عبدالحفيظ پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جو مشهور قانوندان، سياستدان ۽ اڳوڻو وزير تعليم، وزير قانون ۽ پارلياماني معاملا، عبدالحفيظ پيرزادو، 24 فيبروري 1935ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس والد پيرزادو عبدالستار سنڌ جو برک سياستدان ۽ وزيراعليٰ رهي چڪو آهي. پيرزادي عبدالحفيظ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان 1954ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. پوءِ لنڊن جي مشهور قانوني درسگاهه لنڪن اِن مان 1957ع ۾ بئرسٽري پاس ڪيائين.[1]

خدمتون[سنواريو]

وطن واپسيءَ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پيپلزپارٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 23 ڊسمبر 1971ع تي وفاقي وزير تعليم، اطلاعات ۽ نشريات مقرر ٿيو. ميان محمود علي قصوريءَ جي وزارت قانون تان استعيفيٰ ڏيڻ سبب قانون جي وزارت به سنڀاليائين. بعد ۾ صوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان به کيس ڏنو ويو. پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي تياريءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي مک ڪردار ادا ڪيو آهي. مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع جي مارشل لا جي نفاذ کان پوءِ مٿس ستن سالن تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي بندش وڌي وئي. پيرزادي صاحب مشهور سياستدان ممتازعلي خان ڀٽي سان لنڊن ۾ ”سنڌ، بلوچ پختون فرنٽ“ ٺاهيو، جنهن جو ڪافي عرصي تائين ممتاز ڀٽي سان گڏ اڳواڻ به رهيو.[1]

پيپلز اوپن يونيورسٽي (هاڻي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي) جو قيام سندس ڪوششن جو ئي نتيجو هو.[1]

ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ هو سياست ۾ گهڻو سرگرم نه رهيو، 2008ع ۾ چونڊجي آيل پ پ حڪومت جي ڪجهه پاليسين سان اختلاف رکيائين، تازو اپريل 2010ع ۾ پ پ اقتدار ۾ آئي، جنهن 1973ع جي آئين ۾ آندل ترميمن ۽ تبديلين کي رد ڪرڻ لاءِ 18 ترميم کي آندو ته حفيظ پيرزادي پارليامينٽ مان منظور ٿيل ان ارڙهين آئيني ترميم کي آئين جي صورت بگاڙڻ جو سبب قرار ڏنو ۽ ان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪئي.[1]

وفات[سنواريو]

ھن انمول انسان 1 سيپٽمبر 2015ع تي انگلينڊ جي ريڊنگ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس سکر ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2013ع