عبدالقدیر خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر
عبد القدير خان
ن ا ھ ا
پيدائش اپريل 1936 (عمر 87 سال)
ڀوپال، ڀوپال رياست، انڊيا
وفات 10 آڪٽوبر 2021ع
اسلام آباد، پاڪستان
قوميت  پاڪستان
ٻيا نالا اي. ڪيو. خان
شھريت پاڪستاني
مادر علمي يونيورسٽي آف ڪراچي
ڊيلفٽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
ڪيٿولڪ يونيورسٽي آف لووين
ڊي. جي. سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج[1]
شھرت جو ڪارڻ پاڪستان جو ايٽمي ھٿيارن جو پروگرام، گيسيس ڊفيوژن، مارٽينسائيٽ ۽ گريفين مارفولاجي
اعزاز نشانِ امتياز (1996ع;1999ع)
ھلالِ امتياز (1989ع)
'سائنسي پيشو'
شعبو ميٽالرجيڪل انجنيئرنگ
ادارا خان رسرچ ليبارٽريز
جي آءِ ڪي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
ھمدرد يونيورسٽي
يورينڪو گروپ
ٿيسز جو موضوع The effect of morphology on the strength of copper-based martensites (1972ع)
صدارتي سيڪريٽريٽ جو سائنس صلاحڪار
عهدو سنڀاليو
1 جنوري 2001ع – 31 جنوري 2004ع
صدر پرويز مشرف
پيشرو اشفاق احمد خان
جانشين عطاءُ الرحمان

ڊاڪٽر عبدالقدير خان(1 اپريل 1936ع — 10 آڪٽوبر 2021ع) پاڪستاني سائسندان پاڪستانی ایٽم بم جو خالق هندستان جي شھر ڀوپال ۾ هڪ اردو ڳالهائڻ واري پشتون گهراڻي ۾ پیدا ٿيو.[4] عبدالقدیر خان پندرهن سال یورپ ۾ رهڻ جي دوران اولهہ برلن جي ٽیڪنیڪل یونیورسٽي، هالینڊ جي یونیورسٽي آف ڊيلفٽ ۽ بیلجیئم جي یونیورسٽي آف لیوؤن ۾ پڙھڻ کانپوء 1976ع ۾ واپس پاڪستان موٽي آيو. عبدالقدیر خان هالینڊ مان ماسٽرز آف سائنس جڏهن تہ بیلجیئم ما ڊاڪٽريٽ آف انجینئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوء 31 مئي 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ملي ڪري "انجینئرنگ ریسرچ لیبارٽریز" ۾ پاڪستاني ایٽمي پروگرام جي واسطي شمولیت اختیار ڪئي، انکانپوء هن اداري جو نالو صدر پاڪستان جنرل محمد ضیاءالحق پهرين مئي 1981ع تي تبدیل ڪري ’ ڊاڪٽر اي ڪیو خان ریسرچ لیبارٽریز‘ رکي ڇڏيو. هي ادارو پاڪستان ۾ یورینیم جي افزودگي ۾ نمایان درجو رکي ٿو. ڊاڪٽر عبدالقدیر خان نومبر 2000ع ڪڪسٽ نالي درسگاھ جو بنیاد رکیو.

عبدالقدیر خان تي هالینڊ جي حڪومت غلطي سان اهم معلومات چورائڻ جي الزام ۾ مقدمو درج ڪيو هالينڊ، بیلجیئم، برطانیہ ۽ جرمني جي پروفیسرن جڏهن انھن الزامن جو جائزو ورتو تہ انھن عبدالقدیر خان کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو تہ جنھن معلومات کي چورائڻ جي جواز تي مقدمو داخل ڪيو ويو آهي اها عام ڪتابن ۾ موجود آهي. جنهن کانپوء هالينڊ جي عدالت عالیہ هن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

عبدالقدیر خان اهو مایہ ناز سائنسندان ھيو جنھن اٺ سالن جي انتھائي ننڍڙي عرصي ۾ اڻٿڪ محنت ۽ شوق سان ایٽمي پلانٽ نصب ڪري دنیا جي نامور نوبل انعام یافتہ سائنسندانن کي حیرت ۾ وجهي ڇڏيو. مئي 1998ع تي هن ڀارتي ايٽمي تجربن جي مقابلي ۾ وزیراعظم میان محمد نواز شریف کي تجرباتي ایٽمي ڌماڪا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. آخرڪار وزیراعظم میان محمد نوازشریف چاغي جي هنڌ تي ڇهہ ڪامیاب تجرباتي ایٽمي ڌماڪا ڪيا. ان موقعي تي عبدالقدیر خان جو پوري عالم کي پیغام هيو تہ اسان پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخیر ڪري ڇڏيو آهي. اھڙي طرح خان پوري دنیا ۾ مقبول ٿيو. سعودي مفتي اعظم عبد القدیر خان کي اسلامي دنیا جو هیرو قرار ڏنو ۽ پاڪستان لاء خام تیل مفت فراهم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. انکانپوء پاڪستان کي سعودي جي طرفان خام تیل مفت فراهم ڪيو پيو وڃي. اولهہ جي ملڪن پروپیگنڊا طور تي پاڪستاني ايٽم بم کي اسلامي بم جو نالو ڏنو جنھن کي ڊاڪٽر عبدالقدیر خان خوشيء سان قبول ڪيو. پرویز مشرف دور ۾ پاڪستان تي لڳندڙ ایٽمي مواد ٻين ملڪن کي فراهم ڪرڻ جي الزام کي ڊاڪٽر عبدالقدیر ملڪ جي خاطر سیني سان لڳايو ۽ نظربند رهيو. ڊاڪٽر عبدالقدیر خان سیچٽ (sachet) جي نالي سان هڪ فلاحي ادارو ٺاهيو جيڪو تعلیمي ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ مصروف آهي. ڊاڪٽر عبدالقدیر خان هالينڊ ۾ رهڻ دوران هڪ مقامی ڇوڪري هني خان سان شادي ڪئي جنھن مان هن کي ٻہ نياڻيون ٿيون.

وفات[سنواريو]

سندن جي وفات 10 آڪٽوبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named arynews
  2. "The Wrath of Khan". The Atlantic. حاصل ڪيل 26 September 2010. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named PakObserver
  4. "عبدالقدير خان ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-11. 
  5. "محسن پاڪستان، قومي هيرو ۽ ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان لاڏاڻو ڪري ويو". Daily Sobh. حاصل ڪيل 2021-10-11.