مواد ڏانھن هلو

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
پيدائش لالچند جڳتياڻي
25 جنوري 1885
حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 18اپريل 1954
ڀارت_ پر سندس چتا جي خاڪ سنڌو درياءَ جي حوالي ڪئي وئي
ڌنڌو ليکڪ، ،ناول نگار، ڊراما نويس، مضمون نگار،
ٻولي سنڌي ۽ انگريزي
قوميت برطانوي هندستاني، انڊين
مُکيه ڪم سيڻ ڪي ويڻ (ڊرامو)، نقد ڌرم (ڊرامو)، چوٿ جو چنڊ (ناول)،

ڪشني جا ڪشٽ (طبعزاد ڪهاڻي)،

ڏکن ڏڌي زندگي ،شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت)، سچل سونهارو ،بيرنگي باغ جو گل (ٻه ڀاڱا-خليفي گل هالائي تي تنقيد)،سدا گلاب (نظماڻو نثر) ،ڦلن مٺ (مضمون)، عمر مارئي (ڊرامو)

لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي (انگريزي:Lalchand Amar Dinomal Jagtiyani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو نامور اديب ۽ استاد هو. هن سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکيو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

لالچند ولد امر ڏنومل جڳتياڻي، 25 جنوري 1885ع ۾ برطانوي هندستان ۾ سنڌ جي شهر حيدرآباد، ۾ ڄائو.

پڙهائي

[سنواريو]

لالچند جڳتياڻي کي سنڌي گهر ۾ پڙهائي ويئي. پوءِ هيرانند اڪيڊمي مان ميٽرڪ تائين انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين. ڏهون درجو 1903ع ۾ پاس ڪيائين. 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهڻ سان گڏ نوڪري به ڪندو هو. 1918ع تائين ائين ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ استاد به ٿي رهيو ۽ ڪجهه وقت پروفيسري به ڪيائين.مولانا گرامي لکي ٿو تہ لالچند ھڪ جانٺو، قداور، مضبوط، تندرست ۽ توانو مرد ھو. کلمک، خوش ذوق، کاڌي پوش، آزاد خيال ۽ محبتي مڙس ھو. ھو حق گو ھو، ۽ يارويس ماڻھو ھو. ھڪ ماستر ٿي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين، ۽ ھڪ بلند پايہ اديب، ۽ سنڌي فنڪار ۽ مصنف جي حيثيت سان ھي لوڪ ڇڏيائين. قومي ڪم ڪندي، خلافت جي دور ۾ قطع تعلقات تحريڪ ۾ گھڙي پيو، ۽ آزاديءَ جي جدوجھد ۾ پاڻ موکيائين، ۽ ان جي انعام ۾ جيل ياترا بہ نصيب ٿيس..[1]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

لالچند امر ڏني مل هڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ادبي زندگي شروع ڪئي ۽ هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت سان هي جهان ڇڏيائين. ادب جي هر صنف تي ڪتاب لکيائين. سنڌي ٻولي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا، ناول، ڊرامو، ڪھاڻي ۽ مضمون جي صنفن ۾ لکيائين. ”پاڻ هڪ پختو فنڪار، سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ اديب هو. سندن زبان مٺي، سليس، صاف ۽ سهڻي هئي.عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت جي ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو اٿس. جنهن ڪري سندس ٻولي ۽ عبارت عام فهم آهي.1914 ۾ مسٽر ڄيٺمل سان گڏجي سنڌي ساھتيہ سوسائٽي قائم ڪيائين. 1923 م حيدرآباد سنڌ م رابندر ناٿ ٽئگور ناٽڪ منڊلي جو افتتاح ٿيو ۽ ان سوسائٽي لاءِ عمر مارئي لکيائين..[2]

طبيعت صوفياڻي هئس، تنهنڪري اسلامي تصوف جو مطالع ڪيائين، ويدانت جا ورق ورايائين ۽ ڀيٽيائين، ڏٺائين ته هر هنڌ حق آهي ۽ هڪ آهي. فساد ۽ فتنو ته اجايو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صوفياڻي ڪم کان متاثر ٿيو ۽ ٿيا سافيڪل سوسائٽي ۾ آيو ۽ اتي به پنهنجي هر دلعزيز شخصيت کي خوب چمڪايائين.

لالچند امر ڏني مل پنهنجي صوفياڻي طبيعت جي ڪري پيغمبر اسلام جي تاريخ ڏاڍي سٺي انداز ۾ لکي آهي، جنهن ڪري ڪي دوست کيس مذاق طور لالچند مان لعل محمد سڏيندا هئا. لالچند امر ڏني مل لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي قلم هلايو، سنڌي ٻولي، شاهه لطيف، ڊراما، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا وغيره تي ڀرپور نموني لکيو..[3]

لالچند امر ڏنو مل ڪانگريس جي هلچل جي ڪري 1922ع ۾ جيل ۾ پڻ ويو ۽ ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ حصو وٺندو رهيو. صحافتي دنيا ۾ 1929ع ۾ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل اخبار ”پرڪاش“ ۾ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنائين.

1930ع ڌاري لالچند، ڄيٺمل ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪئي. انهي طرفان نڪرندڙ ڪتابن جو ڏيڍ سال تائين ڄيٺمل ايڊيٽر رهيو، تنهن کانپوءِ اها ذميداري لالچند کنئي. ان سوسائٽي لاءِ عمر مارئي لکيائين. سندس مضمونن جا مجموعا ڦلن مٺ ۽ سدا گلاب فڪر ۽ زبان جي لحاظ کان سٺا ۽ معياري آهن. سدا گلاب، جيتوڻيڪ ٽئگور جي گارڊنر (GARDNAR) جي گيتن تان ورتل آهي، پر ترجمو آزاد ۽ نهايت سهڻو ڪيل آهي. ائين لڳي ئي ڪو نه ٿو ته ڪو ”سدا گلاب“ ترجمو آهي.

1923ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ رابيندر ناٿ ٽئگور (Rabindranath Tagore) ناٽڪ منڊلي جو افتتاح ٿيو. ان منڊلي جو اڳواڻ به لالچند امر ڏنومل هو.

1940ع ۾ جڏهن سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ويو (جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ بڻيو) ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ جو به اسسٽنٽ ٿي رهيو ۽ سنڌي لغت جي تياري لاءِ ڪوششون ورتائين. بورڊ طرفان 1946ع ۾ مهراڻ رسالي جي اشاعت عمل ۾ آندي ويئي ته پاڻ انهي جي ادارت ڪيائين.

لالچند امر ڏني مل 1932ع ۾، جڏهن شاهه لطيف جي ورسي پهريون ڀيرو ميران محمد شاهه، ڀٽ شاهه تي ملهارائي ته انهي ۾ به حصو ورتو، تنهن تنهن کانسواءِ سنڌ هاري ڪميٽي کي قائم ڪرڻ ۾ پڻ هن جو گهڻو حصو هو.

لکڻيون

[سنواريو]

لالچند امر ڏني مل جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

  • 1- سيڻ ڪي ويڻ (ڊرامو)،
  • 3- چوٿ جو چنڊ (ناول)،
  • 4- ڪشني جا ڪشٽ (طبعزاد ڪهاڻي)،
  • 5-، ڏکن ڏڌي زندگي،
  • 6- شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت)،
  • 7- سچل سونهارو،
  • 8- بيرنگي باغ جو گل (ٻه ڀاڱا-خليفي گل هالائي تي تنقيد)،
  • 9- سدا گلاب (نظماڻو نثر)،
  • 10- ڦلن مٺ (مضمون)،
  • 11- عمر مارئي (ڊرامو)،
  • 12- لڳ ننڍو جي گهڻو،
  • 13- سون ورنيون دليون (ترجمو)،
  • 14- ڪيرت رس،
  • 15- پرمانند،
  • 16- هندو نارين سان ويل،
  • 17- سهڻي ميهار (ڊرامو)،
  • 18- سچ تان صدقي (ناول)،
  • 19- برونو،
  • 20- حضرت محمد رسول الله،
  • 21- مسافري جو مزو ۽ سير جو رنگ،
  • 22- ماتمين کي دلداري،
  • 23- سر ڪيڏارو،
  • 25- پريم جا ٻوڪ،
  • 26- هندستان جي تاريخ (ڀاڱو پهريون)،
  • 27- لڄاوتي،
  • 28- شاعراڻا گل،
  • 29- ماڻڪ موتي لال،
  • 30- ڀنڀور،
  • 31- عملدار ڪين رعيت آزاد،
  • 32- رام بادشاهه،
  • 33- ميران،
  • 34- سنڌي ٻولي جونچوڙ،
  • 35- جيل جي ڊائري،
  • 36- شاهه جا ڪي سر،
  • 37- سامي جا سلوڪ
  • 38- ننڍڙا ناٽڪ.

لالچند ڪتابن جو جائزو


  • 1- چوٿ جو چنڊ

هي ناول سنڌي جي شروعاتي طبعزاد ناولن مان ڳڻيو وڃي ٿو، پهريون ڀيرو 1909ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو پلاٽ رواجي آهي، پر ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي قلم ذريعي گهڻو چس پيدا ڪيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ ڪيترن سڄڻن کي ڏيکاريم تن مان گهڻن جي صلاح ٿي ته بيشڪ ڇپائينس پر ته به پئي ترسيس ته متان ڪو اهڙو اجايو، سجايو ۽ گٿو حرف وڌو هجيم، جو ڪن اشرافن اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحبن کي نه وڻي ۽ ڪراهت کان قيءَ اچي وڃين.“

  • 2- سون ورنيون دليون

لالچند طبعزاد لکڻ سان گڏ ڪن ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا جن مان انگريزي ۾ لکيل ناول سون ورنيون دليون (Hearts of Gold) جوترجمو ڪيائين. مهاڳ ۾ پاڻ لکي ٿو. ”مون هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو، جو چيم، پنهنجي ديس ڀائين کي ڏيکاريان جو ’سون ورني دل‘ وارا جيو جتي ڪٿي ٿين ٿا.“

  • 3- سدا گلاب

اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنڌيءَ ۾ نظماڻو نثر لکيو ويو، نه ته اڳ ۾ سنڌي ۾ هن قسم جا نظماڻا ٽڪرا نه لکيا ويا هئا. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”آئون ڄاڻان ٿو ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب نپٽ نوان آهن، پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز اچي ويئي ته انهن جي سڳنڌ جو ساءَ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻيهي پيا ڍڪ ڀريندا ته هي سدا گلاب برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُر آهن.“

لالچند امر ڏني کي جي ايم سيد جي ڀيٽا

[سنواريو]

سنڌي ادب ۽ ٻولي لالچند امر ڏني مل تي سدائين فخز ۽ ناز ڪندي رهندي، جنهن نه رڳو سنڌ ۾، پر ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندستان لڏي ويو ته اُتي به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد جي لفظن ۾ ”هن گهڻي خدمت ڪئي. هي پڪو محب وطن هو “. سنڌ سان ايتري ته محبت هيس، جومرڻ کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته ”منهنجي هاٺي سنڌو درياءَ ۾ داخل ڪئي وڃي. منهنجي گنگا سنڌو آهي “.

ديهانت

[سنواريو]

لالچند امر ڏني مل 18 اپريل 1954ع تي ديهانت ڪئي. سندس وصيت موجب سندس هاٺيون 18 ڊسمبر 1956ع تي سنڌو ندي جي حوالي ڪيون ويون. [4] [5]


حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  2. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  3. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995ص 26 }
  4. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-04 
  5. ڪتاب:هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي