يونيسيف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يونيسيف
مختصر UNICEF
تشڪيل ڊسمبر 11, 1946 (1946-12-11)
نوعيت فنڊ
صدر دفتر نيويارڪ سٽي, آمريڪا
بنيادي تنظيم
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي
ماتحت ادارا گڏيل قومن جي معاشي ۽ سماجي ڪائونسل
ويب سائٽ www.unicef.org

يونيسيف (انگريزي:[UNICEF])، گڏيل قومن جو دنيا جي ٻارن جي امداد جو ادارو (United Nations Children's Fund) جيڪو ٻارڙن جي صحت، کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ عام ڀلائيءَ لاءِ قومن کي مالي مدد مھيا ڪري ٿو. ھيءُ ادارو ٻي عالمي جنگ ۾ تباھ ٿيل ملڪن جي ٻارڙن جي ڀلائيءَ لاءِ 11 ڊسمبر 1946ع ۾ قائم ڪيو ويو[1]. 1946ع کان 1953ع تائين ھن اداري جو نالو ”گڏيل قومن جو دنيا جي ٻارڙن لاءِ امرجنسي فنڊ“ (United Nations Children's Emergency Fund) رکيو ويوھو. بعد ۾ لفظ ”امرجنسي“ ھن اداري جي نالي مان ھٽايو ويو[2]. 1950ع کان پوءِ ھيءُ ادارو فقط ٻي عالمگير جنگ ۾ متاثر ٿيل ملڪن جي ٻارڙن جي ترت مدد تائين محدود نہ رھيو آھي بلڪہ ھي ادارو ترقيءَ جي راھ ۾ پٺتي پيل ملڪن جي ٻارڙن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو. گڏوگڏ انھن علائقن جي ٻارڙن جي مدد ڪري ٿو جن کي ترت مدد جي ضرورت آھي. ھن اداري کي 1965ع ۾ امن جو نوبيل انعام ڏنو ويو[3]. ھن اداري جون مرڪزي آفيسون آمريڪا جي شھر نيويارڪ ۾ قائم ڪيون ويون آھن. ھن اداري جو خاص ڌيان انھن ملڪن جا ٻارڙا آھن جن جي سندن حڪومتون چڱي نموني پرگھور نٿيون لھي سگھن. ھيءُ ادارو ٻارن کي موذي مرضن کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ ۽ ايڊز جھڙن مرضن کان بچاءُ لاءِ مالي مدد مھيا ڪري ٿو.

يونيسيف جي ڪاروھنوار جو دارومدار حڪومتن، خانگي ادارن ۽ مختلف تنظيمن پاران ملندڙ عطيات (Donations) تي آھي. 2018ع جي انگن اکرن موجب ھن اداري جو ڪل فنڊ 5.2 بلين ڊالر ھو[4]. ھن فنڊ جي استعمال ۽ ورھاست لاءِ 36 ميمبرن تي مشتمل ھڪ بورڊ قائم ڪيو ويو آھي. ھن بورڊ جي ميمبرن جي چونڊ گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل (United Nations Economic and Social Council) ھر ٽن سالن کان پوءِ ڪري ٿي. ھن وقت يونيسيف دنيا جي 192 ملڪن ۾ ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. ھن اداري جون 150 ڏيھي آفيسون ۽ 34 قومي ڪاميٽيون مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪري رھيون آھن. ھنن آفيسن ۽ ڏيھي آفيسن جي سھائتا لاءِ ست علاقائي مرڪز قائم ڪيا ويا آھن.

انتظام[سنواريو]

ڪنھن بہ ملڪ ۾ ٻارڙن جي ڀلائيءَ جو ڪو بہ خاص پروگرام يونيسيف جي ڏيھي آفيس ميزبان ملڪ جي سھڪار سان شروع ڪري سگھي ٿي. ڏيھي آفيسون پنھنجو پروگرام ھلائڻ لاءِ علاقائي مرڪزن کان ٽيڪنيڪل مدد ۽ رھنمائي وٺي سگھن ٿيون. يونيسيف جي ھر پروگرام يا پروجيڪٽ جو مدو گھڻو ڪري پنج سال ھوندو آھي. يونيسيف جي مرڪزي آفيس پنھنجي ڏيھي آفيسن ۽ علاقائي مرڪزن جي توسط سان يونيسيف جي پروگرامن جي نگراني ڪندي آھي.

يونيسيف جا علاقائي مرڪز[سنواريو]

يونيسيف جا علاقائي مرڪز ھيٺين ملڪن ۾ قائم ڪيا ويا آھن:

  • آمريڪا ۽ ڪيريبين علائقن جو مرڪز پاناما سٽي، پاناما ۾ آھي.
  • يورپ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جو علاقائي مرڪز سئيزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ آھي.
  • اوڀر ايشيا ۽ پئسيفڪ علائقن جي مرڪزي آفيس ٿائيلينڊ جي شھر بئنڪاڪ ۾ آھي.
  • اوڀر ۽ ڏکڻ آفريقي علائقن جي لاءِ يونيسيف جو علاقائي مرڪز ڪينيا جي شھر نيروبي ۾ آھي.
  • وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي ملڪن جو مرڪز اردن جي شھر عمان ۾ قائم آھي.
  • ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جو علاقائي مرڪز نيپال جي شھر کٽمنڊو ۾ آھي.
  • اولھہ ۽ وچ آفريَقا جي ملڪن جو علاقائي مرڪز سينيگال ۾ آھي.

يونيسيف جون قومي ڪاميٽيون[سنواريو]

ھنن ڪاميٽين جو بنيادي ڪم يونيسيف لاِءِ چندو گڏ ڪرڻ آھي. ھي ڪاميٽيون گھڻو ڪري دنيا جي اسريل ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿيون. ھي خودمختيار غير سرڪاري ڪاميٽيون آھن جيڪي ھن وقت دنيا جي 36 ملڪن ۾ ڪم ڪري رھيون آھن. يونيسيف جي آمدنيءَ جو ٽيون حصو ھنن ڪاميٽين طرفان اچي ٿو. مختلف ڪارپوريشنون، سماجي تنظيمون ۽ سرنديءَ وارا ماڻھو ھنن ڪاميٽين جي معرفت پنھنجا عطيا يونيسيف تائين پھچائين ٿا.

حوالا[سنواريو]

  1. "United Nations Children's Fund | United Nations System Chief Executives Board for Coordination". www.unsystem.org. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  2. "Frequently Asked Questions". www.unicef.org. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  3. "UNICEF | Definition, History, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  4. https://www.unicef.org/about/execboard/files/2018-2021_Draft_Integrated_Budget_EB_Informal_23_June.pdf