شاهي پنير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Shahi paneer

شاهي پنير (کاٻو طرف) ۽ مکڻ، نان (ساڄي پاسي)
نمونو شوربو، رس Gravy
ملڪ انڊين سب ڪانٽيننٽ
مکيہ شامل جزا پنير, ڪريم, ٽماٽو, تِکاڻ
  Media: Shahi paneer

ننڍي کنڊ پاڪستان هندستان ۾ شاهي پنير جي تياري ۾ پنير، ٽماٽرم ۽ بصر استعمال ڪيا ويندا آهن. تياري کانپوءِ ان ۾ ملائي شامل ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڌئونرو سان به تيار ڪيو ويندو آهي.[1]

مغل مغل کاڌا جي دور ۾ جن کاڌن ۾ ملائي استعمال ڪيو ويندو هيو، انهن کي شاهي کاڌا سمجهيو ويندو هيو. هي پڪوان ٽماٽر، بصر، زميني کاجو، مکڻ ۽ ملائي کي ٻوڙ ۾ وجهي تيار ڪيو ويندو آهي. پنير ڪيوب ۽ مختلف قسم جي مصالحن کي به ان ۾ وِڌو ويندو آهي. [2] اهڙي طرح جي کاڌي (پڪوان) ۾ پنير مکڻ، تِکاڻ ۽ ڪڙائي پنير شامل آهي. پنير مکڻ تِکاڻ ۽ شاهي پنير جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پنير مکڻ تِکاڻ (مصالحو) ۾ تمام گهڻو تِکاڻ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته پنير مکڻ مصالحي جي ڀيٽ ۾ شاهي پنير سُواد مِٺو هوندو آهي.

شاهي پنير جون شيون[سنواريو]

شاهي پنير ۾ عام طور تي هيٺيون شيون استعمال ٿينديون آهن:

  • پنير
  • مکڻ
  • سُڪا ڌاڻا
  • سُنڍ (اَدرڪ) پيسٽ
  • ٽماٽا ڪَٽيل
  • ڳاڙها مرچ
  • ڪِريم
  • قصوري ميٿي (سُڪي ميٿي)
  • ڌئونرو يا دهي
  • پسيل سئونف (الائچي)
  • ساوا ڌاڻا، ڪَٽيل
  • شاهي پنير ڪيڪ

پنير سان مختلف ڪيڪ تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي سائز ۽ سُواد (ذائقي) ۾ مختلف هوندا آهن، پر پنير ڪيڪ جي قِسمن منجهان سڀ کان مشهور ۽ سُوادش (ذائقيدار) شاهي پنير ڪيڪ سمجهيو ويندو آهي. ان جي تياريءَ ۾ مختلف شيون استعمال ٿينديون آهن. ان جي سجاوٽ جو به خاص ڌيان رکيو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]