۾، جڏهن شيام جي شاعري نسري هئي، ته سنڌي غزل جو رنگ ڍنگ ايراني هو.“ شيام جو اهو مجموعو ”بوند، لهر ۽ سمنڊ“ 1986ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 1983ع کان وٺي 1986ع تائين جا لکيل غزل شامل ڪيل آهن. شيام جي ڇپيل ٻين ڪتابن ۾ ”نه سو رنگ-نه سا سرهاڻ“ (1987ع)، ”ڏات ۽ حيات“ (1988ع)، ”راهون پنڌ پيون“ (1998ع)، نکريو آهي نينهن (1999ع) شامل آهن. پويان ٻيئي مجموعا سندس شاعري جي مجموعن مان چونڊيل شاعري تي مشتمل آهن، جيڪي مصطفى نانگراج جا مرتب ڪيل آهن. تنهن کان سواءِ شيام جا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪبير“ (پرڀاڪر ماچوي جي انگريزي مونوگرام جو ترجمو) 1980ع ۽ غالب (ايم مجيب جي انگريزي مونوگرام جو ترجمو) (1986ع) پڻ ڇپيل آهن. نارايڻ شيام سنڌي شاعري جو سرموڙ شاعر هو. سندس شعر ۾ جذبن جي نرمي ۽ گرمي ۽ سندس سٽ سٽ ۾ وهندڙ سنڌو جي ڌيمي رواني آهي. شيام نه رڳو غزل پر شاعريءَ جي هر صنف ۾ پنهنجي لفظن جو جادو جاڳايو آهي. ۽ نوان نوان تجربا ڪيا آهن. سڳن آهوجا جي لفظن ۾: ”شيام باشعور ۽ جدت طراز شاعر آهي، هو سنڌي شاعريءَ ۾ موضوع خواه هيئت يا فارم جي لحاظ کان سدائين نوان نوان تجربا ڪندو پئي آيو آهي.“ (روشن ڇانورو-مهاڳ، صفحو 12)

شيام جي شاعري جي باري ۾ موتي پرڪاش جي رائي[سنواريو]

شيام جي شاعري جو اڀياس ڪندي، موتي پرڪاش لکي ٿو: ”شيام جي شاعري جو درد ان ڪري انفرادي درد کان مٿي آهي. هن پنهنجي درد کي ٻين جي درد سان ايترو ته ملائي ڇڏيو آهي جو ٻئي هڪ ٿي ويا آهن. شيام پنهنجي شعر ۾ ڪڏهن به پنهنجا روئـڻا نه رُنا آهن. هن هر انسان جي اک ۾ رنو آهي ۽ هر انسان جي خوشيءَ ۾ کليو آهي.“

شيام ۽ سنڌ[سنواريو]

ورهاڱي نارايڻ شيام کي سنڌ کان جدا ڪيو، اها جدائي جسماني هئي، پر هو روحاني ۽ فڪري طور تي ڪڏهن به سنڌ کان جدا نه ٿيو ۽ سنڌ ئي هن جو عقيدي ۽ ايمان جو جزُ هئي ۽ ڌرتي کان جدائي جو درد هن جي شعرن ۾ واضع طورتي ملي ٿو: جيئڻ ڪهڙو، پيرن جي هيٺان نه ڌرتي، اچي موت رکي ڀي هوا ۾ اڏائي!

يا ٻي هنڌ ”سنڌ“ تي ڌارين جي يلغار ڏسي سندس اندر جا اُڌما شعر جي صورت وٺي نڪتا:

الا! ايئن نه هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

يا وري ٻي هنڌ شيام سنڌ لاءِ پنهنجي اٿاهه اڪير کي هنن لفظن ۾ بيان ٿو ڪري:

اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کُپي ويون، موٽِي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي.

نارائڻ شيام ۽ اياز[سنواريو]

سنڌي ٻولي جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون آهن. نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز گڏ پڙهندا هئا ۽ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته شيخ اياز هن کي پاڻي جي جهاز تي الوداع چيو هئو. ”اُن وقت کان وٺي هن وقت تائين ايڪيتاليهن سالن ۾ هو مون سان فقط هڪ ڀيرو مليو آهي، جڏهن مان 1963ع ۾ بمبئي ويو هوس ته هو منهنجي اچڻ جو ٻُڌي دهلي مان بمبئي آيو هو ۽ مون سان ڪجهه ادبي ڪچهرين ۾ ساٿ هو.“ شيخ اياز لکيو. جڏهن 1965ع پاڪ-ڀارت جنگ لڳي ته شيخ اياز نارايڻ شيام کي علامت بنائي پنهنجو مشهور نظم لکيو:

هي سنگرام سامهون آ ناراين شيام، هن جا منهنجا ٻول به ساڳيا قول به ساڳيا هي ڪوَتا جو ڪاڪ ڌڻي ۽ منهنجا رنگ رتول به ساڳيا هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان هن کي گولي ڪيئن هڻان مان هي کي گولي ڪيئن هڻان مان.

اُن نظم جي اشاعت تي اياز کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻون پيو ۽ اياز جي لفظن ۾ ته، ”اُن کان پوءِ شيام ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي“، ۽ ان نسبت سان اياز هڪ هائيڪو به لکيو:

مان به ته آهيان شيام نارايڻ، تنهنجو رڳو ناهي اهو نام.

نارايڻ شيام کي پڻ شيخ اياز جي فن ۽ فڪر لاءِ تمام گهڻي عزت هئي ۽ هن اياز کي پنهنجي غزل جو مجموعو ”ڏات ۽ حيات“ موڪليو ته ان تي لکيائين، ”شيخ اياز کي، جنهن سنڌي شعر جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.“ شيخ اياز جي ذهن شيام جي وفات جو تمام گهڻو اثر ٿيو ۽ هن جي قلم مان ”ُسر نارايڻ شيام“ درياهه مان ڪنهن ڦاٽ جيان ڦٽي نڪتو، جيڪو پوءِ هري موٽواڻي نهايت خوبصورت نموني ”سُرنارايڻ شيام“ جي عنوان سان ”ڪونج پبليڪيشن بمبئي“ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

شيام! سُريليءَ بنسريءَ، هاڻي ٻيو ڪو سُر، هتي ڪرڻو ڪونه آ ٻيهر ڪُر کيتر، هَر هَر مون هُرکر، ننڊ نه اچي رات جو. (اياز)

نارايڻ شيام کي ڀيٽا[سنواريو]

نارايڻ شيام جي اوچتي ديهانت تي سنڌي ادب جي ٻن وڏن نالن محترم محمد ابراهيم جويي ۽ محترم شيخ اياز پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شيام کي ڀيٽا ڏيندي لکيو هو، ”شيام جي شاعريءَ ۾ ٻولي جي مڌرتا، ڪلپنا جي اُڏام، ڌرتي جي سوُنهن ۽ سُڳنڌ سان لڳاءُ، سنڌ ۽ هند جي شاعري جي روايت سان نڀاءُ، شاعري جي هرصنف ۾ مهارت ۽ انسان جي رنگا رنگ جذبات جو اظهار ملي ٿو. شيام سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي ادبي ورثي جو اٽوٽ حصو آهي.“

ديهانت[سنواريو]

نارايڻ شيام نئين دهلي ۾ 10جنوري 1989ع تي ديهانت ڪري ويو. [1] [2]


حوالا[سنواريو]