ٺري ميرواهه
ٺري ميرواهه | |
---|---|
شهر | |
ٺري ميرواهه | |
![]() ٺري ميرواھ جو ھاء اسڪول | |
جاگرافي بيهڪ: 27°04′06″N 68°36′08″E / 27.068310°N 68.602252°Eمڪانيت: 27°04′06″N 68°36′08″E / 27.068310°N 68.602252°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | خيرپور |
بلندي | 45 ميل (148 ft) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 23,656[1] |
ٺرِي مِيرواهہ خيرپورضلعي جي ميرواهه تعلقي ۽ ميرواھ سب ڊويزن جي گاديءَ جو شهر آهي. ٺري ، خيرپور جي قديم شهرن مان هڪ آهي،پاڪستان جي ٺهڻ کان پهرئين ڪجھ دڪانن سميت هڪ ڪاروباري مرڪز هيو ۽ هينئر ٺري اڃا بہ وڌي رهيو آهي ۽ هڪ پُرامن شهر آهي.[2] آدمشماري ڏيڍ لک (1.5 ملين) کان وڌيڪ آهي. ٿڌي مُند (سيارو) ۽ گرمي جي مُند ۾ ٺري جي موسم متناسب ۽ سراسري گرمي جو درجو سياري ۾ 14 - ۽ اونھاري ۾ 40 سينٽي گريڊ آهي. موسمي حالت ڪيترائي اناج ۽ سبزي جي فصلن کي اڳائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.[3] جَر جو پيئڻ وارو پاڻي مٺو آھي. [4]
شهر جي تاريخ[سنواريو]
ٺري ميرواهه نالو لفظ ٺري ۽ ميرواهه مان ورتل آهي، جيڪا هڪ زائفان دڪاندار جو نالو آهي ۽ ميرواهه سکر بئراج جي اڀرندي پاسي هڪ واهه آهي جنهن تان اهو نالو ورتل آهي، جيڪو سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه مان نڪرندو آهي ۽ اتر کان ڏکڻ طرف وهندو آهي. ٺري جو شهر جوڳي برادريءَ جوڙايو ۽ پنهنجي زمين سرڪار کي دان ڪري ڏني، جنهن تي سرڪاري آفيسون، اسڪول، اسپتالون قائم ڪيون ويون. وڏيرو پيراڻو جوڳي ٺري ۾ رورل هيلٿ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي زمين حڪومت کي دان ۾ ڏني.
ٺري ميرواهه شهر ميرواهه جي سب ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ٺري ميرواهه تعلقي جو نالو مير علي مراد خان ٽالپر جي نالي پٺيان رکيو ويو، جيڪو خيرپور رياست جي ٻئي حاڪم ۽ ميرواهه شاخ جي اولاد مان هو.
آبادي[سنواريو]

ٺري ميرواھ ضلعي خيرپور ۾ هڪ گُھڻ آباديءَ وارو شهر آهي. هتي ڪيتريون ئي برادريون جِن ۾ ملاح، جوڳي، ٻانڀڻ،شر،انصاري،ڪُٻر،ويسر،مانڊڻ،راڄپر،ڀٽي،ڏهر،سولنگي،جلباڻي،لغاري،شينا(پنجاپي)،دشتي،راجپوت هندو ،راڄڙ،پرهياڙ،گوپانگ ڀنڀرا, ننگريجا وغيرھ رهن ٿيون.
ڀرپاسي جا شهر[سنواريو]


- نارو ۳۵ ڪلو ميٽر
- ڳوٺ حاجي محمد ملوڪ شر۱ ڪلو ميٽر
- بوزدار وڏا ۱۵ ڪلوميٽر
- ٽالپر وڏا ۲۰ ڪلوميٽر
- ڳوٺ وڏيرو عزت خان جوڳي ۲ ڪلوميٽر
- ڳوٺ زوار محمد بخش ڀنڀرو ۲۲ ڪلوميٽر
- ڳوٺ محمد آچر ملاح ۲ ڪلو ميٽر
- سيٺارجا, تقريبن ۲۰ ڪلوميٽر
- نوابشاهه, تقريبن ۱۰۹ ڪلوميٽر
- محرابپور, تقريبن ۲۵ ڪلوميٽر
- راڻي پور, تقريبن ۴۰ ڪلوميٽر
- ڪُنب, تقريبن ۴۰ ڪلوميٽر
- سُئي گيس,تقريبن ۱۰ ڪلوميٽر
- ننگريجا تقريباً ۲۰ ڪلو ميٽر
- هنڱورجا, تقريبن ۳۵ ڪلوميٽر
- دُٻي 10 ڪلوميٽر
- فريدآباد
- مينگهو فقير شر
- تارڪو وڏو
- ڳوٺ حاجي ڄمون شر ۱ ڪلو ميٽر
تعليم[سنواريو]
ٺري ميرواھ ۾ هڪ سرڪاري بوائز ماڊل ھاءِ اسڪول،[5] گرلز هاءِ اسڪول، آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي انتظام ھيٺ سرڪاري آءِ ٽي سينٽر، سرڪاري ڊگري ڪاليج، مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ٻيا نجي اسڪول آھن.
دُٻي جون ڊنڍون[سنواريو]
دُٻي ڳوٺ تقريبن 10 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ٺري شھر کان پري آھي جتي 7 فطرتي موھيندڙ ڍنڍون آھن، جتي سيارو جي مُند ۾ سائبيريا ۽ ٻين اُترئين مُلڪن کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مھمان پکي ايندا آھن، ۽ اونھارو جي مُند ۾ واپس پنھنجي ٿاڪن ڏانھن موٽي ويندا آھن. ڍنڍن جا نالا ھن ريت آھن. [6]
- ٻڪري وارو (معنيٰ ٻڪري جو مالڪ) واري ڍنڍ، ھيءَ ڍنڍ ٻڪري وارو دَڙو ڀرسان آھي.
- کُٿ سم
- وڏي سِمَ
- جمال شاھ ڍنڍ
- تَلِ يا تَلِي ڍنڍ
- ويئرو ڍنڍ
- گنئيرو ڍنڍ
پڻ ڏسندا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Population and household detail from block to district level: Sindh (Khairpur District)" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. صفحو. 40.
- ↑ ٺري ميرواهه : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ Saand, Mumtaz Ali; Mirbahar, Ameer Ahmed; Rajpar, Inyatullah; Saand, Mumtaz Ali; Mirbahar, Ameer Ahmed; Ansari, Khalil Ahmed; Saeed, Rafat; Sirohi, Muzafar Hussain (2019-01-15). "Assessment of Soil Quality of Taluka Thari Mirwah, District Khairpur, Sindh, Pakistan" (en ۾). International Journal of Economic and Environmental Geology: 13–18. ISSN 2223-957X. https://www.econ-environ-geol.org/index.php/ojs/article/view/133.
- ↑ (en-US ۾) Assessment of the Quality of Drinking water of Thari Mirwah Town and Surrounding villages, District Khairpur, Sindh, Pakistan | Pakistan Journal of Analytical & Environmental Chemistry. http://www.pjaec.pk/index.php/pjaec/article/view/160.
- ↑ "Government Boys High School THARI MIRWAH, PO THARI MIRWAH DIST KHAIRPUR, Mirwah". www.schoolinglog.com. حاصل ڪيل 2019-10-15.
- ↑ "Lakes of Dubbi". Discover Pakistan. حاصل ڪيل 2019-10-15.
ٻاھريان ڳنڍڻا[سنواريو]
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ Category:Thari Mirwah سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
![]() | ھي سنڌ مڪانيت مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- سانچا
- Pages using infobox settlement with the image parameter
- سنڌ جاگرافي اسٽب
- جاگرافيائي اصطلاح اسٽب
- پاڪستان جون گُنجان آباديون
- سنڌ جون گُنجان آباديون
- خيرپور ۾ گُنجان آباديون
- سنڌ جا تعلقا
- خيرپور ضلعو
- ٺري ميرواهه
- شهر