وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/آرڪائيو 2
راجا وڪرمدتيا يا راجا وڪرمادتيه راجا وڪرماجيت (Raja Vikramaditya) سنڌ هند جو راجا هيو، سندس نالي پويان سنبت وڪرمي ڪئلينڊر سال جو نالو رکيل آهي. راجا وڪرماجيت جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي. عمرو بن هشام حارث لکن ٿا ته اهو شاعر، شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ نبي پاڪ صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن سندس نالو بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي، جتي پهچي ماڻهو کي ڇوتڪارو حاصل ٿئي ٿي … اهو نظم قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو
سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،(انگريزي ٻولي: Social distancing) يا جسماني وڇوٽي (انگريزي ٻولي: physical distancing)، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي. سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي. ان اِمڪان کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان تہ هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ سان جسماني رابطي ۾ اچي ويندو، سماجي وِٿي رکڻ سان بيماري جي مٽاسٽا (منتقلي،ٽرانسميشن) کي دٻائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ موتَ ٿيندا. ان سان گڏوگڏ سُٺي ريت صحت صفائي (هائيجين) ۽ هٿ ڌوئڻ سان گڏيل اُپاءَ ڪرڻ پڻ شامل آهن. 2019-2020 جي ڪوروناوائرس مهاوبائي روڳ دوران ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) موجب "جسماني وٿي" کي "سماجي وٿي" جي متبادل طور اهو ويچار رکيو ويو آهي تہ اهو بيماري جي مٽاسٽا کي روڪي ٿو؛ جڏهن تہ ماڻهو سماجي طور تي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل رهي سگهن ٿا عطا محمد ڀنڀرو (جنم: 1 فيبروري 1936ع-وفات: 03 جون 2020ع) سنڌ جو ھڪ محقق، اتھاسڪار (تاريخدان)، سنڌيڪار ۽ قلمڪار، ھُيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. حڪومت پاڪستان کيس حسن ڪارڪردگي اعزاز (ايوارڊ) ڏيڻ لاءِ پڻ منتخب ڪيو پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو
ننڍي کنڊ پاڪستان هندستان ۾ شاهي پنير جي تياري ۾ پنير، ٽماٽرم ۽ بصر استعمال ڪيا ويندا آهن. تياري کانپوءِ ان ۾ ملائي شامل ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڌئونرو سان به تيار ڪيو ويندو آهي. مغل مغل کاڌا جي دور ۾ جن کاڌن ۾ ملائي استعمال ڪيو ويندو هيو، انهن کي شاهي کاڌا سمجهيو ويندو هيو. هي پڪوان ٽماٽر، بصر، زميني کاجو، مکڻ ۽ ملائي کي ٻوڙ ۾ وجهي تيار ڪيو ويندو آهي. پنير ڪيوب ۽ مختلف قسم جي مصالحن کي به ان ۾ وِڌو ويندو آهي. اهڙي طرح جي کاڌي (پڪوان) ۾ پنير مکڻ، تِکاڻ ۽ ڪڙائي پنير شامل آهي. پنير مکڻ تِکاڻ ۽ شاهي پنير جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پنير مکڻ تِکاڻ (مصالحو) ۾ تمام گهڻو تِکاڻ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته پنير مکڻ مصالحي جي ڀيٽ ۾ شاهي پنير سُواد مِٺو هوندو آهي. رسول بخش پليجو هڪ پاڪستاني کاٻي ڌرپرست (ليفٽسٽ)، مارڪسي اڳواڻ، دانشور ۽ ليکڪ هو. هو انساني حقن جو هڪ وڪيل ۽ ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ، باني ۽ اڳوڻو چيئرمين هو. پليجو 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پليجو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ، انساني حقن جي باري ۾ سنڌ ۾ چوٽيءِ جو وڪيل پڻ هو. سنڌي ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجي جو شمار ليکڪن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. پليجو سنڌ ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو ليکو ويندو هو سُندري اُتمچنداڻي (جنم: 28 سيپٽيمبر 1924ع _ وفات:8 جولاءِ 2013ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ هئي. . اي.جي.اُتم جيڪو پاڻ به ترقي پسند ليکڪ آهي هيءَ ان جي زال هئي. هن کي سندس سنڌي ۾ نوَ مختصر ڪهاڻين جي ڪتاب وڇوڙو، جيڪو تي ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ1986 ۾ ساهتيا اڪيڊمي طرفان ڏنو ويو. پورچوگال يا پورچوگيز ريپبلڪ يا ريپبلڪا پورچوگئيسا اردو ۾ پرتگال يورپ جي ابيريائي اپٻيٽ ۾ آخري ڏکڻئ اولھ واري ھنڌ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي واقع ھڪ ملڪ آهي. ھن ملڪ جي اوڀر ۽ اتر ۾ اسپين، اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ واقع آهي. ملڪ جي دفتري ۽ قومي ٻولي پورچوگيزي آھي. پورچوگال لفظ پورٽس ڪال نالي قديم رومي-ڪيلٽڪ شھر جي نالي مان نڪتل آھي; جنھن شھر واري جاء تي ھاڻوڪي پورچوگال جي اترئين ڀاڱي ۾ ڊوئرو ندي جي منھن لڳ ولا نووا ڊي گائيا واقع آهي. پورٽس ڪال ۾ لاطيني لفظ پورٽس جي معني آھي بندر, پر ڪال جي معني اڃان واضع ٿي نہ سگھي آهي. خيال آهي ته ابيريائي اپٻيٽ جي اتراولھ تي قابض ڪاسٽرو تھذيب وارا ماڻھو جيڪي ڪالئشي يا گالئشي يا گالنيشيا سڏيا ويندا ھئا، انھن جي نالي تان ڪال نالو ان شھر تي پيو
لاھور (انگريزي: Lahore ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۽ پکيڙ ۾ ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو شهر آهي. آبادي م دنيا جو 26ھون وڏو شھر آھي. پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو مالدار شھر آھي. ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي جو تخمينو 2019 ۾ 84 ارب ڊالر ھيو ھي شھر پنجاب جو تاريخي ثقافتي مرڪز آهي ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ معاشرتي اعتدال پسندي ترقي پسند خيالن وارو ڪاسموپوليٽن شھر آھي ھي شھر پاڪستان جي دل سڏبو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشھور چوڻي ھئي تہ: جنھن لاھور نہ ڏٺو آھي اھو پيدا ئي نه ٿيو آھي. ون يونٽ واري دؤر (1956ع کان 1970ع تائين) ۾ ھي شھر اولھ پاڪستان جو گادي جو ھنڌ رھيو.
ٺرِي مِيرواهہ خيرپور ضلعي جي ميرواهه تعلقي ۽ ميرواھ سب ڊويزن جي گاديءَ جو شهر آهي. ٺري، خيرپور جي اوائلي شهرن مان هڪ آهي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پهرئين ڪجھ دڪانن سميت هڪ ڪاروباري مرڪز هيو ۽ هينئر ٺري اڃا بہ وڌي رهيو آهي ۽ هڪ پُرامن شهر آهي. آدمشماري ڏيڍ لک (1.5 ملين) کان وڌيڪ آهي. ٿڌي مُند (سيارو) ۽ گرمي جي مُند ۾ ٺري جي موسم متناسب ۽ سراسري گرمي جو درجو سياري ۾ 14 - ۽ اونھاري ۾ 40 سينٽي گريڊ آهي. موسمي حالت ڪيترائي اناج ۽ سبزي جي فصلن کي اڳائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جَر جو پيئڻ وارو پاڻي مٺو آھي. لاکو ڦلاڻي (Laakkho Phulaanni)، سنڌ جو اھو مشھور تاريخي ڪردار آھي، جنھن سنڌ ۾، سنڌين جي مستقل ۽ پڪي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: سنڌ جي سورھيه لاکي ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات واري پاسي وڏيون سوڀون ڪيون ۽ ويرين کي سدائين شڪست ڏنائين ته جيڪڏھن لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تي نظر ڪئي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته لاکي رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي پاڙ پٽڻ لاءِ جيڪو لوڙھين ھڻڻ جو عمل شروع ڪيو، اھو تاريخي لحاظ کان جائز ھو. سنڌ جي سگهڙن لاکي ڦلاڻيءَ کي ’ستن سورهين‘ ۽ ‘ڏهن ڏاتارن‘ ۾ ڳڻيو آهي. لاکي جي ھڪ خوبي ھيءَ ھئي ته ھو ڦُريندو لُٽيندو، وڏيرن ۽ سردارن کي ھو ۽ ماريندو ۽ رت وھائيندو ھو، سدائين ٻاھرين، وطن جي ويرين کي، ارغونن ۽ ترخانن جي پَٺن کي، جيڪي سنڌ ۾ کين آڻڻ لاءِ جاکوڙ ۾ ھئا ۽ تاريخ شاھد آھي ته جڏھن لاکي کي پنھنجن ئي مارايو تڏھن ارغونن سنڌ ۾ اچي جيڪي ويل وھايا، اھي ڪنھن کان به ڳجھا نه آھن. لاکو ڦلاڻي نه رڳو وطن دوست حڪمران ھو پر ھو سورھيه ۽ سخي به ھو. ھو سنڌ جي تاريخ ۾ ستن سورھين ۽ ڏھن ڏاتارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏھن لاکي، مھر راڻيءَ سان شادي ڪري ڄڃ وٺي، پراڻ ڪنڌيءَ پھتو، تڏھن پراڻ نديءَ جي وڻن، ٽڻن کي، ڪپڙا پھرائي سينگاريائين ۽ چوڻ لڳو ته، ڪنڌيءَ جا اھي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آھن ۽ جيڪي ڪجھ انھن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ ته اسان جي ڏات آھي، اھا وري واپس ڪانه وٺب سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنا هئي ندي يا درياهه. جنهن جي پٺيان هن سڄي پرڳڻي تي تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي. هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.
|