شاهي پنير
شاهي پنير (کاٻو طرف) ۽ مکڻ، نان (ساڄي پاسي) | |
| نمونو | شوربو، رس Gravy |
|---|---|
| ملڪ | انڊين سب ڪانٽيننٽ |
| مکيہ شامل جزا | پنير, ڪريم, ٽماٽو, تِکاڻ |
ننڍي کنڊ پاڪستان هندستان ۾ شاهي پنير جي تياري ۾ پنير، ٽماٽرم ۽ بصر استعمال ڪيا ويندا آهن. تياري کانپوءِ ان ۾ ملائي شامل ڪئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڌئونرو سان به تيار ڪيو ويندو آهي.[1]
مغلن جي دور ۾ جن کاڌن ۾ ملائي استعمال ڪيو ويندو هيو، انهن کي شاهي کاڌا سمجهيو ويندو هيو. هي پڪوان ٽماٽر، بصر، زميني کاجو، مکڻ ۽ ملائي کي ٻوڙ ۾ وجهي تيار ڪيو ويندو آهي. پنير ڪيوب ۽ مختلف قسم جي مصالحن کي به ان ۾ وِڌو ويندو آهي. [2] اهڙي طرح جي کاڌي (پڪوان) ۾ پنير مکڻ، تِکاڻ ۽ ڪڙائي پنير شامل آهي. پنير مکڻ تِکاڻ ۽ شاهي پنير جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پنير مکڻ تِکاڻ (مصالحو) ۾ تمام گهڻو تِکاڻ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته پنير مکڻ مصالحي جي ڀيٽ ۾ شاهي پنير سُواد مِٺو هوندو آهي. شاهي پنير، جنهن کي پنير رجواڙي، ڇنه رجواڙي، يا راجسي ڇنه به چيو ويندو آهي، ڇنه يا پنير جي تياري آهي، جيڪا هندستاني برصغير جي آهي، جنهن ۾ ڪريم، ٽماٽن ۽ هندستاني مصالحن جي ٿلهي گريوي شامل آهي.
شاهي پنير جون شيون
[سنواريو]شاهي پنير ۾ عام طور تي هيٺيون شيون استعمال ٿينديون آهن:
- پنير
- مکڻ
- سُڪا ڌاڻا
- سُنڍ (اَدرڪ) پيسٽ
- ٽماٽا ڪَٽيل
- ڳاڙها مرچ
- ڪِريم
- قصوري ميٿي (سُڪي ميٿي)
- ڌئونرو يا دهي
- پسيل سئونف (الائچي)
- ساوا ڌاڻا، ڪَٽيل
- شاهي پنير ڪيڪ
پنير سان مختلف ڪيڪ تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي سائز ۽ سُواد (ذائقي) ۾ مختلف هوندا آهن، پر پنير ڪيڪ جي قِسمن منجهان سڀ کان مشهور ۽ سُوادش (ذائقيدار) شاهي پنير ڪيڪ سمجهيو ويندو آهي. ان جي تياريءَ ۾ مختلف شيون استعمال ٿينديون آهن. ان جي سجاوٽ جو به خاص ڌيان رکيو ويندو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Shahi Paneer: The taste of North India", tastyfix.com۔
- ↑ "Shahi Paneer Recipe", Foodviva.com۔